Editor’s pick
-
غير يقيني زندگي: لهرن تي لڙهندڙ وجود،جنھن ۾ سڀاڻي جي ڪاڄاڻ نه هجي
غير يقيني واري زندگي انسان کان سندس وقار، سڪون ۽ اميد کسي ٿي. اها ماڻهن کي رڳو زندهه رهڻ تائين محدود ڪري ڇڏي ٿي. اها ماڻهن، رياستن، حڪومتن ۽ اوسي پاسي جي سماج جي ذميواري آهي ته هو ماڻهن کي سڀاڻي کان ڊڄڻ بدران اميد ڏين ۽ اڳتي وڌڻ لاء…
« وڌيڪ پڙھو -
گيتن جي گُونجار: ساري ڌرتي وستي وستي، ريٽا ريٽا رنگ…
مير محمد پيرزادو گيت جو اھڙو انوکو شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ جي گونجار ڌرتي جي پھاڙن مان پڙاڏو بنجي گونجي ٿي ۽ فطرت جا حسين منظر آڏو آڻي سونهن جو سنگم جوڙي ٿي وحيد محسن شاعري نفيس احساسن ۽ گلن جي خوشبوئن سان مھڪي شاعر جي وجود ۾ وسي…
« وڌيڪ پڙھو -
سنڌ جي قديم شھر رتيديري جون ڍڪ بازارون، مندر ۽ ماڙيون
ڍڪ بازارن يا ڍڪيل بازارن جا ڪجھ حصا اصلي حالت ۾ اڄ بہ موجود آھن. اھي بازارون وڏي رٿابنديءَ سان ترتيب ۾ ٺھيل ھيون. سنڌ ۾ ھندو برادريءَ جا ماڻھو پنھنجي رھائش لاءِ محل ماڙيون اڏڻ جا شوقين رھيا آھن. ھر شھر ۾ سندن ماڙيون اڄ بہ موجود آھن. رتيديري…
« وڌيڪ پڙھو -
ٽول ٽيڪس جي نالي ۾ ڦُُرلُٽ: رستا تباھ، بااثر ماڻھن کي ڇُوٽ، عام ماڻھن تي عذاب
سنڌ ۾ هر قومي ۽ صوبائي شاهراهه تي ٿوري ٿوري پنڌ تي ٽول پلازا آهن پر روڊن جي حالت انتهائي خراب آهي. ٽيڪس جو اصل بار عام ماڻهو کڻي ٿو. قانون ۽ پاليسيون ٺاهيندڙ بااثر ماڻھو انهن ئي پاليسين کان آزاد هوندا آهن. سويڊن ۾ ھرھنڌ ٽول پلازا ناھن. اتي…
« وڌيڪ پڙھو -
مان باغي آھيان, پِتا جو نالو اِنقلاب ۽ ھيءَ مُقدس ڌرتي منھنجي ماتا آھي
وطن سان محبت ۽ ان جي آزادي ڏوھ يا گناھ ناھي, بلڪـ عين عبادت ۽ ثواب آھي ـ ڏوھي مان نـ بلڪـ اوھان انگريز آھيو, جو ست سمنڊ پار ڪري, ھندستان ۾ اچي قابض ٿيا مون ريل ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، موقعو مليو تہ انگريزن کي اڃان وڌيڪ نقصان ڏيندس…
« وڌيڪ پڙھو -
رات ھڪ طوفان جي جڏھن ھڪ نياڻيءَ جي عزت، جسم ۽ رُوح کي جھير ڏنا ويا
ٽرڙو وڏيرو گهر جي حرمت کي لتاڙيندي، معصوم نياڻي شادبانوءَ کي زوري کڻي نه رڳو سندس عزت سان کيڏندو رھيو پر وحشياڻي نموني تشدد به ڪندو رھيو اها رات شادبانوءَ لاءِ فقط رات نه هئي، پر زندگيءَ جو اهو لمحو هو، جيڪو سدائين سندس روح تي زخم بڻجي رهندو. سندس…
« وڌيڪ پڙھو -
سچ جو زوال ۽ فتني جو عروج: اڄ اسان سڀ ھڪ دجالي دور مان گذري رھيا آھيون
جڏهن چوڌاري ڪُوڙ جو طوفان هجي، تڏهن سچ تي بيھڻ ئي سڀ کان وڏي عبادت آهي. دجالي دؤر جو مقابلو رڳو نعرن سان نه، پر عملي سچائيء ۽ پختي ڪردار سان ئي ممڪن آهي. حڪيم پريم چاندواڻي انساني تاريخ جي ورقن کي جيڪڏهن غور سان پڙهجي ته معلوم ٿيندو ته…
« وڌيڪ پڙھو -
اڄ پيار، محبت ۽ تخليق جو اُھڃاڻ بسنت پنڇميءَ جو ڏڻ ملھايو پيو وڃي
بسنت پنڇمي اصل ۾ بھار جي مُند جي آمدجوڏڻ آھي. ڪن روايتن موجب انھيءَ کي سرسوتي ديويءَ جي پُوڄا جو ڏڻ بہ سڏيو وڃي ٿو. بسنت کي جذبن سان ڀرپور ھڪ نئين مُند جي شروعات تصور ڪيو وڃي ٿو جڏھن نوجوانن جي دلين ۾ پيار ۽ محبت جا جذبا جاڳندا…
« وڌيڪ پڙھو -
سماجي مسئلو: وياج خوري انساني سماج لاءِ زهر بڻجي چُڪي آھي
اسان جو سماج معاشي تنگيءَ جي ور چڙهيل آهي. هتي غريب ماڻهو قرض ان لاءِ نٿو کڻي ته عياشي ڪري، پر ان لاءِ کڻي ٿو ته ٻارن جي بيماريءَ جو علاج ڪرائي، ڌيءَ يا پٽ جي شادي ڪرائي، يا گهر جو چلهو ٻاري حڪيم پريم چاندواڻي وياج خور ٿا، رت …
« وڌيڪ پڙھو -
سنڌ جي نياڻي آسيه کوسو: غيرقانوني گرفتاريءَ کان اجتماعي ڏاڍائيءَ تائين
جيڪب آباد جو هي واقعو رڳو هڪ فرد سان ٿيل ظلم نه، پر نظام جي ناڪاميءَ جو عڪس آهي. جيڪڏهن اهڙن سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي سخت ۽ مثال بڻجندڙ ڪارروائي نه ڪئي وئي ته قانون تي عوام جو اعتماد وڌيڪ ڪمزور ٿيندو مُشتاق ٽانوري جيڪب آباد جي شھر…
« وڌيڪ پڙھو