ٻوڏون ۽ رٿا بنديءَ جا ڪجھ پھلُو
سنڌ ۾ زمين جي استعمال جي رٿابندي بنھ غلط ڪئي وئي آھي۔ اسان ھر قسم جي اڏاوتي ڪم سان ٻوڏ جي اثرن کي وڌايو آھي ۽ پاڻيءَ جي قدرتي وھڪرن ۾ رنڊڪون وڌيون آھن
محمد احسان لغاري
سنڌ ۾ ٻوڏن کي سنڀارڻ جي ذميداري درياھي ٻوڏ جي حساب سان مڪمل طرح آبپاشي کاتي جي آھي، جڏھن تہ تمام وڏين ٻوڏن جي صورت ۾ پاڪ آرميءَ جي مدد شامل هوندي آهي. اِهو آئيني گهاڙيٽو آهي، جنھن تحت آفتن جي ڪنھن بہ صورتحال ۾ (بري، بحري ۽ فضائي) فورس مدد لاءِ اچي ويندا آهن. بندن جي سنڀار، هوشياري ۽ چؤڪسيءَ جي حساب سان بند سان گڏ ويٺل برادريون، عام ماڻھو، لوڪل سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پڻ ان ۾ حصو وٺندا آهن. ياد رکڻ کپي تہ 2022 واريون ٻوڏون، سنڌ ۾ دريائي ٻوڏون نہ ھيون؛ مينھن جي شديد وسڪاري، جبلن تان تڪڙو وھي آيل نئن، ڊرينن جي ٽٽڻ ۽ اٿلڻ، غير درياهي بندن ( اي ف پي، سپريو وغيرھ) ۽ پاڻي جي پاڪيٽنگ ۽ وھڻ جي رنڊڪن واري سببن جي ڪري اھا وڏي ٻوڏ آئي ۔ ڊرينن جي سنڀار پڻ آبپاشي کاتي تي آهي ۽ مدد لاءِ پڻ ٻيا ادارا اچي ويندا آهن۔ پاڻي کي ان جي حدن ۾ جيئن درياھہ، واھہ، ڊرين کي صحيح سلامتي سان سمنڊ تائين پھچائڻ يا آئوٽ فال /ڇوڙ واري جاءِ تائين بنا نقصان جي پھچائڻ آبپاشي کاتي جي مُکيہ ذميداريءَ ۾ اچي ٿو۔ جڏهن تہ تمام وڏي ٻوڏ، طوفاني مينھن يا ڪنھن ٻي سبب جي ڪري مقرر ڪيل حدن مان پاڻي نڪري ٿو تہ پوءِ ماڻھن کي ڪڍڻ، سلامتي واري جاءِ تي پھچائڻ ۽ ان سان لاڳاپيل بنيادي ڪمن ۾ ضلعي انتظاميہ/روينيو کاتو جنھن جي اندر مختيارڪار، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر اچن ٿا اُهي اچي وڃن ٿا. سامان جي ترسيل ۽ ٻيا ڪم پوءِ جوابي ڪاروائي طور تي پي ڊي ايم اي ڪري ٿي. پي ڊي ايم اي وارو قانوني ۽ ادارتي ڍانچو جيتوڻڪ گهڻو اهم آهي ۽ وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيو آهي، پر ان جي مضبوطيءَ جي رفتار تمام گهٽ آهي، جنھن تي تمام گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
2011، 2012، 2020 ۽ 2022 وارين ٻوڏن دؤران نڪتل پاڻيءَ کي ڪڍڻ جو ڪم آبپاشي کاتي گهڻين جاين تي ڪيو۔ خاص ڪري 2011 ۾ پاڻيءَ جو سلوپ، لاهين ۽ رڪاوٽن جي حساب سان سائين محمد ابراهيم سمون جھڙي قابل انسان ۽ انجنيئر ضلعن جي سلوپ جا نقشا آبپاشي ۽ سيڊا جي سھولت لاءِ جوڙيا. ان ۾ ان وقت جي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ جن جو بہ اھم ڪردار ھو۔ ان سان گڏ ڪي واهہ، روڊ، اڏاوتون، ريلوي لائين مينھن جي قدرتي وھڪري ۾ رڪاوٽ بڻجڻ ٿيون، ڊگهائي ڦاڪ ۽ ويڪرائي ڦاڪ (لانگيٽوڊ ليٽيٽيوڊ يا سولي ٻولي ۾ ڪوآرڊينيٽ) سان انھن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. جنھن ۾ اٺن ضلعن اندر 350 کان مٿي اھڙن ھنڌن کي ڪوآرڊينيٽن سان نروار ڪيو ويو۔

اھي ڳالھيون چٽيءَ ريت ظاھر ڪن ٿيون تہ اسان زمين جي استعمال جي رٿابندي ڪيڏي نہ غلط ڪئي آھي۔ اسان ھر قسم جي اڏاوتي ڪم سان ٻوڏ جي اثرن کي وڌايو آھي ۽ پاڻيءَ جي قدرتي وھڪرن ۾ رنڊڪون وڌيون آھن۔ ھاڻ اچو تہ زمان ۽ مڪان ( وقت ۽ مڪان/جاءِ ) کي ڪجھ سمجھڻ جي ڪوشش ڪيون۔ مڪان/اسپيس کي وصف ڏيڻ لاءِ اسانکي ڊيگهہ، ويڪر ۽ ٿولھ/ عمق جي ضرورت پوي ٿي! ڌرتيءَ جي ھن گولي تي ڪھڙي شيءِ ڪٿي ۽ ڪھڙي حالت ۾ ڪيترو اسپيس/جاءِ والاري ٿي، سو انھن ٽن رخن/ڊائمينشن سان ظاھر ڪيو وڃي ٿو. ھاڻ پاڻي ڪھڙي پاسي ڪيئن، ڪيترو وھندو، ان زمين جي لاھي/(يا چاڙھي) ڪيئن آھي. اھي ٽيئي رخ/ڊائمينشن ان ڳالھ جي بابت ٻڌائن ٿا- جيڪڏھن ڪنھن زمين تي ڪو شھر اڏجي/ڪا ڪالوني اڏجي يا ڪو روڊ ٺاھجي تہ ڏسڻو پوندو تہ ان اسڪيم ٺاھڻ لاءِ ۽ ان کي ڪجهہ پائيداري ۽ موسم حالتن مطابق ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻو آھي.
ھڪ روڊ جو مثال وٺون: روڊ ٺاھڻ وقت ڏسڻو پوندو، ڇا روڊ جيڪو مٿي ڪري ٺاھيو ٿو وڃي، اھو پاڻي جي قدرتي لاھي کي تہ نٿو روڪي، زمينن، شھرن يا ڪنھن ٻي جاءِ جي لاءِ پاڻي کي ڪنھن پاڪيٽ جي صورت ۾ تبديل تہ نہ ڪندو. ڇا اتان جي زمين جي سطح جي سروي ڪئي وئي آھي، پاڻيءَ جي لنگھن جو ڪو حساب رکيو ويو آھي، جيڪي ڪلورٽ يا لول ڏنا ويا آھن، اُھي صحيح جڳھ تي آھن يا پاڻي جو ھڪ مخصوص مقدار ڪڍي ٿا سگھن يا نہ؟ ان کان پوءِ ڇا روڊ جي پنھنجي لاھي ۽ ليول صحيح رکي وئي آھي، ائين نہ ٿي جو روڊ تي پاڻي بيھي رھي! ۽ جيئن سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ٿيندو آھي. ويچارا روڊ جت جي ڪنواٺ جيان ھڪ مينھن جي مار ھوندا آھن!

روينيو/تپيدار ۽ مختيارڪار وٽ ديھ ميپ/نقشا ھوندا آھن، سروي نمبر واري تفصيل بہ روينيو وارن وٽ ئي ھوندي آھي ۽ انھن سروي نمبرن ۽ ديھ جي نقشن ۾ پڻ پاڻي جا رستا، لنگھ، ڀڏا، لاھيون ڏيکاريل ھونديون آھن، ٻيو تہ سڄي سنڌ جو سلوپ جو نقشو ٺھيل آھي. ٽيون تہ مقامي سطح تي ماڻھن کي خبر ھوندي آھي تہ ڌڻيءَ جي طرفان پاڻيءَ جا مقرر ڪيل لنگھ ڪھڙا آھن. ھاڻ پڇڻ گھرجي پنھنجو پاڻ کان تہ ڇا جيڪو اڳ ۾ ئي رڪارڊ پيل آھي ۽ مختلف کاتن وٽ موجود آھي، انھن جو پاڻ ۾ رابطو، NOC/ نو آبجيڪشن /اعتراض نہ ھجڻ وارو سرٽيفڪيٽ کي چڱي ريت ڇنڊڇاڻ ڪري ڏيڻ يا سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ڪو تڪليف ڪري ٿو؟يا ھڪ ٻئي سان سرڪاري ڪم ڪرڻ لاءِ سھڪار موجود آھي، ڪيو ويندو آھي يا نہ؟ اھي بنيادي شيون، نہ پئسو گھرن ٿيون ۽ نہ ئي ٻيا وسيلا! صرف ھڪ سھڪار ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ۽ ڪم ڪرڻ کان نابري وارڻي آھي. ڪنھن کي ڇا، ڪيئن، ڪڏھن، ڪنھن سان گڏ، ڪيترو ڪم ڪرڻو آھي، اھڙن سوالن جا جواب ڏئي مسئلن کي سلجھائڻو ھوندو آھي. ھڪ روڊ ٺاھڻ لاءِ: ورڪس ۽ سروس، روينيو، آبپاشي (جيڪڏھن اتان ڪو واھ، واٽر يا ڊرين گذري ٿو)، مڪاني ادارن، رٿابندي ۽ ترقي ۽ ناڻي وارا ادارا سڌي ۽ اڻ سڌي طرح شامل ھوندا آھن. انھن سڀن ڳانڍاپن ۾ ڇا ڪجھ بنيادي سوال سامھون اچن ٿا: (1) پاڻيءَ جي وھڪري/رستن ۾ ڪا رڪاوٽ اچي ٿي يا نہ؟ (2) ڇا اھو روڊ 30، 40، 50، 60 يا 80 ملي ميٽر مينھن تي ٽٽندو؟ ڪيترا مينھن ۽ ڪيترا چوماسا ھلندو؟ ڇا موسمي پاليسي ۽ ڪا روڊ پاليسي آھي. جنھن ۾ ان بابت ڪجھ لکيل آھي؟ ڇا پي ڊي ايم اي جي پلان يا نقشن کي ڪنھن کڻي ڏٺو؟ ڇا ڊزاسٽر رسڪ رڊڪشن جون ڳالھيون ڪو پڇي ٿو؟ ڇا ڪنھن پڇيو تہ 2022ع ۾ ان روڊ جي آسي پاسي پاڻي ڪٿان ٽپيو ھو؟ جتان روڊ لنگھي ٿو، اتان جي ڪنھن ماڻھو کان پڇيو ويو؟! سڀ اھي سوال سادا، بنا پئسي جي آھن ۽ ڪنھن بہ پراجيڪٽ جي ڊزائين جا بنياد آھن.
ھڪ ڏکيو سوال جيڪو پڇڻ کپي، ڪو ڪونہ ٿو پڇي، تہ جيڪو پراجيڪٽ جي مٿان لوڊ/وزن وڌو ٿو وڃي، ننڍي کان ننڍي سطح جي بار کان وٺي وڏي کان وڏي سياسي، سماجي، ادارتي سطح تائين، ان جي نتيجي ۾ اھو روڊ، اڏاوت يا ڪم ڪنھن بہ آفت يا آفت کان اڳ واري حالتن ۾ ڪيترا سال، ڪيتري معيار سان رھي سگھي ٿو!؟
ترقيءَ جي اڏاوتي ڍانچي تي وڌل ان مالي بار کي گھٽ ۾ گھٽ اڌ تائين آڻڻ جي ضرورت آھي. اسان پاڻ کي ڪو جلد جاپان، ناروي يا ڊينمارڪ جي جاءِ تي ڏسڻ جا خواھشمند ناھيون پر ٿائلينڊ، مليشيا جھڙو ٿيڻ جو خواب ڏسي سگھون ٿا۔ ان تي کلي طرح بحث ڪرڻ ان لاءِ ضروري آھي جو موسمي تبديلي جي شدت ھاڻ ڪنھن بہ ڪمزور اڏاوت کي نہ ڇڏيندي. اسان جو طرز حڪمراني جو ھاڻوڪو ماڊل وڌيڪ وقت لاءِ جيئن جو تيئن ھلي نٿو سگھي. اسان جي وڌندڙ شھري آبادي، غربت ۾ اضافو اھڙيون ڳريون حقيقتون آھن جنھن جي باري ۾ سوچڻ سان گڏ عمل ڪرڻ اڻٽر ٿي پيو آھي.
ائين ناھي تہ بھتر معيار جي ڪمن جا مثال ناھن، ھاڻوڪو جڙيل حيدرآباد جو آٽوڀان روڊ، ان کانسواءِ سرڪاري، خانگي سھڪار سان ٺھندڙ روڊ، سرڪاري دل واريون اسپتالون، ڪجھ ٻيون عمارتون، يو ايس ايڊ ۽ جائڪا جا اسڪول، سرسو جو عورتن جي حقيقي بااختياريءَ جو اعليٰ مثال، ٻوڏ کان پوءِ جا جڙندڙ ويھن لکن کان مٿي گھر، سڀ بھترين نخلستان آھن. ھتي جيڪا پاڻ ڳالھ ڪيون پيا، سو کاتن جي وچ ۾ بھتر سھڪار، ڪنھن بہ ڪم/اسڪيم جي مقصديت کي چٽي ريت سمجھڻ، ان کي زميني حالتن مطابق مسئلي يا مسئلن جو حل تحت جوڙڻ ۽ ڪم ڪرڻ آھي! ھڪ روڊ جو مثال ڏيئي پاڻ سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي سون تہ اھڙا ڪم جنھن تي نہ پئسو لڳڻو آھي ۽ نہ ئي ڪي ٻيا وسيلا استعمال ٿيڻا آھن، صرف ڪم ڪرڻ جا طريقا بدلائڻا آھن، ھڪ وسيع رخي ۽ بنيادي ڄاڻ کڻي اچڻي آھي ۽ ڪم ٽپائڻ واري عادت کي پاسيرو ڪرڻو آھي!
زميني حالتن جي جوڙجڪ بابت سڀ کان وڌيڪ ڄاڻ، تاريخي ۽ ادارتي ورثو، مالڪي روينيو ڊپارٽمينٽ وٽ آھي، ھي اُھو ئي کاتو آھي جنھن جي وسيلي انگريز بھادر جي حڪومت وسيع برصغير/ننڍي کنڊ تي مستحڪم رھي، حاڪميت ۽ غلاميءَ جو سرشتو قائم ٿيو، جاگيرون عطا ڪيون ويون، ٽيڪس اڳاڙيا ويا، انتظام کي برپا ڪيو ويو. ان کاتي وٽ ئي انگريزن جي ڪيل تفصيلي سروي رڪارڊ، نقشا، ديھ کان وٺي صوبي تائين مڪمل تفصيل سان ٺھيل ۽ وقت سان گڏ واڌاري سان موجود رھيا. يورپ ۾ انگريز شايد زميني سروي ڪرڻ ۾ سڀن کان وڌيڪ اڳتي ھئا. ان ڪري انھن بنيادي نقشن ۾ زمين جا سڀئي نشان لکيل ھوندا ھئا. ان رڪارڊن کي سنڌ حڪومت 2009ع کان مختلف وقتن ۾ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھي ۽ ھاڻ پڻ ان ڏس ۾ اھم ڪم سنڌ حڪومت ڪرائي رھي آھي، ھتي ذڪر ڪرڻ جو مقصد آھي تہ يوسي کان وٺي ضلعي تائين تفصيلي نقشا ان کاتي جي تاريخي رڪارڊن سان ئي بھتر جڙي سگھن ٿا. ان نقشن کي جديد ريزوليشن جي نقشن سان جوڙي ھر اسڪيم کي ڏٺو وڃي تہ ان جي ٺھڻ جي نتيجي ۾ ڪٿي ٻوڏ جو اثر وڌندو يا گھٽندو، يا ٻوڏن جي وڏن خطرن کي گھٽائي سگھبو، موسمي تبديليءَ سان موافقت پيدا ڪري سگھبي يا نہ؟ سڀن کاتن ۽ اسڪيمن جو مربوط ڳانڍاپو ھي زمين ئي آھي، جنھن تي ٻوڏون اچن ٿيون، ماڻھو گرمي جي لھر سھن ٿا، زلزلن کي منھن ڏين ٿا، پرند چرند پنھنجي ڍنڍن ڍورن کي سڪندو ۽ گدلاڻ ڀريو ٿيندو ڏسن ٿا! ۽ جيڪو ڪجهہ ٿئي ٿو اتي ئي ٿئي ٿو! ھن چوماسي ٻڌائي ڇڏيو آھي تہ مربوط رٿابنديءَ ۽ کاتن جي گڏ ڪم ڪرڻ/سھڪار ڪرڻ کانسواءِ مستقبل جي ڏچن کان بچي سگھبو ۽ نہ ئي انھن کي گھٽائي سگهبو!
_______________

محمد احسان لغاري پاڻيءَ جي معاملن جو ماھر آھي ۽ انڊس رِور سسٽم اٿارٽيءَ ۾ ميمبر طور سنڌ جي نمائندگي ڪري ٿو



