Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

نہ آغاز جن جو نہ انجام جن جو…

آغاز ۽ انجامَ نالي ڪتابَ جا پھريان ۽ آخري پنا ڦاٽل آھن. وچَ وارو اکٽَ سلسلو سامونڊي لھرن (Sea waves) وانگر وھي رھيو آھي.

رشيد احمد خاصخيلي

مان چاھيان ٿو جيڪا ڳالھ منھنجي ذھن ۾ اچي اُھا ھڪدم چئي

ڏيان“ (والٽئر)

گھڻو نہ سوچَ مون والٽئر جو اقتباس ان ڪري اڳيانَ رکيو آھي جو ان جو مفھومَ لاڀائتو آھي. غور ڪري محسوسَ ڪندي تہ ھي جملو توکي اظهار آزاديءَِ اظهار، خودمختاري، ۽ ذهني سچائيءَ جو اظهار نظرَ ايندو. ان جو مطلب آهي تہ ماڻهوءَ کي اهڙي آزادي هجڻ گهرجي جو هو بنا ڊپ جي، بنا سينسر جي، پنهنجي سوچ کي بيان ڪري سگهي.!

نہ ڄاڻان تو ڇو حسرتن کي ورجايو آھي؟ حسرتون جيڪي خوابن جون جاڙيون ڀينر آھن، _ حسرت تہ ذھن جي ڦرھيءَ تي لکيل اڻپورو جملو آھي، ۽ اڻپورتا ھن سرشٽيءَ جو وجود_ گھڻا ذھن حسرتن  کي ناڪاميءَ جو ڳوٺ چوندي ويرم ڪونہ ٿا ڪن ھنن لاءِ ان ڳوٺ جون گھٽيون نراسائيءَ جي نالن تي ٻڌل آھن، پرَ جي غور ڪجي تہ حسرت شعور جي پختگيءَ جو مرحلو ٿي پوندي، ۽ اُھا ئي شعور جي واڌ جو اڻٽر حصو، سوچ جڏھن انسان ڪجھ نہ ٿو ماڻي تڏھن ئي ھو انھيءَ شيءِ جو قدر ڪرڻ لڳي ٿو.

انساني زندگي ڪنهن بہ پورڻتائي  شڪل ۾ موجود ناهي، نہ داخلي طور، نہ سماجي، ۽ نہ ئي روحاني سطح تي. هر انسان، هر زماني ۾، ڪجھ اهڙو چاهي ٿو جيڪو يا تہ ان وٽ موجود ناهي، يا موجود هئڻ باوجود، سندس خيال موجب، اڻپورو آهي. هن احساس جا ممڪن آ ڪيترائي نالا ھجن، پر  “اڻپورتا” مون کي وڌيڪ موثر لڳي ٿو. اهو ئي احساس حسرت پيدا ڪري ٿو، ۽ حسرت ئي شعور، تخليق، ۽ تجربي جو بنياد رکي ٿي. ائين ڏسجي تہ “حسرت” رڳو جذبو ناهي، بلڪہ انساني وجود جي حرڪت جو مُحرڪَ بہ آهي. ڪائنات جو هر ذرڙو نامڪمل آهي. دنيا جي هر شيءِ مسلسل تبديل ٿيندڙ، حالت ۾ آهي. ائٽم جي اندر حرڪت، ڌرتيءَ جي گردش، ستارن جي فنا، ۽ نون نظامن جو جنم، اُهي سڀ ان تسلسل جا مثال آهن، جنهن ۾ مڪمل هجڻ جو تصور ئي غلط آهي. ڪا بہ شئي ڪنهن بہ حال ۾ مڪمل ناهي. هر فن، هر نظرئي، ۽ هر تخليق جي پٺيان هڪ سوال، هڪ اوڻائي، يا هڪ تشنگي موجود رهي ٿي. هڪ معمار جوڙڻ کانپوءِ بہ وڌيڪ بهتر جوڙڻ ٿو چاهي، هڪ فنڪار رنگن جي اُڻت ۾، هڪ شاعر لفظن جي ٽڪرن ۾، ۽ هڪ سائنسدان تجربن جي ناڪاميءَ ۾، اهو ئي عنصر ڏسي ٿو جنھن جي کوٽ ئي ھنَ جو مارڳَ بڻجي وڃي ٿي. آغاز ۽ انجامَ نالي ڪتابَ جا پھريان ۽ آخري پنا ڦاٽل آھن، وچَ وارو اکٽَ سلسلو سامونڊي لھرن (Sea waves) وانگر وھي رھيو آھي_

ڪتين جا سوين قافلا رھگزر ۾

سفر ۾

سوين ڪائناتون

نہ آغاز جن جو نہ انجام جن جو…

(اياز)

اڻپورتا انسان کي پاڻ کان مٿاهين ڳالهن ڏانهن وٺي وڃي ٿي… نظريي، ڏاهپ، فن، سائنس، يا عشق تائين. جيڪڏهن انسان مڪمل هجي ها، تہ پوءِ نہ ڪو سوال رهي ها، نہ ڪو تحرڪ، نہ تخليق، ۽ نہ ئي اميد. زندگيءَ جو سڄو جوهر ان “تڪميل جي تلاش” ۾ آهي، جيڪا ڪڏهن بہ مڪمل نہ ٿي ٿيئي جنھن کي اڻپورتا ۽ حسرت چئون تہ بجاءِ آھي.

عدم مان وجود اڻپورائي جو نہ کٽندڙ سفر_ اڻپورائي ئي زندگيءَ جي جاري رھڻ جو جواز آھي_ اڻپورتا ئي اُھو دروازو آھي جتان روشنيءَ پنھنجا پير اڳيان سوري ٿي، دنيا جي ساري ڏاھپَ اڻپورتا جو نتيجو آھي. ۽ ڪنھن بہ ڏاھي اڻپورتا جو دروازو ڪڏھن بند ناھي رکيو_

ھي دروازو اڃا تولاءِ کليل آھي،

۽ اڃا تائين مون کي ننڊ ناھي،

۽ ائين تولاءِ اُڃايل،

ايترو ترسي سگھان ٿو،

جيترو ڪوئي نہ ترسي.

(شيخ اياز)

جيڪڏھن دروازا بند ٿي وڃن تہ پوءِ رڳو غرور بيحسيءَ ۽ اداسيءَ جا پاڇا ئي ھن پرٿويءَ تي ناچ ڪرڻ لڳندا پرَ ائين ڪو بہ ديوتا نہ چاھيندو_ شيوَ ديوتا لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ” ھي فطرتَ جو ديوتا ھو، ھزارين صورتون پيدا ڪري ٺاھي ڊاھي انھن جي جاين تي نين شين آڻڻ جي ڏات سان موصوف ھو.“ ڇا ھن جي اڻت حسرتن جو دليل ناھي؟ يا ھن جي ٺاھ ڊاھ اڻپورتا جي ڪشمڪش ناھي؟

ساڳي ريت، يوناني ديوتا Prometheus،( پرومٿيوس) جنهن انساني لاءِ باھ چوري ڪئي، سو بہ تہ حسرتن جو نمائندو هو— ھڪَ پاسي ھن جي اھڙي ڪوشش بغاوت جو اُھڃاڻ آھي، تہ ٻئي پاسي حسرتَ، ھن ديوتا جي اھڙي حسرتَ مان نشانڀر ٿيئي ٿو تہ ھن چاھيو پئي تہ پرٿويءَ جي گولي تي انسان آخر اونداھ ۾ ڇو جيون بصر ڪن، ھنن  کي باھ جھڙي روشنيءَ کان آشنا ڇو نہ ڪجي، ۽ ھن آخر اُھو ڪارنامو سر انجام ڏنو ۽  پاڻ مٿان زيوس ديوتا جي ڏمر کي قبوليو_ جيڪڏھن ان ڪشمڪش کي ديوتائن ۽ انسان کان پري ڪري ڇڏجي تہ زندگيءَ جو توازن (Balance of life) ڪيئن قائم رھي سگھندو_؟ ھراقلطس اڄ کان پنجويھ ڇويھ صديون اڳ ڪيڏي نہ ڀلي ڳالھ ڪئي ھئي: ” سڄيءَ ڪائنات ۾ جنگ ۽ جھيڙو آھي، شين جي ھُجڻ جو اصل سبب ٽڪراءُ آھي، ھر شئي ٿيڻ جي عمل ۾ آھي، ھر وقت ھر لمحي تبديليءَ ۽ حرڪت آھي.“

اچ تہ  ايمپيڊاڪلس، جي نظم (فطرت بابت) مان ھي ڳالھيون پڙھون ” چرٻٽ ۽ ڀوڪ ماڻھو اھو ٿا سمجھن تہ جيڪي شيون وجود نہ ٿيون رکن اھي وجود ۾ اينديون ۽ ھي موجود شيون بغير ڪنھن نشان ڇڏڻ جي ختم ٿي وينديون، ناس ٿي وينديون آءُ توھان کي اھو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس تہ اصل حقيقت ڇا آھي؟ فطرت ۾ ڪنھن بہ اھڙي شئيءَ جو وجود ئي ناھي جيڪا مري سگھي. ڪابہ شيءِ سڄي جو سڄي تباھ نہ ٿي ٿئي فطرت ۾ تہ فقط شين جي ڀڃ ۽ گھڙ ٿئي  ٿي.!“

ڪڏھن تہ دل چوندي آھي پيانٿيال (جتي فرانس جو عظيم ھستيون دفن آھن) تي  وڃي والٽئر جي روح سان خوب ڪچھري  ڪريان ۽ ھنَ کان اُھي جملا اڌارا وٺي تنھنجي دماغَ جي باغَ ۾ پوکيان تہ ” پنھنجو پاڻَ سوچو“ ” اي ڌڻي تنھنجا ڪرشما تنھنجي ذات جا دليل آھن، اي ڌڻي منھنجو اُھو آخري اقرار ٻڌَ جيڪڏھن مون ڪا غلطي ڪئي تہ اُھا تنھنجي قانون جي ڳولا لاءِ ھُئي.“

_____________

رشيد احمد خاصخيلي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڄامشوري سنڌ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button