Editor's pickMain Slideثقافت

سچو سترام ڌام جي گادي نشين واري چونڊ جو مسئلو حل ٿي ويو

تازو ديھانت ڪري ويل ستين گادي نشين سائين ساڌ رام جي فرزند روھت لال کي باضابطه پڳ ٻڌرائي وئي.  ڇھين گادي نشين ڪنيا لال جي پٽ سائين وڪرم لال عرف راجا سائين چاھيو پئي ته سندس سندس پاليل پٽ روچت لال پٽ ٻلي رام کي اٺون گادي نشين ڪجي پر مريدن جي چاھنا ۽ گھڻي اصرار تي ستين گادي نشين جي پٽ شھزادي روھت لال کي ڪيو ويو. بحرحال روچت لال کي به ڏھرڪي ڌام جي شيوا ۾ گڏ ھڪ مانائتي حيثيت طور ايڊجست ڪيو ويو آھي.

گاديءَ تي خانداني جھڳڙن جو ڪارڻ تمام گھڻي آمدني ۽ ھڪ کان وڌيڪ شاديون آھن. ھن گاديءَ جا اختلاف به گھڻين شادين مان  پيدا ٿيل گھڻي اولاد جي حصي داري جي مسئلن تي آھن، جيڪي بلڪل ختم ٿيڻ جھڙا ناھن ۽ ھلندا رھندا.

لالچند موٽواڻي

ڏھرڪي: 

سنڌي ھندن جي مشھور گادي سچو سترام ڌام (SSD Dham) جي اٺين گادي نشين جو اختلافن جي ور چڙيل چونڊ جو سلسلو پڄاڻيءَ تي پھتو ۽ سائين سترام داس جي نياڻي ماتا ھري ٻائي جي ھلندڙ ٽئين ڏوھٽاڻي پيڙھي جي شھزادي روھت لال کي باضابطه پڳ ٻڌرائي اعلان ڪيو ويو. مقرر ڪيل اٺون گادي نشين 32 ساله روھت لال تازي ديھانت ڪري ويل ستين گادي نشين سائين ساڌ رام جو پٽ آھي جيڪو 11 نومبر 1994 ۾ رھڙڪي ۾ پيدا ٿيو ۽ بزنيس ۾ بيچلر ڊگري پاس آھي. ھن کي سائين ساڌ رام ھن سال ئي 19 فيبروري 2026 تي ڪشمور جي ديوان درشن لال جي گھران پرڻايو ھو. 

گاديءَ جي شيوا ۾ حصو وٺندڙ ڇھين گادي نشين ڪنيا لال جي پٽ سائين وڪرم لال عرف راجا سائين چاھيو پئي ته سندس سندس پاليل پٽ روچت لال پٽ ٻلي رام کي اٺون گادي نشين ڪجي پر مريدن جي چاھنا ۽ گھڻي اصرار تي ستين گادي نشين جي پٽ شھزادي روھت لال کي ڪيو ويو. بحرحال روچت لال کي به ڏھرڪي ڌام جي شيوا ۾ گڏ ھڪ مانائتي حيثيت طور ايڊجست ڪيو ويو آھي.

ياد رھي ته سائين ڪنورام جي شھادت کانپوء گدي وري سائين سترام داس جن جي نياڻي ھري ٻائي جي اولاد ڏانھن ھلي آئي. ٽي گادي نشين سائين چندي رام، سائين ڀڳوان داس ۽ سائين ڪنيا لال ماتا ھري ٻائي زال بابا ڪرشن داس جروار نواسي جا پٽ ھئا ۽ ائين سائين سترام داس جن جو شروع ڪيل سٺي ۽ قابل چيلي کي گدي ڏيڻ جو شاندر ۽ مثالي  سلسلو ختم ٿي ويو ۽ ڏوھٽاڻو خانداني سلسلو ھلندڙ آھي.

خانداني جھڳڙن جو ڪارڻ تمام گھڻي آمدني ۽ سنڌي مسلمان سردارن ۽ گادي نشينن وانگر گھڻو ڪري ھڪ کان وڌيڪ شاديون آھن جيئن سائين سترام داس ٻه، سائين چندي رام ٻه، سائين ڀڳوان داس ٽي، سائين ڪنيا لال ھڪ ۽ سائين ساڌ رام ھڪ. ھن گادي جا اختلاف به گھڻين شادين مان  پيدا ٿيل گھڻي اولاد جي حصي داري جي مسئلن تي آھن، جيڪي بلڪل ختم ٿيڻ جھڙا ناھن ۽ ھلندا رھندا.

ھن گاديءَ تي سنڌ جي دانشورن ۽ گھڻ گھرن سنڌي ھندن جي ھيٺين ذاتين جي فلاح ۽ بھبود متعلق سوال اٿاريا آھن ته اڻڳڻيا اثاثا ۽ آمدني ھوندي ھي گادي وڌيڪ ۽ حقيقي ضرورتمندن جھڙوڪ ميگھواڙ، ڀيل، ڪولھي ۽ باگڙي کي فلاح و بھبود ۽ شيوا جي پروگرامن ۾ شامل نه ٿي ڪري ۽ ھڪ متڀيد جاري رکيو آچي، اھو ختم ڪري ڀڳت ڪنور رام وانگر ھر ضرورتمند کي ھڪ نظر سان ڏسي. نئين چونڊيل گادي نشين سائين روھت لال مان اميد ڪجي ٿي ته ھو ايس ايس ڊي ڌام جي شروع ڪيل تعليم ۽ صحت جي پروگرامن کي بنان فرق جي ھيٺين ذاتين ڏانھن وڌائيندو ۽ ڀڳت ڪنور رام وانگر ملندڙ دان کي حققيقي ضرورتمندن ۾ ونڊيندو.

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button