Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ڳالھيون مصر جي نِيل، ڪوريا جي ھَان ندي ۽ سنڌ جي مھراڻ جون

ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن تي  اڪثر ھنڌن تي سُڃ نظر ايندي ته ڪٿي غريب مُھاڻن جون ڪي پُراڻيون ٻيڙيون ملنديون يا وري درياھه جي پيٽ ۾ وارياسا دڙا.

 اسان سکر جي لبِ مھراڻ جو ذڪر ڪري خوش ٿي ويندا آھيون يا ڄامشوري جي المنظر ھوٽل جي ساراھه جا ڍُڪ ڀريندا آھيون، پر اھو سڀ ڪجھه ”ھُش ۾ خُوش“ ٿيڻ برابر آھي

سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ اسان جا پنھنجا بدعنوان ماڻھو ويٺا آھن جن صرف پنھنجا ڀڀ ڀرڻ تي ئي زور رکيو آھي. گذريل اٺھتر ورھين ۾ ٿوري به سچائي ڏيکارڻ سان سياحت جي شعبي ۾ سنڌ گھڻي ترقي ڪري سگھي ھا، پر افسوس ته عام سرنديءَ وارن سنڌين به سنڌوءَ ڪنارن تي ڪنھن به شھر ۾ ڪمرشل بنيادن تي سيڙپ ڪرڻ جو ڪڏھن ڪونه سوچيو

نصير اعجاز

سن 2007 کان جڏھن ڏکڻ ڪوريا وڃڻ شروع ڪيم ته ھر چڪر ۾ اُن وقت حيراني ٿيندي ھئي ته جتي گرمي پَدُ ٻُڙيءَ کان به وِيھه ڊگريون ھيٺ ڪِري پوي، جبلن تي برف جا تھه ڄميو وڃن ۽ انسان وزني گرم ڪپڙن پائڻ کانسواءِ جيئرو رھي نه سگھي، اُتي ڪوريا جي ھَانِ گانگ (Hangang) عرف ھَانِ (Han) ندي ٻارھوئي ڪيئن ٿي وھندي رھي. اِھا ندي نه رُڳو پاڻيءَ سان تار رھي ٿي پر مختلف وقتن جي ڪوريائي حڪومتن نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ترقياتي ڪم ڪرائي اھڙي ته خوبصورتي پيدا ڪئي آھي جو وندر وِرُونھن لاءِ اُتي ماڻھن جا ميلا لڳا پيا ھوندا آھن. جنھن مھل ڏسو ته ڪوريائي ماڻھن، ٻارن ٻُڍن ۽ عورتن توڙي پرڏيھي سياحن سان ڀريل بسون نديءَ ڪناري پارڪنگ لاءِ ٺھيل وڏن علائقن ۾ اچي بيھنديون. ھَانِ ندي ڪوريا جي گادي سيئول جي وچ مان لنگھي ٿي، پر اھو ساڳيو منظر ڪوريا جي ٻين شھرن ڀرسان لنگھندڙ ندين جي ڪنارن تي به نظر ايندو. وري رات جو جڏھن لکين بلب ٽانڊاڻن جيان ٻري پوندا آھن ته انھن علائقن جي خوبصورتي اڃان وڌي ويندي آھي.

سنڌو ندي

ڪلھ مون وري ڪوريا ۾ پنھنجي دوست لِي سانگ ڪِيءَ کان ھَان نديءَ بابت پُڇا ڪئي تہ متان گذريل ڪجھ ورھين ۾ ڪي تبديليون آيون ھجن، پر ھُن ٻُڌايو، ”ھَان ندي ٻارھوئي وھندي رھندي آھي. اونھاري جي مُند ۽ برساتن دوران يا سامونڊي طوفانن جي ڪري درياھ جي سطح چڙھي ويندي آھي. بس سياري ۾ سطح ڪجھ گھٽبي آھي پر سندس وھڪرو ڪڏھن بہ بند ڪونہ ٿئي.“

مون جيئن مٿي ذڪر ڪيو تہ ھَان نديءَ جي ڪنڌين تي سياحت جا مرڪز قائم آھن، لِي سانگ ڪِيءَ بہ اُھا ئي ڳالھ ڪئي. ”نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي وندر ورونھن جون سھولتون مھيا ڪيل آھن. اھي نہ رُڳو گاديءَ واري شھر سيئول ۾ پر ٻين  علائقن ۽ شھرن ۾ بہ آھن، جتي واڪنگ ٽريڪ، پارڪون، سائيڪلنگ پاٿ، واٽر اسپورٽس، ڪروز ۽ موجود آھن تہ جيئن شھري توري سياح پان کي وندرائي سگھن. اڻ ڳڻت ھوٽلون، ڪيفي، اوپن ايئر اسٽيجز ۽ ثقافتي نماءَ جون جايون بہ آھن. مُندن جي حساب سان ميلا بہ لڳن تہ رات جي وقت انھن ھنڌن کي روشنين سان جرڪايو ويندو آھي.“

مون اھي منظر ڪوريا جي پنھنجي ستن دورن ۾ پاڻ ڏٺا ۽ انھن بابت ھتي لکيو بہ ھيو. خاص طور مون سال 2007 ۽ 2008 ۾ ڪوريا گھمڻ کانپوءِ لکيل سفرنامي واري ڪتاب ۾ خاص طور اُتان جي ندين ۾ ٻارھوئي پاڻي ھجڻ جو ذڪر ڪندي سوال اُٿاريو ھو ته ھتان جا درياھه ڪڏھن سُڪن ئي نٿا ته رُڳو سنڌوءَ ۾ سدائين واري ڇو پئي اُڏامي؟ انھن دورن ۾ مون وانگر آيل ھڪ ھندستاني دوست پرمود ماٿُر به ٻڌايو ھو ته سندن درياھن ۾ به ڪڏھن پاڻي ڪونه سُڪي. منھنجو ذھن ته اِن ڳالھه جي ڪري به اٽڪي پيو بيھي ته جيڪڏھن ھماليا ۾ برفاني ڇپون (گليشئر) تيزيءَ سان رِجي ڳري رھيون آھن ته سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بدران ٻوڏ ھجڻ گھرجي ھا، پر صورتحال ان جي اُبتڙ ڇو آھي؟

وري سانده ٽي سال 2016 کان 2018 تائين ڪوريا وڃڻ ٿيو ته اُتان جون نه رُڳو ٻيون نديون ۽ انھن جا ڏينھن ۽ رات جا نظارا پسيم پر ھَانِ نديءَ ۾ ھلندڙ ڪرُوز ۾ به چڪر ڏنم جن ۾ ڏيھي توڙي پرڏيھي سياح ھڪ ڪلوميٽر ويڪري درياھه ۾ گھمي ڦُري کائي پي زندگيءَ جو مزو وٺندا آھن. ڪوريائي حڪومتن ملڪ ۾ سياحت جي ترقيءَ لاءِ ته ٻيا کوڙ ڪم ڪيا آھن، جن جي ڪري ڪروڙين پرڏيھي سياح ساليانو اُتي گھمڻ اچن ٿا، پر ھنن پنھنجي درياھن ۽ انھن جي ڪنارن کي به ايترو ته پُرڪشش بنايو آھي جو سياح ڇڪجي اُتي اچن ٿا. ھَانِ توڙي ٻين ندين جي ڪنارن تي نه رُڳو پنڌ ھلڻ پر سائيڪلن تي چڙھي سير ڪرڻ لاءِ پاٿ، ريسٽورنٽس ۽ پارڪون ٺھيل آھن پر مٿن ٺھيل پُلين تي به گھمڻ لاءِ وچ ۾ وڏا ٽاور تعمير ٿيل آھن جن تي خاص طور رات جو وڃي رومانوي ماحول جو مزو وٺي سگھجي ٿو.

ڪوريا جي ھَان نديءَ ۾ ھلندڙ ڪروز ۽ سانجھيءَ جو منظر

ڪوريا ته ٿيو ھڪ ترقي يافته ملڪ، جنھن تيزيءَ سان ترقي ڪري اقتصادي طور پنھنجو پاڻ کي دنيا ۾ مڃائي ورتو آھي، پر 2019 ۾ جڏھن منھنجو پُٽ ڊاڪٽر روھيل اعجاز مصر جي ڇھن ھفتن جي دوري تي ويو ۽ نيل نديءَ ۾ چار ڏينھن ھڪ شاھي ڪروز ۾ رھي نديءَ ڪناري واقع مصر جا ڪجھه شھر به گھمي آيو تڏھن مونکي اڃان وڌيڪ حيرت ٿي ۽ کانئس فون تي ئي خاص طور نيل ندي، ڪروز، نديءَ ڪناري ھوٽلن ۽ ٻين سھولتن بابت معلومات پُڇندو رھيس. مان اڪثر پنھنجي مصري دوست شاعر ۽ اديب اشرف ڊاليءَ سان به ڪچھرين ۾ نيل نديءَ بابت معلومات وٺندو رھندو ھئس ۽ کيس سنڌ ۽ سنڌوءَ جون ڳالھيون ٻڌائيندو ھئس ڇو ته تاريخ جي ڪتابن ۾ مصر ۽ نيل نديءَ جي ڀيٽ سنڌ ۽ سنڌوءَ سان ڪئي وئي آھي. 

ڪوريا جي ھَان نديءَ ۾ به سنڌوءَ جيان ڪجھه ٻيون نديون اچي ملن ٿيون، جن جو وھڪرو چين ۽ اُتر ڪوريا واري پاسي کان اچي ٿو، پر نه ڪڏھن ھنن ھَانِ ۽ ٻين ندين جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ڪڏھن اُتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جو پاڻيءَ تان پاڻ ۾ ڪو تڪرار ٿيو. ھَانِ نديءَ جي ته ڊيگھه به ڪُل 494 ڪلوميٽر آھي. انھيءَ جي ڀيٽ ۾ نيل نديءَ جي ڊيگھ 6 ھزار 650 ڪلوميٽر آھي جيڪا ڏکڻ کان سُوڊان مان نڪري اُتر ڏي وھندي مصر مان لنگھي ٿي. نيل نديءَ ۾ انھيءَ جي مُھڙ واري ڏاکڻي شھر اَسوان کان سوا ٻه سئو ڪلوميٽر پري قديم مندرن ۽ گرجائن واري شھر لُڪسر تائين ٽائٽينڪ جھاز جھڙا ڪروز ۽ ھزارين ننڍيون وڏيون موٽر بوٽس ھلن ٿيون ۽ نديءَ جي ڪنارن تي ڪوريا وانگر نه رُڳو تفريحي ماڳ سجايل آھن پر فائيو اسٽار ھوٽلون به تعمير ٿيل آھن.   

مصر ترقيءَ جي لحاظ کان اسان کان  گھڻو اڳتي آھي جتي ھر شھر ۾ بھترين رستا ۽ انھن کي ڳنڍيندڙ شاھراھون آھن، جتي نه گندگيءَ جا ڍير نظر ايندا ۽ نه ئي اُٻڙڪا ڏئي وھندڙ گٽر ملندا، جتي اڌ رات جو به عورتون گھرن ٻاھران بي فڪريءَ سان گپ شپ ڪندي نظر اينديون. پر ھتي ڳالھه ڪرڻي آھي مصر جي نيل نديءَ جي جنھن جي ڪنڌيءَ کي ترقي وٺرائي پُرڪشش بنايو ويو آھي. مصر جي گادي قاھره ۾ نيل نديءَ تي سياحن لاءِ ٻين سھولتن سان گڏ گھٽ اگھ وارين ھوٽلن کان ويندي فائيو اسٽار ھوٽلون موجود آھن پر جڏھن قاھره کان ٽرين ۾ چوڏھن ڪلاڪ سفر ڪري اَسوان شھر وڃبو ته اُتي به اھڙيون سھولتون سياحن لاءِ موجود آھن. اَسوان شھر به قديم مندرن جو ڳڙھه آھي ته ان جي ڀرسان ڪجھه قديم ڳوٺن کي به سياحت جو مرڪز بنائڻ لاءِ پراڻي طرز جي روايتي گھرن کي محفوظ ڪيو ويو آھي.

نيل نديءَ ۾ ھلندڙ ڪروزن کي ٽائٽينڪ جھاز سان انھيءَ ڪري ڀيٽيو اٿم جو انھن ۾ ست اٺ سئو ماڻھن جي نه رڳو رھڻ لاءِ اٽيچڊ باٿ رومن وارا خوبصورت سجايل بيڊ روم پر بار ۽ ڊانسنگ ھال، سئمنگ پُول، لائونج ۽ ٻيون سھولتون ھونديون آھن جتي يورپ، آمريڪا، آسٽريليا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا سياح اچي زندگيءَ جو ڀرپور مزو وٺن ٿا.

مصر جي نيل نديءَ ۾ ھلندڙ ڪروز

مصر جي نيل نديءَ جا اھي داستان ٻُڌي مونکي سنڌوءَ جو نقشو ذھن تي تري آيو جتي ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين اڪثر ھنڌن تي سُڃ نظر ايندي ته ڪٿي غريب مُھاڻن جون ڪي پُراڻيون ٻيڙيون ملنديون يا وري درياھه جي پيٽ ۾ وارياسا دڙا. اسان سکر جي لبِ مھراڻ جو ذڪر ڪري خوش ٿي ويندا آھيون يا ڄامشوري جي المنظر ھوٽل جي ساراھه جا ڍُڪ ڀريندا آھيون، پر اھو سڀ ڪجھه ”ھُش ۾ خُوش“ ٿيڻ برابر آھي ڇو ته ان کي نيل ندي ۽ دنيا جي ٻين ندين جي سياحتي ماڳن سان ڀيٽ ڪبي ته پاڻ کي بنھه پُٺتي پيل محسوس ڪنداسين. سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي گُڊوءَ، سکر، روھڙي، لاڙڪاڻي، دادو، سيوھڻ، ڄامشوري، ڪوٽڙي، ٺٽي ۽ ويندي ڪيٽي بندر تائين ڪٿي به ڪا اھڙي سھولت نظر نه ايندي جنھن کي ٻين ملڪن جي ندين تي ملندڙ سھولتن سان ڀيٽي سگھجي.

سنڌوءَ جي ان بدحاليءَ تي نظر وجھبي ته ان ۾ سمورو ڏوھه اسان جي حڪومتن سان گڏوگڏ اسان جو پنھنجو ئي نظر ايندو. سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ به اسان جا پنھنجا بدعنوان ماڻھو ويٺا آھن جن صرف پنھنجا ڀڀ ڀرڻ تي ئي زور رکيو آھي ۽ ڪروڙن جا فند اوڳرائي ڏيڻ بنا ھضم ڪريو ڇڏين. گذريل اٺھتر ورھين ۾ ٿوري به سچائي ڏيکارڻ سان سياحت جي شعبي ۾ سنڌ گھڻي ترقي ڪري سگھي ھا، اسان جا قديم آثار ۽ ٻيا ماڳ مڪان توڙي سنڌوءَ جا ڪنارا سياحت جا مرڪز ھجن ھا، پر افسوس ته اھو به آھي ته عام سرنديءَ وارن سنڌين به سنڌوءَ ڪنارن تي ڪنھن به شھر ۾ ڪمرشل بنيادن تي سيڙپ ڪرڻ جو ڪڏھن ڪونه سوچيو. ٺيڪ آھي، سنڌوءَ ۾ ايترو پاڻي ڪونھي جو ڪروز ھلي سگھن پر گُڊو، سکر ۽ ڄامشوري ۾ موٽر بوٽس ھلي سگھن ٿيون، انھن ھنڌن تي ھوٽلون کولي سگھجن ٿيون، ٻيا ڪاروباري مرڪز ٺھي سگھن ٿا.

ھاڻي به وقت آھي ته سنڌ جو ثقافت ۽ سياحت وارو کاتو اک پٽي ۽ سنڌوءَ جي ڪناري وارن شھرن، درياھه جي ڪنڌيءَ تي روڊ رستن، بجلي، پاڻي ۽ ٻئي انفرااسٽرڪچر لاءِ قدم کڻي، خانگي شعبي کي سيڙپ لاءِ ھمٿائي معياري ھوٽلون قائم ڪرائي ته جيئن سنڌ سياحت جي شعبي ۾ ترقي ڪري سگھي. انھيءَ لاءِ پرڏيھي سيڙپڪارن کي به آڇون ڏئي سگھجن ٿيون ۽ سندن سيڙپ ۽ مھارت مان فائدو وٺي سنڌوءَ جي وڃايل سونھن به واپس ورائي سگھجي. ثقافت ۽ سياحت کاتي کي ھڪ اھا به تجويز ڏيندس ته مصر جي اختيارين سان رابطا ڪري نيل ۽ سنڌوءَ کي ”ڀينر نديون“ Sister Rivers پڌرو ڪرائن ته جيئن ان سان به سنڌوءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪو رستو پيدا ٿي سگھي. اھڙي طرح ڏکڻ ڪوريا جي ادارن سان بہ رابطا ڪري سندن مھارت مان فائدو وٺي سگھجي ٿو.

_________________

نصير اعجاز سينئر صحافي ۽ The AsiaN سنڌي ايڊيشن جو چيف ايڊيٽر آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button