Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌو ماٿريء جي تهذيب: انگلينڊ ۾ ٿيل نئين تحقيق

Notes from London

لنڊن ۾ تازو ھڪ ڪتاب ڇپيو آهي جنھن جو عنوان آهي “A Short history of the World in 50 failures“.  ”پنجاهه ناڪامين جي پسمنظر ۾ دنيا جي مختصر تاريخ“.

ڪتاب جو ليکڪ بن گزور (Ben Gazur) برطانيه جو نامور ليکڪ آهي. ھُو لکي ٿو تہ سنڌو ماٿري جا ماڻهو سڀني کي ساڳيا حق ڏيندڙ ۽ مذهب کان پري سو شلسٽ سماج جا فرد هئا جيڪي ڪنهن به اوچ نيچ مت ڀيد کي نه مڃيندا هئا. اهي ماڻهو جنگين جهيڙن، قتل غارت کان پاڻ کي پري رکندا هئا. 

ڊاڪٽر مشتاق سومرو

ٿورو وقت اڳ ۾ انگلينڊ ۾ هڪ ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن جو هڪ باب سنڌ جي تاريخ تي چڱي روشني ٿو وجهي، پر ائين چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته اهو باب ان دور بابت ٿو ٻڌائي جڏهن پوري جڳ ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ تاريخ باقاعدي لکي ۽ محفوظ ڪا نه ڪئي وئي هئي. 

پاڻ سڀئي ڄاڻون ٿا ته سنڌو ماٿريءَ جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب جنهن جا ٻه وڏا اهڃاڻ موهن جو دڙو ۽ هڙاپا آهن ،انسان ذات جي ڪل حاصلات جو قيمتي حصو آهن جنهن کي سڄي دنيا گهربل مان ۽ مرتبو ڏئي ٿي.

عالمي تاريخ جي سڀني ڪتابن ۾ سنڌو تهذيب جو ذڪر ملي ٿو. پر مسئو اتي وڃي اٽڪي ٿو ته ان دور جي لکت ۾ ڪابه تاريخ موجود نه آهي ان ڪري آثار قديما جا ماهر مختلف ڪڙين کي پاڻ ۾ ملائي اندازا لڳائيندا آهن ته ان دور جي زندگي ڪيئن هوندي. 

موهن جي دڙي مان مليل تختين ۽ ننڍن ٺپن ۾ جيڪو ڪجهه لکيل آهي سو جيڪڏهن پڙهي سگهجي ته ڪئين رازن تان پردو کڄي سگهي ٿو. 

فنلينڊ جو پروفيسر آسڪو پارپولا جيڪو 83 سالن جو بزرگ آهي، پنهنجي زندگي جا چاليه سال موهن جي دڙي جي ٻوليء کي سمجهڻ ۾ ڳاري ڇڏيا اٿس، پر اڄ تائين ڪاميابي ماڻي ناهي سگهيو جو دعوا ڪري سگهي ته انهن اکرن جي هيء معني آهي يا هنن اکرن جوهيءُ ترجمو آهي. 

اها ٻي ڳالھ آهي ته هندستان  وارن ڪجهه ورهيه اڳ ”موهن جو دڙو“ نالي سان فلم ٺاهي هئي ۽ ان ۾ هڪ ڪردار جي واتان سنڌي ٻوليء جا لفظ ”لک لک ٿورا“ ٻه ٽي دفعا ورجايا ويا آهن. اڻ سڌيء طرح اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته ان دور جي ٻولي پڻ سنڌي هئي.  

تازو هڪ سرائڪي ليکڪ ۽ دانشور لکيو آهي ته جيڪڏهن موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جا ٺپا ۽ نشان ترجمو ٿي سگهيا ته گهڻو ڪري اها ٻولي سرائڪي ٻولي هوندي.

لنڊن ۾ جيڪو ڪتاب تازو ڇپيو آهي ان جو عنوان آهي “A Short history of the World in 50 failures”.  ”پنجاهه ناڪامين جي پسمنظر ۾ دنيا جي مختصر تاريخ“. پراڻي دور کان وٺي هاڻوڪي زماني تائين انسانذات جيڪي 50 مصيبتون ۽ ناڪاميون ڀوڳيون آهن، انهن مان هزارين ته ڇا لکين سالن ۾، انهن ۾ سنڌو ماٿريء جي شاندار تهذيب جو گم ٿي وڃڻ پڻ هڪ زبردست حادثو قرار ڏنو ويو آهي. 

ڪتاب جو ليکڪ جناب بن گزور (Ben Gazur) برطانيه جو نامور ليکڪ آهي. جيڪو بنيادي طور بايو ڪيمسٽريء جو سائنسدان آهي ۽ ان مضمون ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل اٿس پر هاڻي  ليبارٽري ڇڏي سٺاسٺا ڪتاب لکڻ لڳو آهي. سندس هيء ڪتاب انگلينڊ جي سڀني وڏن ڪتاب گهرن تي وڪري لاء موجود آهي. 

بن گزور موجب جڏهن موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان کوٽائي ڪئي وئي ته اها توقع هئي ته ايڏن وڏن ۽ شاندار شهرن مان هڪ ته بادشاهن جا محل پڻ ملندا ته مندر يا عبادت گاهون پڻ هٿ اينديون، پر حيرت انگيز طور تي اهڙي ڪابه عمارت نه ملي جيڪا لڳي ته بادشاهه جو محل هئي يا عبادت ڪرڻ جي وسيع جڳھ هئي. ليکڪ ان مان اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته سنڌو ماٿري جا ماڻهو سڀني کي ساڳيا حق ڏيندڙ ۽ مذهب کان پري سو شلسٽ سماج جا فرد هئا جيڪي ڪنهن به اوچ نيچ مت ڀيد کي نه مڃيندا هئا. اهي ماڻهو جنگين جهيڙن، قتل غارت کان پاڻ کي پري رکندا هئا.  

کوٽائيء مان اهڙو ڪوبه ثبوت ڪونه مليو آهي ته هنن شهرن تي وڏا حملا ٿيا هجن جنهن ۾  هزارين يا سوين ماڻهو مارجي ويا هجن، جو نتيجي طور هيء شاندار تهذيب ڦٽي ۽ برباد ٿي وئي هجي.   

اهي ثبوت ضرور مليا آهن ته اهي ماڻهو اناج پوکيندا هئا ۽ اهو پاڻيء وارن جهازن ۾ ڀري ٻاهر موڪلي ان مان ناڻو ڪمائيندا هئا. ٻين ملڪن مان وري قيمتي پٿر گهرائي ان کي ڪمال مهارت سان گهڙي خوبصورت زيور ٺاهيندا هئا جيڪي وري ٻين ملڪن ۾ بر آمد ڪري ناڻو ڪمائيندا هئا. 

آرڪيالاجي جي ماهرن موجب موهن جي دڙي جي کوٽائيء مان معلوم ٿيو ته شهر جا مٿيان تهه ايتري سٺي ترتيب ۽ نفاست سان ٺهيل ڪونه آهن جهڙا هيٺيان تهه آهن. ان سان اشارو ٿو ملي ته وقت سان گڏ ماڻهن جي خرچ ڪرڻ جي سگهه جواب ڏيندي وئي. 

معلوم ٿو ٿئي ته 1900 قبل مسيح يا اڄ کان 3900 سال پهرين هن تهذيب جو زوال شروع ٿيو ۽ ايندڙ ٻه سئو سالن ۾ هڪ شاندرا شهر موهن جو دڙو مڪمل طور تباهه ۽ برباد ٿي ويو. 

سوال ٿو پيدا ٿئي ته ان سڄي تباهي جو اصل ڪارڻ ڪهڙو هو. ڪا وڏي جنگ يا قتل عام به ڪونه ٿيو، ڪا وڏي ٻوڏ به ڪانه آئي. نيٺ ڇا ٿيو. 

هن ڪتاب جي ليکڪ موجب سنڌ جو واپار ان وقت ميسوپاٽاميا (موجوده عراق ) سان هلندڙ هو، اهو واپار آمدني جو هڪ وڏو ذريعو هو پر شاهديون مليون آهن ته ميسوپاٽاميا ۾ سوڪهڙي جو زمانو شروع ٿيو تنهن ڪري انهن سنڌ مان قيمتي شيون گهرائڻ بند ڪيون، سو هتان جا ڪاريگر غريب ٿيندا ويا ۽ شهر ڇڏي ٽڙي پکڙي وڃي ڳوٺن ۾ رهيا. ان زماني کان ٿورو پوء اسان جي سنڌ ۾ پڻ زبردست سوڪڙي ۽ ڏڪار جو دور شروع ٿيو. سنڌو ندي ۽ هاڪڙو درياهه سڪي ويا ۽ زراعت تباه ٿي وئي. ماڻهو ٻهراڙين ۾ وڃي ٻه ويلا مانيء جا کائي انڌو منڊو گذارو ڪرڻ تي مجبور ٿيا. اهو سوڪهڙو يا ڏڪار 3900 سال اڳ شروع ٿيو جيڪو 900 سالن تائين جاري رهيو جنهن سنڌو ماٿري جي شاندار تهذيب کي برباد ڪري ڇڏيو. 

هاڻي ڏسڻو آهي ته آثار قديما جا ماهر ڊاڪٽر بن گزور سان متفق ٿا ٿين يا نه يا ايندڙ ڪجهه سالن ۾ موهن جي دڙي جي ٻولي پڙهي ٿي سگهجي جيڪا ان گجهارت کي ڀڃي سگهي ته آخر ٿيو ڇا جو هڪ شاندار شهر هڪ دڙي ۾ تبديل ٿي ويو.  

______________

سنڌ جي شھر مورو سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر مشتاق سومرو انگلينڊ ۾ رھي ٿو

mushtaqsoomro@gmail.com 

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

4 رايا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button