آفريڪي مُلڪ ايٿوپيا 6 سالن ۾ 40 ارب وڻ پوکيا
ايندڙ سال تائين پوکيل وڻن جو انگ 50 ارب ٿي ويندو. آبھوا جي تبديليءَ وارن ھاڃن جي مقابلي لاءِ قدم. ايٿوپيا جي وفد سنڌ جي وڏي وزير مُراد علي شاھ کي آگاھي ڏني
ڪراچي
وِچ آفريڪي مُلڪ ايٿوپيا آبھوا جي تبديليءَ جي خطرن کي روڪڻ لاءِ شروع ڪيل گرين ليگيسي انيشي ايٽو تحتسال 2019 کان اڄ تائين 40 اربن کان وڌيڪ وڻ پوکيا آهن، جڏهن ته 2026 تائين 50 ارب وڻ پوکڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي۔ هن رِٿا تحت 2025 جي پڄاڻيءَ تائين وڌيڪ 7.5 ارب وڻ پوکيا ويندا۔
اھڙي معلومات سنڌ جي دوري تي آيل ايٿوپيا جي ھڪ اعلي سطحي وفد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڇنڇر ڏينھن وزير اعلي هائوس ۾ ملاقات دوران ونڊي جنهن ۾ ماحولياتي تبديليءَ سان منهن ڏيڻ، وڏي پيماني تي وڻڪاري ۽ ساوڪ ۽ ٻين ترقياتي منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون۔
وفد جي اڳواڻي ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر عبدالله ڪئي۔ وفد ۾ اعزازي قانصل جنرل ابراهيم خالد طواب، گرين ڊائلاگ ۽ ماس پلانٽيشن سيڪٽر جا نمائندا، پاڪستان-ايٿوپيا بزنس ڪائونسل جا ميمبر، ماحولياتي تبديليءَ جي ماهر رماله علي اووئل، ڊاڪٽر اڊفريس ورڪو، فاديلا بيا اباميچا (نائب صدر يوٿ ايسوسيئيشن) ۽ صومالي ريجن يوٿ اينڊ گرين ليگيسي جو صدر شامل هئا۔ سنڌ حڪومت پاران صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد زمان، سيڪريٽري ماحوليات ۽ ڪلائميٽ چينج زبير چنه، سيڪريٽري فاريسٽس، چيف ڪنزرويٽر رياض وڳڻ ۽ ٻيا اعلي آفيسر شريڪ ٿيا۔
سنڌ جي چئلينجن کي اجاگر ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ماحولياتي تبديلي هڪ ناقابلِ ترديد عالمي حقيقت آهي۔ هن 2022 جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ کي ياد ڪندي چيو ته ان آفت سنڌ ۾ 21 لک گهر تباهه ڪري ڇڏيا، زرعي زمين ۽ آبپاشي جو نظام برباد ڪيو، لکين ايڪڙ زمين پاڻي ۾ ٻڏي وئي ۽ معيشت کي وڏو نقصان پهتو۔ هن چيو تہ گرمي پد ۾ اضافي سبب شهري ٻوڏ، ٻيلن ۾ باھ، گليشيئرن جو ڳرڻ ۽ سمنڊ جي سطح مٿانهون ٿيڻ جا مسئلا هاڻي پري جا خطرا نه رهيا آهن پر اسان جي روزاني زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن۔

وڏي وزير سنڌ حڪومت جي قدمن تي روشني وجهندي چيو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز پروگرام تحت لڳ ڀڳ 6 لک گهر مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته 8 لک 57 هزار بنياد اڃا زيرِ تعمير آهن جيڪو هن علائقي جو سڀ کان وڏو آفت کانپوءِ رهائشي منصوبو آهي۔
ڪاربان فنانس/ڪريڊٽس تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ پاڪستان جو پهريون ۽ واحد صوبو آهي جيڪو پبلڪ-پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل (DBC-1، DBC-2، DBC-3) تحت انٽرنيشنل ڪاربان ڪريڊٽ ٽريڊنگ رجيم لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي۔ هن چيو ته ڪاربان ڪريڊٽس ذريعي هاڻي تائين لکين ڊالر حاصل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايڪو سسٽم جو به تحفظ ڪيو ويو آهي۔
وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته 2010 کان 2025 جي وچ ۾ سنڌ 6 لک 75 هزار هيڪٽر زمين تي ٻيلن جي پوک ڪئي آهي، جنهن سان صوبي جي ٻيلن واري ايراضيءَ ۾ نمايان واڌارو ٿيو آهي۔
ٻنهي ڌرين وڻڪاري، نون وڻن جي قسمن جي متعارف ڪرائڻ، پائيدار زراعت، ٻيلن جي ترقي، قابلِ تجديد توانائي، ڪاربان ٽريڊنگ ۽ صلاحيت وڌائڻ وارن پروگرامن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو۔ اجلاس جي پڄاڻيءَ تي وڏي وزير سنڌ ۽ ايٿوپين وفد وڏي وزير هائوس ۾ وڻ پوکي سنڌ ۾ گڏيل گرين انيشي ايٽو جو باضابطه آغاز ڪيو۔ (پريس رليز)
__________