Editor's pickMain Slideميڊيا

روس ۾ جپاني صحافي 40 ڏينھن کان نظربند، جاسوسيءَ  جو الزام

جپان جي اترئين ٻيٽ هوڪائيڊو ۽ روس جي علائقي سخالين جي وچ ۾ سمنڊ جي هڪ سوڙهي پٽي آهي. نسلن کان ٻنهي پاسن جا ماڻهو واپار ڪندا، سفر ڪندا ۽ پاڻ ۾ ويجها لاڳاپا برقرار رکندا آيا آهن. پر اڄ اھو علائقو سياسي ڇڪتاڻ جو ڪارڻ بڻجي چڪو آهي. هڪ جاپاني صحافي، جنهن پنهنجو ڪم انهيءَ ورهاست جي ٻنهي پاسن جي ماڻهن جي زندگين کي قلمبند ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، سو هاڻي 40 ڏينهن کان روس جي قيد ۾ آهي.

نظربند جپاني صحافي. (فوٽو: ماسڪو ٽائمز، سوشل ميڊيا)

سرحدن پار رپورٽنگ جي آزاديءَ جي تحفظ لاءِ پوري ايشيا جي صحافين کي گڏجي بيهڻ گهرجي، ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن

لِي سانگ ڪِي، سيڪريٽري جنرل، ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن

جاپان جي اترئين ٻيٽ هوڪائيڊو ۽ روس جي علائقي سخالين جي وچ ۾ سمنڊ جي هڪ سوڙهي پٽي آهي. نسلن کان ٻنهي پاسن جا ماڻهو واپار ڪندا، سفر ڪندا ۽ پاڻ ۾ ويجها لاڳاپا برقرار رکندا آيا آهن. پر اڄ انهن جي وچ وارو هي پاڻي سياسي ڇڪتاڻ ۽ گڏيل بي اعتمادي جي هڪ ورهائيندڙ لڪير بڻجي چڪو آهي. هڪ جاپاني صحافي، جنهن پنهنجو ڪم انهيءَ ورهاست جي ٻنهي پاسن جي ماڻهن جي زندگين کي قلمبند ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، سو هاڻي 40 ڏينهن کان روس جي قيد ۾ آهي.

سندس نالو يُوڪِي اِيمائي ۽ عمر 34 سال آهي، ۽ هُو يوزنو-سخالينسڪ Yuzhno-Sakhalinsk ۾ اخبار ’هوڪائيڊو شمبون‘ جو نمائندو آهي.

13 آڪٽوبر تي روس جي فيڊرل سيڪيورٽي سروس (FSB) اعلان ڪيو ته ايمائي کي جاسوسيءَ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. روسي اختيارين جو الزام آهي ته هن جپاني انٽيليجنس سروسز لاءِ دفاع سان لاڳاپيل معلومات گڏ ڪئي هئي. ’هوڪائيڊو شمبون‘ ان الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته ايمائي سرڪاري طور جاري ڪيل صحافتي ويزا تحت جائز صحافتي سرگرميون سرانجام ڏئي رهيو هو ۽ هن ڪڏهن به جپاني حڪومت جي هدايتن تي ڪم ناهي ڪيو.

ايمائي کي ماسڪو منتقل ڪيو ويو آهي، جتي هو اڃا تائين حراست ۾ آهي. جپاني حڪومت سندس آزادي جو مطالبو ڪيو آهي، پر سندس آزاديءَ جا امڪان اڃا غير يقيني آهن.

هي ڪيس جپان ۽ روس جي وچ ۾ هڪ سفارتي تڪرار کان گهڻو اڳتي جا سوال اٿاري ٿو ۽  اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته حڪومتون قومي سلامتيءَ جي نالي تي جائز صحافت تي ڪيتري حد تائين پابنديون لڳائي سگهن ٿيون.

جپان جو ’اين ايڇ ڪي‘ (NHK) چينل ’هوڪائيڊو شمبن‘ جي صحافي يوڪي ايمائي جي گرفتاري بابت رپورٽ ڏئي رهيو آهي، جنهن کي روسي اختيارين جاسوسي جي شڪ ۾ حراست ۾ ورتو آهي. نشريات ۾ سندس ڊگهي حراست بابت خدشن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ’هوڪائيڊو شمبون‘ الزامن کي رد ڪيو آهي ۽ سندس جلد آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. تصوير: اين ايڇ ڪي نشريات جو اسڪرين شاٽ.

هڪ صحافي جنهن روس سان محبت ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي جي اباڻي ڌرتيءَ بابت رپورٽنگ ڪئي

ايمائي اوساڪا يونيورسٽي مان روسي ٻولي پڙهي ۽ سينٽ پيٽرسبرگ ۾ به تعليم حاصل ڪئي. روسي ادب ۽ سئنيما ۾ گهري دلچسپي رکندڙ ايمائي 2016ع ۾ ’هوڪائيڊو شمبون‘ ۾ شموليت اختيار ڪئي. نيمورو، ڪوشيرو ۽ ٽوڪيو ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ، کيس 2024ع جي سرءُ ۾ سخالين ۾ مقرر ڪيو ويو.

سندس ڏاڏو سخالين جي شهر خولمسڪ (Kholmsk) جو رهاڪو هو، جيڪو جپاني دور ۾ مائوڪا (Maoka) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. ٻي عالمي جنگ جي آخر ۾ سوويت فوج جي اڳڀرائي کان پوءِ، سندس ڏاڏو لڏپلاڻ ڪري هوڪائيڊو هليو ويو هو.

ايمائي کي هميشه اهو افسوس رهيو ته هن پنهنجي ڏاڏي کان انهن تجربن بابت گهڻو ڪجهه ڇو نه پڇيو. اهو ئي افسوس سخالين ۽ جپان ۾ ’اترين علائقن جي نالي سان سڃاتل تڪراري ٻيٽن بابت سندس رپورٽنگ جو هڪ وڏو محرڪ بڻيو.

هن انهن ٻيٽن جي اڳوڻن رهاڪن ۽ سندن اولاد کي ڳولي لڌو ۽ انهن گهرن جون يادون رڪارڊ ڪيون، جن کي ڇڏڻ تي کين مجبور ڪيو ويو هو. هن انهن برادرين بابت 160 کان وڌيڪ مضمون لکيا.

2019ع ۾، ايمائي چئن تڪراري ٻيٽن جي بغير ويزا مٽاسٽا واري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. هن جاپان ايندڙ روسي مهمانن جي آجيان پڻ ڪئي، ايستائين جو ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي گهر به دعوت ڏني.

”جيتوڻيڪ ملڪن جا موقف ۽ دعوائون مختلف ٿي سگهن ٿيون، پر ماڻهن ۾ پاڙيسرين وانگر دوستانه لاڳاپا برقرار رکڻ جي هڪجهڙي خواهش هوندي آهي.“ اهي سندس پنهنجا لفظ هئا.

روس پاران يوڪرين تي حملي کان پوءِ، ٽوڪيو ۽ ماسڪو جي وچ ۾ لاڳاپا سخت خراب ٿي ويا. تنهن هوندي به، ايمائي انهن ماڻهن بابت رپورٽنگ جاري رکي جيڪي سرحد پار ذاتي ۽ ثقافتي لاڳاپا بچائڻ جا خواهشمند هئا.

2025ع ۾، هن هڪ اڳوڻي روسي ميئر کي ڀيٽا پيش ڪندي هڪ مضمون لکيو، جنهن ساپورو (Sapporo) ۽ نوووسيبيرسڪ (Novosibirsk) جي وچ ۾ ڀينر شهرن واري لاڳاپي کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪئي هئي.

ايمائي لکيو ته، ”هن جيڪي ٻج پوکيا هئا، اهي اڃا تائين زنده آهن.“

هڪ ٻئي مضمون ۾ هن مشاهدو لکيو: ”جپان ۽ روس جي لاڳاپن بابت سوچيندي، ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي صرف اتي موجود رهڻ سان ئي ڏسي سگهجن ٿيون.“

اهو ڪجهه جيڪو صرف زميني حقيقتن کي ڏسڻ سان سمجهه ۾ اچي ٿو

’هوڪائيڊو شمبون‘اقتصادي ۽ ثقافتي مٽاسٽا، علائقائي تڪرارن ۽ مقامي برادرين جي زندگين بابت رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ 1992ع ۾ پنهنجو سخالين بيورو قائم ڪيو هو.

جپان چئن اهڙن ٻيٽن تي خودمختياري جي دعويٰ ڪري ٿو جيڪي هن وقت روس جي انتظام هيٺ آهن. ان موقف سبب، اخبار سخالين ۾ مقرر پنهنجي جپاني نمائندن کي روسي ويزا انتظامن تحت انهن ٻيٽن ڏانهن ناهي موڪليو.

اخبار موجب، سخالين ۾ مقرري سنڀالڻ کان پوءِ ايمائي انهن تڪراري ٻيٽن جو دورو نه ڪيو هو. جڏهن انهن ٻيٽن تان رپورٽنگ جي ضرورت پوندي هئي، ته مقامي روسي عملو مقامي طريقيڪار موجب اهو ڪم سرانجام ڏيندو هو.

اخبار جاسوسي جي الزامن کي رد ڪرڻ لاءِ انهن روايتن جو حوالو ڏنو آهي.

جيستائين روسي اختيارين پاران پيش ڪيل الزامن ۽ ثبوتن جو مناسب قانوني ڪارروائي ذريعي آزاداڻو جائزو نه ورتو وڃي، تيستائين جاسوسيءَ جي الزام کي هڪ ثابت ٿيل حقيقت نه سمجهڻ گهرجي.

ٽوڪيو يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي سياست جي پروفيسر ڪين اينڊو (Ken Endo) جو چوڻ آهي ته روس جي هن فيصلي پويان جپان تي دٻاءُ وجهڻ جا سفارتي حساب ڪتاب شامل ٿي سگهن ٿا.

هن آمريڪا ۽ روس جي لاڳاپن ۾ تبديلين، جپان ۽ چين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ، ۽ ماسڪو خلاف جاري پابندين ڏانهن ممڪن عنصرن طور اشارو ڪيو.

بهرحال، روس جا اصل محرڪ اڃا تائين آزاداڻي طور ثابت ناهن ٿي سگهيا.

جپاني حڪومت ايمائي جي آزادي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکيون آهن. پروفيسر اينڊو اهڙي اعليٰ سطحي سفارتڪاري جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جيڪا اصولن کي برقرار رکندي عملي حل ڳولي. هن سول سوسائٽي اندر يڪجهتي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو آهي.

جپان ۾ ايمائي جي گهر واري ۽ هڪ ننڍڙي ڌيءَ آهي. سندس ڌيءَ، جيڪا 2025ع جي بهار ۾ پيدا ٿي هئي، هاڻي ان عمر ۾ آهي جڏهن ٻار هلڻ سکڻ شروع ڪندا آهن.

بين الاقوامي سياست ۾ جيڪو هڪ سفارتي تڪرار نظر اچي ٿو، اهو هڪ خاندان لاءِ هڪ مڙس ۽ پيءُ جي دردناڪ غير موجودگي آهي.

’اين ايڇ ڪي‘ جي هڪ نيوز رپورٽ ۾ ’هوڪائيڊو شمبون‘ جي هيڊ ڪوارٽر کي ڏيکاريو ويو آهي، نشريات ۾ اخبار جو بيان ڏيکاريو ويو آهي ته اها ڪيس جي تفصيلن جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ صحافي جي سلامتي کي اوليت ڏئي رهي آهي. تصوير: اين ايڇ ڪي نشريات جو اسڪرين شاٽ.

هڪ اهڙي آزادي جنهن جو دفاع پوري ايشيا جي صحافين کي گڏجي ڪرڻ گهرجي

2004ع ۾ ايشيا جرنلسٽس ايسوسيئيشن (AJA) قائم ڪرڻ کان وٺي، منهنجو اهو ايمان رهيو آهي ته پوري ايشيا جي صحافين کي قومي سرحدن، سياسي نظامن ۽ نظرياتي اختلافن کان مٿانهون ٿي گڏيل سمجهه ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ گهرجي.

ڏکڻ ڪوريا، جپان، چين، روس ۽ اتر ڪوريا جون پيچيده تاريخي يادون ۽ سلامتي جا خدشا آهن. علائقائي سوالن تي سندن خيال اڪثر هڪٻئي کان بلڪل مختلف هوندا آهن.

تنهن هوندي به هڪ اصول آهي جنهن جو اسان سڀني کي دفاع ڪرڻ گهرجي: صحافين کي جائز رپورٽنگ ڪرڻ تي غير منصفاڻن خطرن کي منهن نه ڏيڻ گهرجي.

جيڪڏهن صحافي ڏکين يا خطرناڪ هنڌن کي ڇڏي ويندا، ته اتي رهندڙ ماڻهن جون ڪهاڻيون ڪير ٻڌائيندو؟

صرف سرڪاري بيان ۽ سفارتي دستاويز ڪنهن سماج جي مڪمل حقيقت کي ظاهر نٿا ڪري سگهن. ڪجهه شيون اهڙيون هونديون آهن جيڪي صرف اتي موجود رهڻ، ماڻهن جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ سندن زندگين جو مشاهدو ڪرڻ سان ئي سمجهي سگهجن ٿيون.

جيئن ايمائي پاڻ لکيو هو ته ڪجهه شيون صرف زميني حقيقتن کي ڏسڻ سان ئي نظر اينديون آهن.

روسي اختيارين کي گهرجي ته اهي پنهنجن الزامن کي مضبوط ثبوتن سان ثابت ڪن ۽ قانوني گهرجن (due process) کي يقيني بڻائين. عام صحافتي سرگرمين کي جاسوسي نه سمجهڻ گهرجي.

جپاني حڪومت کي به پنهنجي شهري جي تحفظ ۽ سندس جلد آزادي لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ گهرجن.

پوري ايشيا جي صحافين کي هن ڪيس کي ڪنهن ٻئي جو مسئلو نه سمجهڻ گهرجي.

اڄ سخالين ۾ هڪ جپاني رپورٽر سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو سڀاڻي ڪنهن ٻئي هنڌ ڪنهن ڪوريائي صحافي، يا ڪنهن به ٻئي ايشيائي صحافي سان ٿي سگهي ٿو.

ايمائي روسي ٻولي پڙهي، روسي ثقافت سان محبت ڪئي، ۽ پنهنجو ڪم سخالين جي ماڻهن جي زندگين کي قلمبند ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو، اها ڌرتي جتان سندس ڏاڏي کي لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو هو.

اڄ اهو صحافي روس جي جيل ۾ بند آهي.

مان سچي دل سان اميد ڪريان ٿو ته هو جلد پنهنجي خاندان ۽ ساٿين ڏانهن واپس ايندو، ۽ هڪ ڏينهن ٻيهر سخالين جي گهٽين ۾ گھمندي اتي جي ماڻهن جي روزمره جي زندگي بابت رپورٽنگ ڪندو.

صحافتي آزادي ڪو اهڙو خاص حق ناهي جيڪو صرف پنهنجي ملڪ جي صحافين لاءِ مخصوص هجي.

اهو هڪ بنيادي حق آهي جنهن جو تحفظ هر ان صحافي لاءِ ڪرڻ گهرجي جيڪو سچ جي ڳولا ۾ سرحدون پار ڪري ٿو.

_________________

Lee-Sang-ki-2-150x150

لِي سانگ ڪِي، ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جو سيڪريٽري جنرل ۽ دِي ايشيا اين جو سيِ اِي او آھي.

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button