سنڌ ۽ سماجي زوال: چور ڦورُو، ڇُٽي وڃن ٿا، شريف ڀاڳيا ٻڌجي وڃن ٿا
هاڻي اسان جي معاشري ۾ چور ۽ مور جو فرق مٽجي ويو آهي۔ سردار ڌاڙيل ۽ ڏوهارين جون فيڪٽريون بڻجي ويا آهن.
اسان کي سوچڻو پوندو ته ڇا اسان اهڙي معاشري ۾ رهڻ چاهيون ٿا جتي هر شئي پنھنجي سڃاڻپ وڃائي چڪي هجي؟
ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته پنھنجي سماج جي سڃاڻپ کي ٻيھر بحال ڪريون. چور کي چور، ۽ مور کي مور سڏيو وڃي. ڏوهارين کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻجي ۽ کين سخت سزائون ڏنيون وڃن
حڪيم پريم چاندواڻي
ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا،
ڪٿي مور، ڪٿي شھزور سُڃا۔
فڪري فني، ادبي ۽ روحاني تجزيئي جي تناظر ۾ لکيل هي ڪالم پنهنجي اندر ستن سمونڊن کان به وڌيڪ گھرائي رکي ٿو۔

ھي رڳو لفظن جو مجموعو ناهي، پر سماج جي نبض تي رکيل هڪ آڱر آهي. هي سٽون اڄوڪي دؤر جي حقيقي ۽ بدترين حالتن جي عڪاسي ڪن ٿيون.
هنن ٻن سٽن ۾ هڪ اهڙي سماجي الميي ڏانهن اشارو ڪيل آهي، جتي قدرن جا پيمانا بدلجي ويا آهن ۽ ماڻهن جي سڃاڻپ جا معيار تباھ ٿي چڪا آهن.
اخلاقي قدرن جو قحط: ڪٿي چور سڃا
هن دؤر جو سڀ کان وڏو الميو هي آهي ته اسان جي سماج ۾ هاڻي سڃاڻپ جو معيار ڪردار نه پر اختيار بڻجي ويو آهي. ڪن حالتن ۾ چور ايترو ته پڌرو ۽ اگهاڙو آهي، جو کيس سڃاڻڻ ۾ دير نٿي لڳي، پر افسوس جو اسان جو نظام انهن سڃاتل چورن آڏو بيوس آهي. ڪڏهن وري معصوم ماڻهن تي چوريءَ جا ليبل لڳايا وڃن ٿا۔ سڃو معنى’ آهي ڪنگال۔ ڪڏهن وري بي ڏوهين کي اجايا الزام ھڻي (بدنام) ڪيو وڃي ٿو. اها سماجي بي حسي آهي جتي سچو ماڻهو پنهنجي سچائي ثابت ڪندي ٿڪجي پوي ٿو ۽ چور سرعام گهمي ڦري ۽ ڦرلٽ ڪري رهيو آهي.
علمي ۽ شعوري پسماندگي: ڪٿي ڍور سڃا
ڍور هتي رڳو جانورن لاءِ استعمال ناهي ٿيو، پر اها انهن انسانن جي عڪاسي آهي جيڪي شعور کان خالي آهن. اسان جي سماج ۾ اهڙا ماڻهو پڻ سڃا آهن جيڪي رڍن وانگر بنا ڪنهن مقصد جي زندگي گذاري رهيا آهن. جڏهن سماج مان دليل ۽ علم ختم ٿي وڃي ته انسان ”ڍور“ جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي، جنهن کي رڳو هڪ لٺ جي ضرورت هوندي آهي يا لٺ سان هڪليو ويندو آهي۔
حسن ۽ غيرت جو زوال: ڪٿي مور، ڪٿي شهزور سڃا
مور حسن ۽ وقار جي علامت آهي، جڏهن ته شهزور طاقت ۽ بهادريءَ جو استعارو آهي. هن فڪر مان ظاهر ٿئي ٿو ته:
* مور سڃا: يعني حسن، آرٽ ۽ تخليق جو هاڻي اهو قدر ناهي رهيو۔ اسان جا فنڪار ۽ قلمڪار اڄ فاقاڪشيءَ جو شڪار آهن.
* شهزور سڃا: يعني اهي بهادر جيڪي حق لاءِ وڙهندا هئا، اهي اڄ يا ته خاموش آهن يا کين ڪنڊائتو ڪيو ويو آهي. طاقت هاڻي اخلاق جي تابع ناهي رهي، بلڪه ظلم جو اوزار بڻجي وئي آهي.
حاصل ڪلام
اها شاعري اسان کي آئينو ڏيکاري ٿي. هي شعر رڳو قافيي ۽ رديف جو ميلاپ ناهي، پر هڪ سماجي دستور آهي. جڏهن هر ڪردار پنهن جي سڃاڻپ ۽ افاديت وڃائي ويٺو آهي، اهڙي صورتحال ۾ جتي هر طرف سڃ واڪا ڪري رهي هجي اتي هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔ اسان کي سوچڻو پوندو ته ڇا اسان اهڙي معاشري ۾ رهڻ چاهيون ٿا جتي هر شئي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي چڪي هجي؟، اهو سماج جيڪو صديون اڳ به مهذب سڏبو هيو۔ جتي ترقيء جي پهرين علامت ڦيٿو مليو هيو، جتي امن پسند ماڻهو رهندا هيا، جو ڪوبه جنگي هٿيار نه مليو آهي۔ پر هاڻي ان ساڳئي مهذب معاشري ۾ چور ۽ مور جو فرق مٽجي ويو آهي۔ قومي سردار ڌاڙيل ۽ ڏوهاري ماڻهن جون فيڪٽريون بڻجي ويا آهن۔ نهايت ئي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اتي هاڻي بري ڀلي جي ڪا تميز ئي نه رهي آهي۔
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي سماج جي سڃاڻپ کي ٻيهر بحال ڪريون. چور کي چور، ۽ مور کي مور سڏيو وڃي. ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻجي ۽ انهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن۔ هن فڪر کي عام ڪري ئي اسان هڪ نئين ۽ باشعور مهذب ۽ خوشحال سنڌ جو بنياد رکي سگهون ٿا.
ڇو چور ڦورُو، ڇٽي وڃن ٿا،
ڇو شريف ڀاڳيا ٻڌجي وڃن ٿا۔
______________
حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاِڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



