فارسي ۽ سنڌي ادب توڙي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندڙ رضا پارسا
خانه فرهنگ ايران حيدرآباد جو ڊائريڪٽر رضا پارسا سنڌ جي علم، ادب ۽ ثقافت جو عاشق آھي. رضا پارسا ھتي اچڻ سان ئي هتان جي علم، ادب شاعري، ثقافت ۽ محبوب ھستين کي ڳولڻ شروع ڪيو ھو
ٽن سالن جي عرصي ۾ ھُو ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شريڪ ٿي مختلف شخصيتن سان مليو ۽ سنڌ جي عظيم ثقافت کي ويجهڙائي سان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي
جڏھن خبر پيس تہ سياري ۾ سنڌ اندر مچ ڪچھريون ٿينديون اھن تہ ھُن بہ ايراني روايت ’شب يلدا‘ واري رات مچ ڪچھري جو پروگرام رکرايو
سجاد نظاماڻي
دنيا ۾ هڪڙا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ذات ۾ مڪمل وجود رکندا آهن. الله تعالي انهن کي سمورين صلاحيتن سان مالامال ڪيو هوندو آهي. اهڙن ئي ماڻهن مان رضا پارسا به هڪ آهي، جنهن جو تعلق ايران سان آهي، ۽ هو خانه فرهنگ ايران حيدرآباد جو ڊائريڪٽر آهي. ٽي سال پھرين پاڻ ثقافتي اتاشي طور حيدرآباد مقرر ٿيو. سندن مزاج ۾ محبت ۽ قرب حد کان وڌيڪ موجود آهي، عاشقن جي سر زمين ايران کان آيل تھذيب، ثقافت، ۽ علم جي ھن قاصد ۾ اھوئي عشق وارو رنگ نمايان نظر اچي ٿو. ايرانين لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي پنھنجو ڪم نه فقط دل لڳائي ٿا ڪن، پر سندن ڪم ۾ عشق جي نشي جي آميزش ٿيل ھوندي آھي.

پاڻ نه فقط محب پر منٺار طبيعت جا مالڪ آھن، فطرت جي حسن جا عاشق جڏھن خانه فرهنگ ۾ آيا ته ايندي ئي پھرين ھتي جي عمارت ۾ موجود ڪمين بيشين کي سھڻي نموني سان درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين.
قارئين چوندا ته آئون بار بار عشق جو لفظ ڇو پيو استعمال ڪريان، دراصل فارسي زبان ۾ ھي جيڪو اصطلاح آھي، سو ھر انھي ڪم لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جنھن کي انسان دل لڳائي ڪري ٿو. ايراني ماڻهوءَ جيڪڏهن ڪنھن شيءِ يا ماڻھو سان لڳاءُ يا محبت ھوندي آھي ته چوندا، اھو منھنجو عشق آھي. ايتري تائين جو چوندا ته:
مادرم تو عشق من ای٬
اين کتاب عشق منہ۔
ايران جا سڀ ھنر جيڪي دنيا ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھن، جن ۾ خطاطي فائن آرٽس، قالين جي صنعت، موسيقي، شاعري، انھن سڀني جي ڪمال جو سبب به دراصل عشق ئي آھي، جو اھي ماڻھو ھر ڪم جي پويان مجنون ۽ فرهاد ٿي لڳن ٿا، پوءِ ڇونه عاشق چورائن.
رضا پارسا خانه فرهنگ ۾ اچڻ سان ئي هتي جي علم، ادب شاعري، ثقافت ۽ محبوب ھستين کي ڳولڻ شروع ٿين ٿا. سنڌ جي بر بحر پھاڙن کي عشق جي نظر سان ڏسڻ لڳن ٿا، انهيءَ عشق جي پنڌ ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي حاضري ٿا ڀرين، سنڌو دريا، ڪينجهر، مڪلي ۽ ٺٽي جي ھوائن ۾ عشق جا سنيھا ڳولڻ لھن ٿا. ھتي جي ماڻھن کي سندن سرزمين جي عاشقن مثال رومي، حافظ، عطار، سعدي، نظامي، فردوسي، ۽ مهتشم ڪاشاني جي پيغامن کي عشق واري نگاھ سان متعارف ڪرائن ٿا.
رضا پارسا جون خانه فرهنگ ايران حيدرآباد جون تعليم، علم ۽ ادب لاءِ بيشمار خدمتون رھيون آھن. پاڻ هڪ ٻيو وڏو ڪم ڪندي فارسي ٻوليءَ جي سکيا جي پراڻي ڪورس کي تبديل ڪندي ’بنياد سعدي‘ جا جديد ڪتاب آندائون ۽ فارسي، جيڪا ڪافي عرصي کان حيدرآباد ۾ جمود جو شڪار ھئي، ان کي ٻيهر زنده ڪيائون ۽ ھاڻي فارسي زبان باقاعده پڙھائي پئي وڃي، ۽ ڇونه زندهه ٿئي، اھا زبان جنھن جي باري ۾ فردوسي داناه فرمايو آهي ته:
عجم زنده کردم بدین پارس۔
۽ حافظ شيرازي جي ھند وارن لاءِ اھا دعا ته:
شکر شکن شوند ہمہ طوطیان ہند،
زین قند پارسی کہ بہ بنگالہ می رود.
رضا پارسا وٽ جيڪو به ڪو فارسي ٻوليءَ جو عاشق ويو آهي ته هن اُن کي خالي ناهي موٽايو، ماڻھن کي ڪيئي ڪتاب مفت به ڏنائون، مختلف فارسي ڪتابن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرايائون، جن ۾ ’دوازده بند‘ جھڙا ناياب ڪتاب به شامل آهن. تصوف تي لکيل ھڪ ناياب ڪتاب ”تاریخ و جغرافیای تصوف“ جو به سنڌي ترجمو ڪرايائون جيڪا سندن وڏي ڪاميابي آهي.
فارسي زبان جي اھميت کي وڌيڪ فروغ ڏيارڻ لاءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارسي شعبي ۾ ويو، ۽ اُتي جي استادن سان فارسي جي اھميت ۽ ضرورت تي ويچار ونڊيائين. پاڻ خانه فرهنگ ايران ۾ ڪرايل پروگرامن ۾ سنڌ جي ادب دوست شخصيتن کي ھميشه محبت جا لکيل پيغام موڪلي پاڻ وٽ گهرائيندا رھندا آھن.
خانه فرهنگ ۾ گذريل ٽن سالن ۾ مختلف فارسي شاعرن جا ڏھاڙا ملھايا ويا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويا، جن ۾ فريد الدين عطار، شيخ سعدي، نظامي گنجوي، حافظ، فردوسي ۽ بزرگ بانو پروين اعتصامي ۽ ٻيا شامل آھن.
اسان جي سنڌ جا مختلف عالم ۽ اديب ۽ علم دوست مقاله پڙھندا رھيا آھن ۽ انھن سڀني پروگرامن ۾ پاڻ سنڌ وارن ماڻھن کي حد کان وڌيڪ محبت ڏيندا رهن ٿا ۽ سندن سخن جي قدرداني ڪندا رهن ٿا، مونکي سندن ھڪ ڳالهه ڪافي متاثر ڪيو ته جڏھن پاڻ آخر ۾ اچي خطاب ڪندا آهن ته انھن شاعرن ۽ ليکڪن جي باري ۾ اھڙا نقطا اچي بيان ڪندا آهن، جيڪي ٻڌندڙن کي حيران ڪري ڇڏيندا آهن. مونکي افسوس اھو ٿيندو آهي ته اسان جا ڪافي سنڌي ادبي دوست فارسي شاعرن جي مختلف پروگرامن ۾ مضمون ته پڙهندا آهن ته فارسي شعر گهٽ پڙھندا هئا ۽ ٻيو شعر اچارڻ ۾ ڪافي غلطيون ڪندا آهن، پر رضا پارسا ھميشه مسڪرائي سندن ھر ڪاوش جي قدرداني ڪندا آهن.

جڏھن آئون پھريون دفعو ساڻس مليس ته سندن طبيعت ۾ ڪافي نھٺائي ڏٺم. جيئن منهنجو فارسيءَ سان گهڻو شغف آهي، ٻي ملاقات ۾ ساڻس ٿيل ڪچهري کانپوءِ پاڻ مونکي فارسيءَ جي استاد ٿيڻ جي پيشڪش ڪيائين ۽ مون کين جواب نه ڏنو ۽ فارسي پڙھائڻ واري ڪم ۾ لڳي ويس. مون جڏهن فريدالدين عطار جي ڪتاب ’پندنامي‘ جو سنڌي ترجمي پئي ڪيو ته ان دوران منھنجي گهڻي رھنمائي ڪيائون. استادن جي تربيت جي آنلائن پروگرام ۾ به مونکي بھرو وٺرايائون. ھڪ دفعي ڪلاس ختم ڪري وڃي رھيو ھئس پاڻ مونکي سڏي فارسيءَ جي وڏي شاعره پروين اعتصامي جو ’ديوان‘ ۽ ھڪ فارسي پھاڪن جو ڪتاب ڏنائون ۽ چيائون ته ھن ۾ جيڪي پھاڪا آھن، تن کي سنڌي پھاڪن سان ڀيٽيو ۽ اُن تي ڪو مضمون يا ڪتاب لکو.
خانه فرهنگ ايران حيدرآباد جي سڄي عملي سان کين شفقت وارو برتاءُ رکندي ڏٺم. سندن طبيعت ۾ تهذيبن کي پرکڻ جي کوجنا جو ڪافي اثر رھيو آھي. ايران ۾ سياري جي ڊگھي ۾ ڊگھي رات کي ’شب يلدا‘ چوندا آھن ۽ اھا رات ايرانين وٽ عيد طور ملهائي ويندي آھي ۽ اُن رات ايراني وڏي پئماني تي دعوتون ڪندا آهن، خوشيون ڪندا آهن، انهن دعوتن ۾ خشڪ ميوه جات، ڏاڙھون ۽ ھنداڻا کاڌا ويندا آھن.
2023ع ۾ ڊسمبر ۾ اھا رات ويجهي اچي پھتي ته رضا پارسا پڇا ڪئي ته ڇا سنڌ اندر به ڪا اھڙي رات آھي، جيڪا ائين ملهائي ويندي هجي ته کين خانه فرهنگ جي رڪن مظفر علي خاصخيلي کين ٻڌايو ته سنڌ ۾ سخت سياري ۾ رات جو ماڻھو مچ ڪچھريون ڪندا آهن. پاڻ ’شب يلدا‘ واري رات مچ ڪچھري جو پروگرام رکرايائين، جنھن ۾ جامي چانڊيو فارسي جي پھرئين شاعر رودڪيءَ بابت مفصل ليڪچر ڏنو. رضا پارسا سندس گفتگوءَ کي ڪافي غور سان ٻڌو ۽ مونکان پڇيائون ته جامي چانڊيو ڇا چئي رھيو آھي. مون چيو ته جامي محقق آھي رودڪي جي زندگيءَ جي سموري تاريخ ۽ ان جي احساسن کي بيان ڪيو اٿس ته پاڻ واقعي ئي حيران ٿي ويا.
ان رات رضا پارسا ماڻھن کي ھڪ خاص نصيحت ڪئي ته ڪجهه ٽائيم موبائل فون کان فارغ ٿي دوستن سان روبرو ٿي ڪچھري ڪندا ڪريو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اتي به موبائل فون کولي پيا خيالن ۾ ٻي پاسي گهمو ۽ پوءِ انھي مناسبت سان شيخ سعدي جو شعر پڙھيو جنھن ۾ سعدي چوي پيو ته اي مخاطب توکي اھڙي ماڻھوءَ جي حال جي به خبر آھي، جيڪو ويٺو ته سامھون ھجي، پر خيالن ۾ ٻئي پاسي گم ھجي، ھا اھو مان ئي آھيان، جيڪو ماڻھن ۾ موجود آھيان، پر منھنجو دل ڪنھن ٻئي پاسي آھي:
ہرگز وجودِ حاضرِ غایب شنیدهای؟
من در میان جمع و دلم جای دیگر است
ممڪن آھي ته ھن سال به ويھين ڊسمبر تي اھو ڏھاڙو ملھايو وڃي ۽ رضا پارسا به موجود ھجن ۽ حيدرآباد ۾ سندن يادگار ’شب يلدا‘ ٿي گذري ڇو جو ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته پاڻ وري ٻئي ڪنھن ملڪ ۾ ثقافت جا اتاشي ٿي وڃي رهيا آهن. پاڻ ڀلي دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ هليا وڃن، پر سندن يادون ھميشه ذھن ۾ رھنديون. بقول شاعر جي:
شبای رفتن تو شبای بی ستاره است٬
ببین کہ خاطراتم بی تو چہ پاره پاره است۔
يا بقول سعدي جي ته يار جي يادن جي دردن ۾ آھيان، پر درمان جي اميد به آھي ته خدا ڪري پوءِ اھا يلدا منھنجي آخري شب يلدا ھجي.
ہنوز باہمہ دردم امیدِ درمان است٬
کہ آخری بُوَد آخر، شبانِ یلدا را۔
رضا پارسا ھنن ٽن سالن جي عرصي دوران ڪيترن ئي ٻين پروگرامن ۾ شرڪت ڪري مختلف شخصيتن سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ جي ھن عظيم ثقافت کي ويجهڙائي سان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. گونان گون شخصيتن ۽ انھن جي ھنر فن ۽ تعليمي قابليتن کي دل جي عميق گھرائي ۽ عشق واري نگاهه سان ڏٺو. ڪجهه شخصيتن جي نالن ۾ پروفيسر سيد فرمان علي شاهه، پروفيسر سيد اعجاز حسين شاهه، نفيس احمد ناشاد، علي محمد چنا، ڊاڪٽر وحيده بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن.
فارسي زبان ۽ ان جي ادبيات جي فروغ لاءِ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ پاران به ھڪ خاص شعبو شروع ڪرڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ به رضا پارسا جون ڪوششون قابل داد آهن. پروفيسر سيد محمد علي شاهه سان سندن جڏهن ان سلسلي ۾ ملاقات ٿي ته پاڻ کين يقين ڏياريو ته انھي شعبي لاءِ ھو سڀ ڪوششون صرف ڪندا ۽ اھو ڊپارٽمينٽ جيڪڏهن شروع ٿيو ته مان سمجهان ٿو ته سندن ڪاوشن جو ھڪ Milestone ثابت ٿيندو. انھي اميد سان ته جديد فارسي نوشتاري ۽ گفتاري تي گھڻو ڪم ٿيندو ۽ ادبيات کي به ھڪ وڏي ڪمڪ ملندي. پوءِ ممڪن آهي ته سچل ۽ ٻين سنڌ جي صوفي شاعرن جو ڪلام ايراني برک محققن مثال استاد رشيد ڪاڪاوند، ارد شير رستمي، فريدون فرح اندوز ۽ سروش صحت جھڙا پڙھندا ۽ لطف وٺندا نظر اچن.
رضا پارسا کي ھر موقعي تي دوستن مسڪرائيندي ڏٺو آهي، پر ھڪ ڏينھن سندن اکڙيون ھنجهون ھاريندي ڏٺم، جڏھن ايراني صدر ۽ وزير خارجه هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيا، انھن گهڙين ۾ ائين لڳو ته سندن روح سراپا ماتم ڪندي نظر ٿي آيو. سندن طرفان ڪوٺايل ھڪ تعزيتي ميڙاڪي ۾ سندن دوستن، عالمن ۽ ليکڪن به شرڪت ڪئي ۽ ساڻس عذرخواهي ڪئي.
غالب چيو آھي ته:
جاتے ہوئے کہتے ہو قیامت کو ملیں گے
کیا خوب قیامت کا ہے گویا کوئی دن اور
پاڻ ان موقعي تي اھو به فرمايائون ته انقلاب کان وٺي ھيستائين اھڙا کوڙ حادثا ٿيا آھن، جن ۾ ڪيئي عظيم شخصيتون شھيد ٿي چڪيون آھن.

مختلف پروگرامن ۾ سائين ھميشه سنڌ جي اديبن ليکڪن ۽ محققن جو بي صبري سان انتظار ڪندا آهن ۽ نصير مرزا جو ته بي صبري سان کين انتظار ڪندي ڏٺم، جڏھن نصير مرزا اچي ويندا هئا ته ھڪ عجيب مسڪراهٽ ڏسڻ ۾ ايندي ھئي، ۽ ذوق ايترو جو مختلف پروگرامن جامي چانڊيو جا ليڪچر جيڪي ھوندا ته سنڌي ٻولي ۾ ھيا، پر سائين جن غور ۽ فڪر سان ٻڌندا هئا.
رضا پارسا کان ھڪ ڏينھن سوال ڪيم ته: ”سائين توھان کي سڀ کان وڌيڪ ڪير ٿو وڻي؟“ سائين فرمايو ته ”سنڌ جا سڀئي علم دوست ھڪ جيترو ٿا وڻن، جن اسان سان تعاون ڪيو، پر يوسف سنڌي اسان جي پروگرامن کي منعقد ڪرائڻ ۾ اسان لاءِ تمام گھڻيون تڪليفون کنيون ۽ مان يوسف سنڌي جا ٿورا لاھي ڪونه سگهندس.“
رضا پارسا جي سڀني ڪاوشن جو ھڪ مضمون ۾ تفصيل سان ذڪر ڪرڻ ممڪن ئي ناھي. پاڻ خواتين ۽ ٻارڙن جي تربيتن جا به مختلف پروگرام رکرايا. ديني پروگرام جن ۾ ’حسن قرآت‘ ۽ ٻيا ڪيئي موضوع سي به سائين جن جي دوري ۾ منعقد ٿيندي نظر آيا.
تازوئي سنڌ ثقافتي ڏھاڙي تي رضا پارسا پوري سنڌي قوم کي سنڌي زبان ڳالھائيندي ايران طرفان خوشين ۽ محبتن جو اظھار ڪيو ۽ سنڌ ۾ جتي به اھو پيغام پھتو ماڻھن به سنڌي زبان ۾ ئي کين گهڻي موٽ ڏني.
سنڌ جا ماڻھو کين ھميشه ياد ڪندا رھندا ۽ سائين جن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندا رھندا. مونکي به سائين جن جي محبت ۾ سندن يادون ننڊون ڦٽائينديون رھنديون.
بقول استاد شھريار جي:
نالد بہ حال زار من امشب سہ تار من٬
این مایہء تسلی شب ہای تار من٬
ای دل ز دوستان وفادار روزگار٬
جز ساز من نبود کسی سازگار من۔
______________



