ڊجيٽل دور ۽ ڪُوڙ کي لڳل پَر: ڪُوڙ گھڙي کن اندر دنيا ۾ پکڙجي وڃي ٿو
ڊجيٽل دؤر ۾ ڪُوڙ کي اهڙا پَر لڳي ويا آهن جو اهو سچ جي پنڌ ڪرڻ کان اڳ پوري دنيا جو چڪر لڳائي وٺي ٿو
سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمن تان بنان ڪنھن تصديق جي شيئر ڪيل هڪ پوسٽ يا هڪ جملو ڪنھن جي عزت لُٽي سگهي ٿو، ڪنھن پُرامن شهر ۾ فساد ڪرائي سگھي ٿو ۽ سالن جي مخلصانه رشتن کي پل ۾ رک ڪري سگھي ٿو.
لفظن ۾ اهڙي طاقت آهي جو اهي مئل کي جيئاري به سگهن ٿا ۽ جيئري کي ماري به سگهن ٿا. اچو ته پنهنجي لفظن کي امن جو ذريعو بڻايون، نه ڪي انتشار جو هٿيار ۔
غلط بياني، غلط عمل آ،

حڪيم پريم چاندواڻي
انساني سماج جو بنياد سچ، اعتماد ۽ رواداريءَ تي رکيل هوندو آهي. پر جڏهن سچ جي جڳهه غلط بياني، ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا وٺي وڃي، ته پوءِ اهي ئي سماج اندروني طور تي ٽٽڻ لڳندا آهن. اڄ اسان جنهن دؤر مان گذري رهيا آهيون، اتي معلومات جي تيز رفتاري جيتري سهولت بڻجي آئي آهي، ان کان وڌيڪ ”غلط بياني“ (Misinformation) هڪ خطرناڪ هٿيار بڻجي اڀري آهي. اها غلط بياني ئي آهي جيڪا نه صرف فردن، پر قومن ۽ ملڪن جي وچ ۾ انتشار جي باهه کي هوا ڏئي ٿي.
ڪُوڙ جا پکڙجندڙ پَر
ماضيءَ ۾ چيو ويندو هو ته ڪُوڙ کي پير نه هوندا آهن، پر اڄوڪي ڊجيٽل دؤر ۾ ڪُوڙ کي اهڙا پَر لڳي ويا آهن جو اهو سچ جي پنڌ ڪرڻ کان اڳ پوري دنيا جو چڪر لڳائي وٺي ٿو. سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمن تان بنان ڪنهن تصديق جي شيئر ڪيل هڪ پوسٽ يا هڪ جملو ڪنهن جي عزت لٽي سگهي ٿو، ڪنهن پرامن شهر ۾ فساد ڪرائي سگهي ٿو ۽ سالن جي مخلصانه رشتن کي پل ۾ رَک ڪري سگهي ٿو.
غلط بيانيءَ جا تير جڏهن ڪمان مان نڪرندا آهن، ته اهي سڌو سنئون سماجي امن جي سيني ۾ پيوست ٿيندا آهن. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ذاتي مفاد يا ڪنهن گروهه جي ايجنڊا لاءِ ڪوڙو بيانيو (Narrative) گهڙي ٿو، ته ان جو مقصد رڳو فائدو حاصل ڪرڻ ناهي هوندو، پر اصل ۾ هو معاشري جي شعور کي يرغمال بڻائيندو آهي.
نفسياتي پهلو ۽ انتشار
غلط بياني رڳو ٻن ماڻهن جو جهيڙو ناهي، پر اها هڪ ذهني بيماري آهي جيڪا معاشري ۾ عدم برداشت پيدا ڪري ٿي. جڏهن ماڻهن کي مسلسل غلط معلومات ڏني وڃي، ته انهن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويندي آهي. هو هر معاملي کي تعصب جي عينڪ سان ڏسڻ لڳندا آهن. ان جو نتيجو هي نڪرندو آهي ته:
* اعتماد جو فقدان:
ماڻهو هڪ ٻئي تي شڪ ڪرڻ لڳندا آهن.
* گروهه بندي: سماج مختلف لساني، مذهبي ۽ سياسي گروهن ۾ ورهائجي ويندو آهي.
* تشدد: جڏهن ٻولين ۽ لفظن ۾ زهر هوندو، ته ان جو انت تشد پسندي تي ٿيندو آهي.
جنهن طرح گندو کاڌو جسم کي بيمار ڪري ٿو، بلڪل ائين ئي غلط معلومات انساني روح ۽ سماج جي صحت کي تباھ ڪري ڇڏي ٿي. اسان جي معاشري کي اڄ جنهن انتشار جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ان جو وڏو سبب اها اخلاقي پستي آهي جتي اسان سچ کي پوئتي اڇلائي، مصلحت يا مفاد خاطر ڪوڙ جو سهارو وٺون ٿا.
ياد رکو، انتشار هميشه ٻاهرين دشمن جي ڪري ناهي ايندو، اڪثر ڪري اندروني غلط فهميون ۽ غلط بيانيون ئي آهن جيڪي قومي ايڪتا جي ديوارن ۾ ڏار وجهي ڇڏينديون آهن.
حل ڇا آهي؟
اسان کي هن فتني مان نڪرڻ لاءِ ڪجهه بنيادي اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو:
* تصديق جو عمل: قرآنِ ڪريم جو به حڪم آهي ته جڏهن ڪو فاسق ڪا خبر کڻي اچي ته ان جي تصديق ڪريو. اڄوڪي دؤر ۾ تصديق کان سواءِ ڪنهن به خبر کي اڳتي وڌائڻ گناھہ جي زمري ۾ اچي ٿو.
* ذميداراڻو استعمال: سوشل ميڊيا کي هٿيار نه پر هڪ ذميداريءَ طور استعمال ڪيو وڃي.
* اخلاقي تربيت: تعليمي ادارن ۽ گهرن ۾ ٻارن کي سچ جي اهميت ۽ ڪوڙ جي تباهي بابت آگاهي ڏني وڃي.
غلط بياني هڪ اهڙو تيل آهي جيڪو انتشار جي ٻرندڙ باهه تي اوتيو وڃي ٿو. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جي سنڌ، اسان جو ملڪ ۽ اسان جا نسل پرامن رهن، ته اسان کي هر قيمت تي سچ جو ساٿ ڏيڻو پوندو. افواهن جي بازار ۾ سچ جو ڏيئو ٻاري ئي اسان هن اونداهي کي ختم ڪري سگهون ٿا.
ياد رکو! لفظن ۾ اهڙي طاقت آهي جو اهي مئل کي جيئاري به سگهن ٿا ۽ جيئري کي ماري به سگهن ٿا. اچو ته پنهنجي لفظن کي امن جو ذريعو بڻايون، نه ڪي انتشار جو هٿيار ۔
غلط بياني، غلط عمل آ،
بهتر سوچ ئي، انجو حل آ۔
_______________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



