Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌ جو ورثو؛ حيدرآباد وارو تاريخي مُکي ھائوس

مکي محل 1920 ۾ مُکي پريتمداس چانڊومل جي چئن پٽن مان وڏي پٽ ڄيٺانند جوڙايو ھيو. محل جُڙي راس ٿيو ته مُکي ڄيٺانند 1927ع ۾ فوت ٿيو. ان وقت سندس عمر چوئيتاليھ سال ھئي

الطاف صديقي  

 حيدرآباد جي تعمير ۽ ترقي ڏانھن ڏسجي تہ انگريزن جو دور ئي ھن شھر جي عروج جو وقت رھيو جنھن ۾  ھتي جديد انداز ۾ اڏاوت ٿي. انھي دور ۾ ھتي تعليمي ادارا ، اسپتالون، روڊ رستا ، شاندار محل ماڙيون اڏيون ويون ۽ باغ بوستان آباد ٿيا ، ھن شھر جي ترقي ۽ تعمير ۾ ڏٺو وڃي ته ھندو ڀائي بند عاملن جو وڏو حصو آھي. ايئن چئجي ته انھن جي ڪري ئي شھر ترقي ڪئي.

انگريزن جو  اقتدار سنڌ تي 104 سال رھيو. سنڌي ھندو واپاري سنڌ ورڪي جي نالي سان دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ مشھور ھئا.  انگريز دور ۾ ھندو واپاري طبقي وڏي ترقي ڪئي ۽ انھن کي انگريز سرڪار جي ڪنھن قدر پٺڀرائي به حاصل رھي.  حيدرآباد شھر ۾ ان دؤر جون ڪيتريون ئي رھائيي قابل ذڪر عمارتون آھن جن  مان ھڪ مکي محل پڻ آھي جيڪو 1920 ۾ مُکي پريتمداس چانڊومل جي چئن پٽن مان وڏي پٽ ڄيٺانند جوڙايو ھيو.  مکي ڄيٺانند وارا پاڻ ۾ چار ڀائر جن مان ، گرڌاري مل ، مٿراداس جيڪو يارنھن ٻارھن ورھين جي عمر ۾ گزاري ويو ۽ چوٿون ڀاء مکي گوبند رام ھيو.  مکي ڄيٺانند وارن جو پھريون گھر شاھي بازار وٽ مُکي گليءَ  ۾  ھيو جنھن کي ھاڻي مُڪتي گلي چون ٿا. ھن گھٽيءَ جو ھڪ پاسو فقير جي پڙ ڏانھن نڪري ٿو.  مکي ڄيٺانند وارا شروع کان ئي خوشحال ھيا. سندن پيشو زمينداري ھئي. سندس پِتا جڏھن  سندس ڀائرن ۾ زمين ورھائي تہ پوء بہ  حصي ۾  کيس ھڪ  ھزار ايڪڙ زمين ان وقت جي نوابشاه ضلعي ملي ۽ جڏھن 24 نومبر 1899ع ۾ جمڙائو واه کليو ته ھنن زميندارن جا به نصيب کليا. پوء مکي صاحب زمينداري کي وڌائي ڏھ ھزارن ايڪڙن تائين پھچايو. ائين مکي ڄيٺانند زمينداري سان گڏ ڪانگريس جي سرگرمين ۾ حصو ورتو. جڏھن جواھر لعل نھرو حيدرآباد آيو ته ھن وٽ قيام ڪيو ھئائين ، پر پوء انگريز سرڪار کي سندس سياسي سرگرميون نه وڻيون ته پوء ھن به سياست کان پاسو ڪيو. ھي خاندان پنھنجي وقت ۾ شھر جو سڀ کان وڌيڪ مالدار خاندان ۽ ھندن ۾ باعزت گھراڻو ھو.

 مکي محل جي ذڪر کان اڳ اھو به ٻڌايان ته سندس ملڪيت ۾ شامل مُکي باغ ان وقت شھر جو مشھور باغ ھيو جتي شھر جا ماڻھو آسيس وٺڻ ايندا ھيا .

مکي ڄيٺا نند جڏھن مکي ھائوس ٺھرائڻ جو سوچيو ھوندو ۽ پوء  جتي ٺھرايو اٿس ، جي پاڻ 1920ع واري شھر کي ڏسون ته ھي محل يا ماڙي  جيڪا اٺ نو  سو چورس گزن جي  ايريا تي ٺھيل آھي ، گاڏي کاتي کان قلعي ڏي ھوم اسٽيڊ واري چاڙھي چڙھبي  ته کاٻي پاسي چاڙھي جي اڌ کان مٿي تعمير ٿيل آھي  يعني ٽڪريءَ جي دامن ۾ نمايان جڳھ تي جوڙيل آھي. چاڙھي  تي مکي محل ۽ پوء ان کان اڳتي ماڙيون ٺھيل آھن ، جڏھن ته محل جي سامھون وارو علائقو قدم گاه مولا علي عہ ۽ سخي عبدالوهاب شاه جي درگاه ننڍي ايريا تي ھونديون ۽ پڪي قلعي تائين خالي ميدان ھوندا ھئا. مکي محل جي پوئين پاسي به ڀائي خان جي چاڙھي ۽ ھڪ پاسي باغ ھيو ته ٻئي پاسي ننڍو قبرستان ھيو. باقي ايريا خالي ھوندي ھئي. مکي ڄيٺانند وٽ پئسي جي ڪمي نه ھئي. پاڻ به ديالو شخص ھيو ، ھن عمارت جو اٽليءَ جي آرڪيٽيڪٽ کان نقشو جوڙايو ۽ عمارت جي اڏاوت لاء جوڌ پور جو ڳاڙھو پٿر راجہ ريل رستي گھرايو ويندو ھيو.  جڏھن ته اندر فرش سنگمرمر ۽ اٽلي جي ٽائلن جا آھن.  ڪاٺ جو ڪم به ماھر ڪاريگرن جو ٿيل آھي جن وڏي مھارت سان ساڳواڻ جي ڪاٺي کي پنھنجي ھنر سان خوب سنواري الماريون در دريون ٺاھيون آھن.

  ان زماني ۾ لکن جي خرچ کان پوء جاء جڙي راس ٿي ته مکي ڄيٺانند 1927ع ۾ فوت ٿيو. ان وقت سندس عمر چوئيتاليھ سال ھئي. ھُو پويان ٻه نياڻيون ڇڏي ويو . مکي ڄيٺانند کان پوء سندس ننڍو ڀاء مکي گوبند رام مکي ٿيو جنھن کي پوء پوري سنڌ جو مکي مقرر ڪيو ويو. جڏھن 1936 ۾ سنڌ بمبئي کان جدا ٿي ته  ھن کي سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. ان کان پوء ھي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رھيو. ھي خاندان ھن ئي محل نما عمارت ۾ رھندو ھيو. ھي  محل ٻہ منزله عمارت آھي جنھن جي پھرين فلور تي اچڻ لاء به چاڙھي واري پاسي کان ڪجھ ڏاڪا چڙھي مٿي اچبو ته  ڪشاده اڳڻ نظر ايندو جيڪو سفيد سنگمرمر جو ٺھيل آھي. اڱڻ کان اندر اچبو ته وڏو ورانڊو آھي ، ان جي پويان ھڪ وڏو ھال آھي جنھن ۾ ھوا جي لاء وڏيون دريون ۽ روشن دانن وارا دروازہ آھن. ھيٺ ڪجھ ڪمرا آھن. ٽوٽل ھيٺ مٿي ٻارھن ڪمرا آھن ، مٿي رھائشي خاندان جا بيڊ روم آھن جنھن کي ثقافت کاتي انھيءَ انداز ۾ سجايو آھي .

ھن عمارت ۾ ھڪ گيلري اھڙي آھي جيڪا مڪمل ڪاٺ جي ٺھيل آھي ۽ ڍڪيل آھي جنھن ۾ ڪاٺ جي ڄاري ائين لڳل آھي جو ڪو پردہ نشين ان مان  ڏسي ته ھيٺيون اڱڻ مڪمل نظر ايندو جڏھن ته ھيٺين کي خبر نه هوندي ته ڪو ھنن کي مٿان  ڏسي پيو . ھي خوبصورت عمارت ھن خاندان وٽ 1957 ع تائين ھئي ۽ خاندان جو ھڪ اڌ فرد ھن ۾ آخر تائين  رھندو ھيو ۽ قبضو برقرار رکيو.  ٻيا گھر ڀاتي پھرين بمبئي پوء آمريڪا منتقل ٿي ويا ، پوء ھن عمارت ۾ مھاجرن جي آباد ڪاري جي آفيس جنھن کي سيٽلمينٽ آفيس سڏيندا ھئا اھا قائم ٿي. پوء آفيس جي ختم ٿيڻ کان پوء خالي پيل ھوندي ھئي.  بعد۾ ھن عمارت ۾ خديجه نالي سان سرڪاري ڇوڪرين جو  اسڪول قائم ٿيو. ھڪ وقت اھڙو بہ آيو جو پڪي قلعي جي وڳوڙين تي نظر رکڻ لاء ھتي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري رھندي ھئي. 2008 تائين عمارت جو اندريون حصو پنھنجو حسن وڃائي چڪو ھيو پر پوءِ  2013ع ۾ سنڌ حڪومت  ھن عمارت کي رينوويٽ ڪيو  ۽ پوء مکي فيملي کي آمريڪا مان گھرايو ويو. مکي فيملي آئي ۽ ھڪ رات پنھنجي وڏڙن جي محل ۾ گزاري. چون ٿا ته مکي فيملي وارا پنھنجي اباڻي گھر کي ڏسي روئيدا رھيا.  2013 ۾ ھنن سنڌ حڪومت کي ڪجھ شرطن تي عمارت حوالي ڪئي.  2018ع ۾ سنڌ حڪومت ھن ميوزم تي ڪم شروع ڪيو جنھن جو افتتاح 2021ع ۾ متعلقه وزير ڪيو. 

گھر جي ھيٺين حصي کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو آھي جنھن ۾ ميرن جي وقت جون شيون رکيون ويون آھن ، ٻن ڪمرن ۾فوٽو گيلري ٺاھي ويئي آھي ۽ ھڪ ۾ حيدرآباد شھر جي پراڻن  منظرن واريون تصويرون آھن ته ٻئي ڪمري ۾ شھر جي مشھور شخصيتن جا پورٽريٽس آھن . مٿين منزل تي ھڪ ڪمرو مخصوص ڪيو ويو آھي جنھن ۾ ميوزيم گھمڻ وارن کي محل متعلق آڊيو وڊيو جي مدد سان تعارف ڪرايو ويندو.

  ھي محل ھي عمارت ھي ننڍڙو ميوزيم ھرڪنھن سنڌ واسي کي گھمڻ گھرجي ، ميوزيم جي انٽري ٽڪيٽ پنجاھ روپيه آھي جيڪو انھن جو حق آھي. ھن جي سنڀال ۽ صفائي قابل تعريف آھي .

_____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button