لاھور ھڪ بدلجندڙ شھر: اڄ جو لاھور نوآبادياتي طبقاتي ورڇ کي جنم ڏئي رھيو آھي
اڄوڪو لاهور پنهنجي قديم صوفي ۽ مغل ماضيءَ کي پسمنظر ۾ اڇلي، ساڳئي نوآبادياتي طبقاتي ورهاست کي جنم ڏئي رهيو آهي. اها ترقي نئين سرمائيداري نظام جو هڪ روپ آهي، جنهن غريب جي لاهور کي شهر جي ڪنارن تي اڇلي ڇڏيو آهي. پروفيسر شاهد امتياز جي ڪتاب Amorphous Lahore جو هڪ تفصيلي اڀياس

صدام راڄپر
پروفيسر شاهد امتياز جو انگريزي ڪتاب Amorphous Lahore لاهور جي تاريخ، نوآبادياتي دور، آزاديءَ کانپوءِ جي سماجي تبديلي، ۽ ادب کي گڏائي هڪ بين العلومي منظر پيش ڪري ٿو. ڪتاب جو بنيادي دليل اهو آهي ته لاهور ڪا جامد يا مقرر سڃاڻپ وارو شهر نه آهي، پر هڪAmorphous (مسلسل بدلجندڙ) شهر آهي. مصنف ڏيکاري ٿو ته مغل دور، سِک دور، برطانوي نوآبادياتي دور، پاڪستاني دور، انھن سڀني لاهور جي ثقافت، سياست، ٻولي ۽ شهري سڃاڻپ تي پنهنجا نشان ڇڏيا آهن.
ڪتاب ۾ برطانوي حڪومت جي اثرن جو جائزو ڏنو ويو آهي. مثال طور جديد روڊ، ريلوي، ڪاليج، عدالتون، سول لائينون، ڪنٽونمينٽ، مال روڊ جو احوال ڏيندي مصنف ٻڌائي ٿو ته برطانيا صرف حڪومت نه ڪئي پر ماڻهن جي سوچ، تعليم ۽ زندگيءَ جو انداز به تبديل ڪيو. آزاديءَ کان پوءِ قومي سڃاڻپ، ورهاڱي جا اثر، لڏپلاڻ، شهري توسيع، سياسي تبديليون، انهن سڀني لاهور کي نئين صورت ڏني.
ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته مصنف تاريخ کي ناولن، افسانن ۽ ادبي متن سان گڏ پڙهي ٿو. يعني تاريخي دستاويز ۽ فڪشن ٻئي گڏجي شهر جي يادگيري ٺاهين ٿا. ڪتاب ۾ ثقافتي ساروڻين تي خاص زور ڏنو ويو آهي. مصنف ٻڌائي ٿو تہ عمارتون، بازارون، مسجدون، باغ، گهٽيون، صرف جايون ناهن، پر ماڻهن جون يادون آهن. لاهور جي سڃاڻپ مغل دور، سک دور ، بيٺڪي دور، اسلامي، پنجابي، ڏکڻ ايشيائي، انهن سڀني ثقافتن جو ميلاپ آهي.
مصنف ڪيترن ئي ادبي دستاويزن ذريعي لاهور کي سمجهايو آهي. ادب کي صرف ڪهاڻي نه، پر تاريخي شاهديءَ طور به پڙهيو ويو آهي، تاريخ ۽ ادب کي گڏ پڙهڻ جو منفرد انداز، لاهور جي سڃاڻپ جي گهري تشريح، نوآبادياتي اثرن جو تنقيدي جائزو، نظرياتي بحث ڪجهه هنڌن تي پيچيده آهي. عام پڙهندڙ لاءِ ڪي باب ڏکيا ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن وڌيڪ نقشا، تصويرون يا جدول شامل هجن ها ته پڙهڻ وڌيڪ آسان ٿئي ها.
هي ڪتاب صرف لاهور جي تاريخ بيان نٿو ڪري، بلڪه ڏيکاري ٿو ته شهرن جي سڃاڻپ تاريخ، طاقت، نوآباديات، ادب ۽ ماڻهن جي گڏيل يادگيرين مان ٺهندي آهي. “Amorphous” جو تصور ٻڌائي ٿو ته لاهور هڪ اهڙو شهر آهي جيڪو وقت سان گڏ بدلجندو رهي ٿو، پر پنهنجي ماضي جا نشان به پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو.

ڪتاب جو مصنف پروفيسر شاهد امتياز پاڪستان جي اڪيڊمڪ، ادبي ۽ نظرياتي حلقن ۾ گهرو فڪر رکندڙ ۽ احترام واري نگاهه سان ڏٺو ويندڙ نالو آهي. سندس شمار انگريزي ادب ۽ لسانيات جي انهن سينيئر استادن ۾ ٿئي ٿو، جن پاڪستان ۾ اعلي تعليم (خاص طور ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ليول) جي شاگردن ۾ تنقيدي ۽ فلسفيانه شعور کي اڀارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هو رفاهه انٽرنيشنل يونيورسٽي لاهور جي گلبرگ ڪيمپس ۾ انگريزي شعبي سان وابسته رهيو آهي، جتي سندس ليڪچرز رڳو ڪتابي حدن تائين محدود نه هوندا آهن، پر اهي شاگردن ۾ بحث، مباحثي ۽ سوال اٿارڻ جي فڪري سگهه پيدا ڪندا آهن. پروفيسر شاهد امتياز رڳو هڪ روايتي استاد نہ پر هو جديد ادبي نظرين جو وڏو پارکو آهي. سندس خاص مهارت انگريزي ادب جي تاريخ، ڊرامي، نوآبادياتي دور کانپوءِ واري ادب ۾ آھي جنهن ۾ هُو پرکي ٿو ته ڪيئن نوآبادياتي راڄ کان پوءِ مقامي ذهنن ۽ ادارن تي غلاميءَ جا اثر باقي آهن. تبصري ھيٺ ڪتاب سندن انهيءَ منفرد تحقيقي سوچ جو ثبوت آهي.
شاهد امتياز جو ڪتاب رڳو لاهور جي تاريخ جو ڪو روايتي يا سرڪاري خاڪو ناهي، بلڪه شھري اڀياس، ادبي تنقيد ۽ نوآبادياتي نظام کانپوءِ وارن نظرين جو هڪ انتهائي اعلي اڪيڊمڪ امتزاج آهي. مصنف لاهور کي هڪ اهڙي اڻ-مٽ، لچڪدار ۽ وهندڙ وجود طور پيش ڪري ٿو، جيڪو ڪنهن هڪ دور يا مخصوص سڃاڻپ جي قالب ۾ قيد نٿو ٿي سگهي. هو تاريخي دستاويزن جي خشڪ انگن اکرن کي فڪشن (ناولن ۽ افسانن) جي انساني ۽ نفسياتي سچائين سان ڳنڍي، لاهور جي روح کي ڊي ڪنسٽرڪٽ ڪري ٿو.
مصنف جو خيال آهي ته لاهور ڪو هڪ جامد يادگار ناهي؛ اهو رڳو مغلن جو، سکن يا برطانوي راڄ جو، ۽ نه ئي وري رڳو نوآبادياتي دور کانپوءِ پاڪستان جو آھي. اهو انهن سڀني دورن جي گڏيل تضادن، گهراڻن ۽ يادگيرين جي ٽڪراءُ مان اڀريل هڪ گڏيل سڃاڻپ آهي. هي خيال قديم يوناني فلسفي هيراليڪٽس (Heraclitus) جي ان وجودي نظرئي سان ميل کائي ٿو ته “هر شئي مسلسل تبديليءَ جي عمل مان لنگهي رهي آهي . لاهور هڪ وهندڙ درياءُ آهي، جنهن جي معني هر نئين نسل، نئين اقتدار ۽ نئين ادبي متن سان تبديل ٿيندي رهي ٿي.
شاهد امتياز ڪتاب جي شروعاتي بابن ۾ هڪ تمام گهرو فڪري بحث اٿاري ٿو ته برطانوي نوآباديات رڳو زمين تي سياسي يا فوجي قبضي جو نالو نه هئي، پر اها مقامي ماڻهن جي شعور، ٻولي، قانون ۽ شهري جاگرافيءَ کي پنهنجي مرضيءَ مطابق ترتيب ڏيڻ جو نالو هئي. هتي مصنف فرانسيسي مفڪر ميشل فوڪو (Michel Foucault) جي “Power and Knowledge” (طاقت ۽ علم) ۽ Discipline واري تصور کي لاهور جي شهري بيهڪ تي لاڳو ڪري ٿو. انگريزن جڏهن قديم لاهور (اندرون شهر) جي ٻاهران “سول لائينز” ۽ “ملٽري ڪينٽونمينٽ” اڏيا، ته اهو رڳو شهري واڌارو نه هو، پر هڪ نظرياتي ٻيائي (Binary Opposition) هئي،
قديم شهر، جنهن کي نوآبادياتي اک پسمانده، گندو ۽ افراتفريءَ جو شڪار ڏسندي هئي. جديد نوآبادياتي شهر جيڪو طاقت، نظم و ضبط، ۽ يورپي برتريءَ جو مادي اظهار هو. مال روڊ جي اڏاوت، لاهور ريلوي اسٽيشن (جيڪا هڪ قلعي وانگر اڏي وئي ته جيئن 1857ع جهڙي بغاوت کي ٻيهر ڪنٽرول ڪري سگهجي)، اڪيڊمڪ ادارا ۽ عدالتون اهي سڀ فوڪو جي نظرئي مطابق طاقت جا اهڙا اوزار (Discursive Institutions) هئا، جن مقامي ماڻهن کي ذهني طور پنهنجو غلام بڻايو. مصنف ڏيکاري ٿو ته برطانوي حڪمرانن ۽ سياحن لاهور کي هميشه ايڊورڊ سعد (Edward Said) جي Orientalism واري نظرئي جي چشمي سان ڏٺو. مغرب هميشه اوڀر جي هڪ اهڙي تصوير جوڙي جيڪا رومانوي، پراسرار پر بنيادي طور پسمانده هئي، ته جيئن هتي پنهنجي حڪومت کي “تهذيب يافته بڻائڻ جو مشن” (Civilizing Mission) چئي جائز قرار ڏئي سگهجي. ان ڪري، لاهور جو اصل تاريخي ۽ مقامي آواز سرڪاري تاريخ جي ورقن پٺيان دٻجي ويو.
شاهد امتياز جي هن تحقيقي ڪم جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته هو لاهور جي هن گم ٿيل آواز کي ڳولڻ لاءِ فڪشن (Fiction) کي بنيادي متن بڻائي ٿو. هو مختلف نامور ناولن تي جديد ادبي نظريا لاڳو ڪري شهر جي نفسياتي پرت کي اڳيان آڻي ٿو. هومي ڀاڀا (Homi K. Bhabha) جي نظرئي “Mimicry” تحت، شاهد امتياز بحث ڪري ٿو ته ڪيئن مقامي ڪردار نه مڪمل انگريز بڻجي سگهيا ۽ نه مڪمل مقامي رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اڌوري ۽ ٻيائيءَ جو شڪار سڃاڻپ (Hybrid identity) جنم ورتو.
شاهد امتياز ڏيکاري ٿو ته ورهاڱو رڳو لڪيرون ڪڍڻ جو نالو نه هو، پر اهو لاهور جي “ڪوزموپوليٽن” (گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي) روح جو قتل هو. شاهه عالم مارڪيٽ جو سڙڻ ۽ عورتن جي جسمن تي ٿيندڙ تشدد اصل ۾ ان جاگرافيائي صدمي جو مادي اظهار هئا، جنهن لاهور جي اجتماعي نفسيات کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو. سعادت حسن منٽو جا افسانا (فرائيڊ ۽ لڪان جو نفسياتي تجزيو) منٽو جي ڪردارن (جهڙوڪ “ٽوبه ٽيڪ سنگهه” جو بشبن سنگهه) جي چريائيءَ کي مصنف سگمنڊ فرائيڊ ۽ جيڪ لڪان جي نفسياتي نظرين جي روشنيءَ ۾ پرکي ٿو. هي چريائي ڪو طبيعي مرض ناهي، پر هڪ اهڙي شهر جي غير فطري ورهاست تي لاشعور جو سڀ کان وڏو احتجاج آهي، جنهن جي جاگرافيءَ کي سياست جي نالي تي چيري ڦاڙي ويو هو.
پس نوآبادياتي دور، ذهني غلامي ۽ نوان نوآبادياتي پاڇا
مصنف فرانز فئنن (Frantz Fanon) جي فڪر جي روشنيءَ ۾ اڄوڪي جديد لاهور تي به سخت تنقيد ڪري ٿو. 1947ع ۾ سياسي آزادي ته ملي وئي، پر نوآبادياتي ادارا، نصاب ۽ انتظامي ڍانچا ساڳيا رهيا. اڄوڪو لاهور (بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ميگا پروجيڪٽس جو لاهور) پنهنجي قديم صوفي ۽ مغل ماضيءَ کي پسمنظر ۾ اڇلي، ساڳئي نوآبادياتي طبقاتي ورهاست کي جنم ڏئي رهيو آهي. اها ترقي رڳو نئين سرمائيداري نظام جو هڪ روپ آهي، جنهن غريب جي لاهور کي شهر جي ڪنارن تي اڇلي ڇڏيو آهي. شاهد امتياز جو ڪتاب بنيادي طور تي هڪ وڏو وجودي (Existential) سوال اٿاري ٿوتہ ڇا شهرن جو ڪو آخري ۽ مقرر وجود هوندو آهي؟ جواب آهي، نه. انسان وانگر شهر به جامد ناهن هوندا؛ اهي مسلسل تاريخي، سياسي ۽ انساني عملن جي نتيجي ۾ پنهنجو وجود پاڻ تخليق ڪندا رهندا آهن. مصنف جنهن انداز ۾ ڪتاب جي متني حڪمتِ عمليءَ (Textual Strategy) ۾ ميخائل باختن جي Polyphony (گھڻ آوازيت) ۽ ڊي-ڪنسٽرڪشن جا اصول ڪتب آندا آهن، اهو تحقيقي دنيا ۾ هڪ نئون معيار قائم ڪري ٿو. جيتوڻيڪ ڪتاب جا فلسفيانه اڀياس پيچيده آهن ۽ عام پڙهندڙ لاءِ ڏکيا ثابت ٿي سگهن ٿا، پر علمي سطح تي اها پيچيدگي ئي هن ڪتاب جي اصل طاقت آهي. هي ڪتابايم فل ۽پي ايڇ ڊي جي سطح تي شاگردن ۽ محققن لاءِ ريسرچ ميٿڊالاجي جو هڪ بھترين مثال آهي، جيڪو اسان کي سيکاري ٿو ته ڪنهن شهر جي جاگرافيءَ کي ادب ۽ فلسفي جي دوربين مان ڪيئن پڙهجي.
___________

صدام راڄپر



