پنهنجو پلاسٽڪ جو گند پوئتي ڇڏي اچو، يا اسان جي رياست ۾ داخل نه ٿيو
انڊيا جي رياست سِڪم جي سخت پاليسي ۽ ذميوار سوچ . سِڪم ۾ داخل ٿيندڙ پرڏيهي توڙي ملڪي سياحن جي گاڏين جي اوچتي چيڪنگ ڪئي وڃي ٿي، هر سياحتي گاڏيءَ اندر ڪچري جو ٿيلهو يا گاربيج بيگ رکڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ۽ ان جي خلاف ورزي ڪرڻ يا ڪچرو اڇلائڻ تي 3,000 رپين تائين جو سخت ڏنڊ هنيو وڃي ٿو.

مانيٽرنگ ڊيسڪ
سالن کان سڄي دنيا ۾ ماحولياتي تحفظ جي نالي تي صرف لفاظي، خوبصورت نعرا، سٺا پوسٽر ۽ ڏيکاءَ وارا سڏڪا ئي ڏسڻ ۾ ايندا رهيا آهن، جن جو مقصد ماڻهن کي ماحول صاف رکڻ جي ترغيب ڏيڻ هوندو هو. پر جڏهن پلاسٽڪ جي گدلاڻ تباهه ڪندڙ حد تائين پهچي چڪي هجي، تڏهن رڳو نرميءَ سان منٿون ڪرڻ يا آگاهي ڦهلائڻ سان ڪم نٿو ھلي، بلڪه سخت ۽ فيصلائتي حڪمرانيءَ جي ضرورت پوندي آهي. ان ئي تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ پهاڙي ۽ ماحولياتي لحاظ کان گهڻو حساس علائقي سِڪم هڪ نهايت ئي پختو ۽ فيصلائتو قدم کنيو آهي. ”پنهنجو پلاسٽڪ جو ڪچرو پوئتي ڇڏي اچو، يا اسان جي رياست ۾ داخل نه ٿيو،“ هيءُ هاڻي رڳو هڪ ماحول دوستي جو نعرو يا عام پيغام ناهي رهيو، بلڪه سِڪم رياست جي حڪومت پاران لاڳو ڪيل هڪ زيرو ٽالرنس پاليسي يعني ٻُڙي يعني بنھ نہ برداشت ڪرڻ واري پاليسي بڻجي چڪي آهي، جنهن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو پيو وڃي.
سِڪم ۾ داخل ٿيندڙ پرڏيهي توڙي ملڪي سياحن جي گاڏين جي اوچتي چيڪنگ ڪئي وڃي ٿي، هر سياحتي گاڏيءَ اندر ڪچري جو ٿيلهو يا گاربيج بيگ رکڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ۽ ان جي خلاف ورزي ڪرڻ يا ڪچرو اڇلائڻ تي 3,000 رپين تائين جو سخت ڏنڊ هنيو وڃي ٿو. ان سختيءَ پويان هڪ وڏو ۽ تلخ سچ لڪل آهي، جنهن کي سمجهڻ بنا اسان ان فيصلي جي اهميت نٿا سمجهي سگهون. سڪم جهڙي ننڍڙي پهاڙي رياست جي پنهنجي مقامي آبادي مس ڇهه لک کن آهي، جڏهن ته اتي هر سال لڳ ڀڳ 20 لک سياح گهمڻ ۽ تفريح لاءِ ايندا آهن. هڪ اهڙي خطي ۾ جتي مقامي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سياحن جو تعداد چئوڻ تي وڌيڪ هجي، اتي هر نئين ڏينهن هزارين پلاسٽڪ جون بوتلون، ريپرز ۽ کاڌي پيتي جي شين جا پيڪٽ جبلن جي ڪُنڊ پاسن ۾ گڏ ٿيندا رهندا آهن. هي اهي جبل آهن جن کي ٺھڻ ۾ هزارين سال لڳا آهن، پر اتي اڇلايل پلاسٽڪ نٿي ڳري، بلڪه ھميشھ لاءِ اتي ئي رهجي وڃي ٿي ۽ اتان جي نازڪ ماحولياتي توازن کي برباد ڪري ڇڏي ٿي.
جيڪڏهن اسان سموري هندستان جي پلاسٽڪ گدلاڻ جي انگن اکرن تي نظر وڌائينداسين ته صورتحال وڌيڪ سنگين نظر ايندي. هر سال اتي لڳ ڀڳ 9.3 ملين ٽن پلاسٽڪ جو ڪچرو پيدا ٿئي ٿو، جيڪو پوري دنيا جي ڪل پلاسٽڪ جي ڪچري جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو آهي. ان مڙني مان صرف 60 سيڪڙو ڪچرو ئي گڏ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته باقي 40 سيڪڙو ڪچرو جي ندين نالن، درياهن، جبلن ۽ رستن تي رلي ٿو. حيرت ۽ ڳڻتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هر سال لڳ ڀڳ 1.2 ملين ٽن پلاسٽڪ سڌو سنئون سمنڊ ۾ داخل ٿي بحري حياتيات کي زهر بڻائي ٿي. اهڙين حالتن ۾ سِڪم جهڙن پهاڙي علائقن ۾ هي نقصان ٻيڻو ٿي وڃي ٿو، جتي رستن جي تنگي ۽ وسيلن جي کوٽ سبب ڪچرو کڻڻ يا ان کي ريسائيڪل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم هوندو آهي.
سِڪم رياست جو اھ فيصلو ۽ سختيءَ سان عمل پاڪستان جھڙن ملڪن لاءِ بہ وڏو سبق آھي ته اسان جي حڪومتن کي بہ پنھنجي ڪرڻ شھرن ۽ تفريحي ماڳن کي پلاسٽڪ ۽ اھڙي ٻي گدلاڻ کان پاڪ رکڻ لاءِ سخت فيصلا ڪري انھن تي عمل ڪرائڻو پوندو. جڏهن اصول واضح هوندا آهن ۽ انهن تي بلا تفريق عمل ٿي سگھندو آهي، تڏهن سياح توڙي عام ماڻهو به ان جو احترام ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن. نتيجي ۾ نه رڳو ماحول محفوظ رهي ٿو بلڪه ان خطي جي سڃاڻپ هڪ باوقار ۽ خوبصورت مقام طور وڌيڪ بھتر ٿي سامھون اچي ٿي. ان ڪري، سِڪم جو هي قدم سڄي دنيا ۽ ٻين خطن لاءِ هڪ روشن مثال آهي ته ماحول کي بچائڻ لاءِ هاڻي مصلحتن کان مٿانهون ٿي فيصلائتا ۽ عملي قدم کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي.
________________



