ڊاڪٽر فهميده لغاري ڪانفرنس؛ ڏوھارين کي سخت سزا ۽ نياڻين جي تحفظ جو مطالبو
ڊاڪٽر فهميده لغاري کي ھراسائي ۽ بليڪ ميل ذريعي آپگهات تي مجبور ڪندڙ ماڻهن کي سخت سزا ملڻ گهرجي، ته جيئن اسان جون نياڻيون بنا خوف جي تعليم جاري رکي سگهن.

رپورٽ: يوسف رند
ميرپورخاص: ڀٽ شاهه ڊڪليريشن ڪوآرڊينشن ڪائونسل (BDCC) ۽ سول سوسائٽي ميرپورخاص پاران پريس ڪلب ميرپورخاص جي هال ۾ ڊاڪٽر فهميده لغاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس ۾ سڄي سنڌ مان سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ ڊاڪٽر فهميده جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڪانفرنس جي مهمانِ خاص، لاهور کان خصوصي طور آيل ‘سيپ پاڪستان’ جي ڊائريڪٽر ۽ نامور سماجي اڳواڻ محمد تحسين چيو ته: ڊاڪٽر فهميده لغاري کي ھراسائي ۽ بليڪ ميل ذريعي آپگهات تي مجبور ڪندڙ ماڻهن کي سخت سزا ملڻ گهرجي، ته جيئن اسان جون نياڻيون بنا خوف جي تعليم جاري رکي سگهن.

هن نجي ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميه تي سخت تنقيد ڪندي لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته اهڙن ڪردارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.
هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي اڳواڻ قاضي خضر حبيب چيو ته اسان جي سماج جي اها حالت هڪ وڏو الميو آهي. هن پڪ ڏياري ته ڪميشن متاثر خاندان سان گڏ آهي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.
ليکڪا امر سنڌوءَ سوال اٿاريو ته امن جي ڌرتي تي نياڻيون هاڻي گهرن ۽ تعليمي ادارن ۾ به محفوظ ڇو نه آهن؟ هن سڀني کي گڏجي ان جو حل ڪڍڻ جي اپيل ڪئي.

ڊاڪٽر دلدار لغاري (عوامي تحريڪ) چيو ته هن ڪيس ۾ ڪاميابي ٻين ڪيترين ئي نياڻين جي زندگي بچائي سگهي ٿي.
عاليه بخشل ٿلهو (عوامي ورڪرز پارٽي) حڪمرانن جي ناڪام پاليسين کي نوجوانن ۾ وڌندڙ مايوسي جو سبب قرار ڏنو.
علي حسن چانڊيو (جسقم آريسر) چيو ته اها خودڪشي نه پر قتل آهي، جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو.
ايڊووڪيٽ مير مظهر ٽالپر چيو ته جيڪڏهن اڄ اسان خاموش رهياسين ته مستقبل ۾ وڌيڪ زندگيون ضايع ٿينديون. ھن چيو تہ نظام کي بدلائڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ ترقي پسند ناري تحريڪ جي صدر حاڪمزادي ٿيٻو چيو ته وحشي درندن جي خوف کان نياڻين جي تعليم نه روڪينداسين پر مزاحمت ڪنداسين. ڪالم نگار مير حسن آريسر چيو ته سنڌ ۾ “ڪاروڪاري” هاڻي هڪ بزنس بڻجي چڪو آهي، وڏيرڪي نظام ماڻهن کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي.
تقريب کي جاويد سوز هالائي، لالا ارشد خاصخيلي، سعديه بلوچ، زاهده ڏيٿو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
ڊاڪٽر فهميده جي والده آپا پروين، والد انتظار حسين ۽ ننڍي ڀيڻ مهڪ فاطمه ڳالهائيندي سڏڪن ۾ پئجي ويا. هنن چيو ته: اسان فهميده کي وساري نٿا سگهون. اسان انصاف لاءِ اعليٰ عدالتن تائين وينداسين ۽ جوابدارن کي سزا ڏيارينداسين.

پروگرام دوران راڳي امانت عليءَ ڀٽائيءَ جي وائي ڳائي ڊاڪٽر فهميده کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته مهڪ فاطمه هڪ ڏکوئيندڙ ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري، جنهن شرڪت ڪندڙن جون اکيون آليون ڪري ڇڏيون.
ڀٽ شاھ ڊڪليريشن ڪائونسل سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر علي انور عباسي ۽ ميزبان واجد لغاري پڻ خطاب ڪيو ۽ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو. ڪانفرنس ۾ شهناز شيدي، رفيعيه گلاڻي، لالا مظهر پٺاڻ، عباس ٿيٻو ۽ ٻين سوين سياسي و سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
__________________

يوسف رند



