Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌ ۾ عورتن کي ووٽر فھرستن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ خاص مُھم ھلائڻ جو فيصلو

مهم انھن ضلعن ۾ ھلائي ويندي جتي وڏي انگ ۾ عورتن وٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ موجود ناهن. حيدرآباد، ڪراچي جا مختلف ضلعا، ملير، ڪورنگي، ڪياماڙي، سکر، سانگهڙ، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، گهوٽڪي ۽ خيرپور سميت سنڌ جا 16 ضلعا مھم ۾ شامل ھوندا  

ڪراچي، سنڌ

سنڌ ۾ عورتن کي ووٽر فھرستن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ خاص مُھم ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. مهم انھن ضلعن ۾ ھلائي ويندي جتي وڏي انگ ۾ عورتن وٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ موجود ناهن. حيدرآباد، ڪراچي جا مختلف ضلعا، ملير، ڪورنگي، ڪياماڙي، سکر، سانگهڙ، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، گهوٽڪي ۽ خيرپور سميت سنڌ جي 16 ضلعن ۾ مھم ھلائي ويندي.

اھڙو فيصلو چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ انڪليوسو نادرا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽر رجسٽريشن اسٽريٽجي بابت اجلاس ۾ اڱاري ڏينھن ڪيو ويو.

سنڌ چيف سيڪريٽريءَ جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي

چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ صوبائي سيڪريٽريٽ ۾ انڪليوسو نادرا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽر رجسٽريشن اسٽريٽجي بابت اجلاس اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل جينڊر اينڊ سوشل انڪليوزن  نگهت صديق، جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر (اليڪشنز) سائين بخش چنڙ، ڊائريڪٽر جنرل نادرا، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين واسطيدار ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ عورتن جي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽر رجسٽريشن ۾ موجود صنفي فرق کي گهٽائڻ لاءِ فيز فائيو انڪليوسو اين آئي سي/ووٽر رجسٽريشن مهم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نادرا ۽ ٻين واسطيدار ادارن جي تعاون سان 2017ع کان وٺي مرحليوار قدمن ذريعي انتخابي فهرستن ۾ صنفي فرق کي نمايان طور تي گهٽايو ويو آهي، جيڪو 2017ع ۾ 12.7 سيڪڙو هو ۽ هاڻي 2025ع ۾ گهٽجي 7.1 سيڪڙو رهجي ويو آهي. پنجين مرحلي واري مهم جو مقصد انهن ضلعن ۾ خاص ڌيان سان ڪم ڪرڻ آهي جتي وڏي انگ ۾ عورتن وٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ موجود ناهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ جي 16 ضلعن ۾ موبائيل رجسٽريشن وينز ۽ نادرا جي رجسٽريشن سينٽرن ذريعي غير رجسٽرڊ عورتن تائين پهچ کي يقيني بڻايو ويندو.

چيف سيڪريٽريءَ هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميه، لوڪل گورنمينٽ، تعليم ۽ سوشل ويلفيئر جا کاتا اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا سان ويجهي رابطي ۾ رهي ڪميونٽي سطح تي آگاهي ۽ رجسٽريشن جي عمل کي اثرائتو بڻائين.

 اجلاس ۾ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ درپيش رڪاوٽن، خاص طور تي ٻارن جي پيدائشي اندراج (برٿ سرٽيفڪيٽ) بابت مسئلن، فيس، ۽ انٽرنيٽ جهڙن چئلينجن تي به غور ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي اليڪشن ڪمشنرن کي مڪمل تعاون فراهم ڪن، موبائيل رجسٽريشن وينز کي سيڪيورٽي ڏني وڃي ۽ عورتن جي وڌ کان وڌ رجسٽريشن کي يقيني بڻائڻ لاءِ تمام دستياب وسيلا استعمال ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته صوبي سنڌ ۾ عورتن جي جمهوري عمل ۾ برابر ۽ اثرائتي ڪردار کي يقيني بڻائڻ لاءِ ادارتي هم آهنگي سان انڪليوسو رجسٽريشن مهم کي ڪامياب بڻايو ويندو. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه اجلاس دوران سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران پولنگ اسٽيشنن جي لسٽ ۾ شامل اسڪولن ۾ معذور ماڻهن لاءِ ريمپس (Ramps) ۽ مناسب واش رومز جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي.(پريس رليز)

__________   

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button