سنڌ مُخالف رٿائن خلاف لاڙڪاڻي ۾ بُک ھڙتال
سردارن جي سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ، جرڳن وسيلي عورتن جي قتلام، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان لاڙڪاڻي ۾ بک هڙتال.
لاڙڪاڻو (پريس رليز) سردارن جي سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ، جرڳن وسيلي عورتن جي قتلام، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان عوامي تحريڪ جي اڳواڻن، وڪيلن ۽ ٻين جمعي ڏينھن ھتي بُک ھڙتال ڪئي.
پارٽيءَ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو، عوامي تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر علي حسن وڪو، محبوب رڪ راهوجو، عرفان منان چانڊيو، محمد خان چانڊيو، علي محمد وڪو، احمد خان وڪو، نياز خاصخيلي، ادريس عباسي، عباس ڪلهوڙو، عبدالرحمان چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي جي اڳواڻي ۾ وڪيلن جي وفد بہ بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته چناب ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري واپڊا چيئرمين جناح جي پاڪستان تي حملو ڪيو آهي، هن چيو ته مرڪز ۾ قائم اتحادي سرڪار سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي انڊس ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ وارين دهشتگرد پاليسين تي هلي رهي آهي. ھُن چيو تہ پاڪستان جي وفاقي سرڪار موديءَ جي پاليسين تي هلڻ بدران انڊس ڊيلٽا کي هنگامي طور بحال ڪري ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي.

ھُن واضح ڪيو تہ سنڌي قوم بلاول شهباز اتحادي سرڪار جي آبي دهشتگردي کي برداشت نه ڪندي. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهڻ ست ڪروڙ جي سنڌين جي نسل ڪشي جا دهشتگرد منصوبا آهن، پنجاب اڳ ۾ ئي سنڌ جو 90 سيڪڙو چورائي ويو آهي، ۽ 1945ع واري سنڌ پنجاب پاڻي ٺاهه جي حصي جي مناسبت سان سنڌ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هڪڙي پاسي درياهه ۾ ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، انڊس رور سسٽم ۾ جھجھي مقدار ۾ پاڻي پهتو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي ڪئنالن جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، نتيجي ۾ سارين ۽ فصلن جو ٻيجارو سڪي رهيو آهي.
حڪومت جي هاري دشمن پاليسين سبب ملڪ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي، زراعت جي تباهي ملڪي معيشت جي تباهي آهي، زراعت تباهه ڪرڻ واريون پاليسيون آڻيندڙ حڪمرانن مٿان ملڪ سان غداري جا ڪيس داخل ڪيا وڃن،
احتجاج ڪندڙن چيو ته حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا آڻي غيرملڪي ڪمپنين کي ملڪ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري زمينون مقامي بي زمين هارين ۽ هارياڻين کي ڏنيون وڃن.
اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ طرفان جرڳن تي پابندي لاڳو ڪرڻ باوجود سنڌ اپيڪس ڪميٽي قبائلي سردارن کي جرڳن جا اختيار ڏئي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قبائلي دهشتگردي کي هٿي ڏني آهي، سنڌ اپيڪس ڪميٽي جي تنهن وقت جي ميمبرن خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. جرڳي وسيلي معصوم نياڻي بانو بلوچ جي بي رحماڻي قتل جي ذميوار پيپلز پارٽي جي بلوچستان حڪومت آهي، بلوچستان حڪومت بانو بلوچ جي قاتل سردارن جو تحفظ ڪري، بلوچ نياڻين کي بدترين غلامي ۾ رکڻ چاهي ٿي، بلوچستان جو وڏو وزير بانو بلوچ جي قاتل سردار جي حمايت ۾ مهم هلائي انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي سرڪاري سردارن جي سرپرستي ۾ نيٽو جا اسمگل ٿيل هٿيار فراهم ڪيا پيا وڃن، ان اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري عملدارن ۽ قبائلي سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
_____________



