Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

سنڌ ۾ ڪَچي جا 4 لک ايڪڙ علائقا پاڻيءَ ھيٺ اچي چُڪا آھن

موجوده برساتن ۽ ٻوڏ سبب  ڪپهه, تِرن, ڀاڄين جا فصل ۽ کجي  سخت متاثر ٿيا آهن . سيڪريٽري زراعت سنڌ جي صدارت هيٺ رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي اجلاس ۾ آگاھي

حيدرآباد، سنڌ  

برسات ۽ ٻوڏ بابت ھتي اڱاري ڏينھن ٿيل ھڪ اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تہ  موجوده برساتن ۽ ٻوڏ سبب  ڪپهه, ترن, ڀاڄين جا فصل ۽ کجي  سخت متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 4 لک ايڪڙ ڪچي جا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

اجلاس سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجي جي صدارت هيٺ  ڊائريڪٽوريٽ جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن آفيس ۾ ٿيو، جنهن ۾ زراعت جا ڊائريڪٽر جنرلز, ڊائريڪٽرز زرعي توسيع, ايڊيشنل ڊائريڪٽرز زرعي توسيع ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سيڪريٽري زراعت سڀني ڊائريڪٽرن کي هدايت ڪئي ته هنگامي حڪمت عملي تيار ڪن ته جيئن درپيش مسئلن کي منھن ڏئي سگھجي. جڏھن ته متاثر هارين لاءِ بينظير هاري ڪارڊ جي رجسٽريشن جو عمل تيز ڪيو وڃي، ته جيئن کين جلد کان جلد سهولتون فراهم ٿي سگهن. 

ٻئي طرف  جائڪا (JICA) ۽ زراعت کاتي جي گڏيل منصوبي “Sindh Smallholder Horticulture Farmer Empowerment Project (SINDH-SHEP)” تحت 2and Joint Coordination Committee (JCC) جو اجلاس پڻ  ٿيو. اجلاس ۾ سالياني ورڪ پلان جو جائزو ورتو ويو ۽ منصوبي جي اڳڀرائي ۽ ايندڙ مرحلن تي ڳالهه ٻولھ ٿي.

اجلاس ۾ جائڪا پاڪستان جي چيف رپريزنٽيٽو مسٽر هيدي ڪازو تني مورا خطاب ڪيو، جڏهن ته سيڪريٽري زراعت سنڌ محمد زمان ناريجو پنهنجي اختتامي خطاب ۾ منصوبي جي اهميت اجاگر ڪندي چيو ته صوبائي حڪومت جائڪا سان گڏجي هارين جي ڀلائي ۽ زرعي ترقي لاءِ مڪمل سهڪار ڪندي.(پريس رليز)

________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button