جمھوريت جو قتل تاريخ جي ورقن ۾
مغل بادشاھن جي وقتي آسائشن جي پورائيءَ لاءِ سنڌ بہ انيڪ عذاب ڀوڳيا. ھڪڙا گورنر ظلم ڪري ويا پئي تہ اجھو ٻيا وريا پئي
رشيد احمد خاصخيلي
جمھوريت کي لتاڙڻڻ وارا ذھني گھوڙا ھر دور ۾ ھڻڪارون ڪندي نظر اچن ٿا، ۽ اُھو بہ تاريخ جو نہ وسرندڙ سچ ئي آھي ته جڏھن بہ جتي بہ جمھوريت جو نظام ڍائوان ڍول ٿيو آھي، اتي بُک بدحالي افلاس ڪوڙ ڪُپت جنم ورتو آھي. ۽ اتي ئي جبر پنھنجا جوھر ڏيکاري ڪيترن ئي مظلومن کي ايذاءُ ڏنا آھن. ۽ ظالم بادشاھ پيدا ٿيا آھن جن انفرادي آسائشن ۽ پنھنجي انفرادي رتبن کي حاصل ڪرڻ خاطر ڪيتريون ئي رياستون ڪيترائي ديس ذھني جاھلتن سان ظلم ھيٺ رکيا آھن. جمھوريت کي جن تباھ ڪيو آھي انھن جا ڪيترائي تاريخ ۾ مثال ملن ٿا…!
پاڻ يونان جو ذڪر نہ ٻڌو ھُجي ائين ممڪن بہ ڪيئن آھي.؟ يونان جي اندر ھڪ رياست اٿينس جو ذڪر اسان کي ڪتابن ۾ جاءِ بجاءِ ملندو ان جي واکاڻ جا ڪيترائي سبب آھن. اٿينس جمھوريت جي حوالي سان بہ ذڪر ھيٺ رھيو آھي، تہ فلسفين جي حوالي سان بہ تاريخ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جڳھ مشھور سقراط جو تعلق بہ ساڳي اٿينس سان رھيو آھي جنھن جي ساک جي ڪري بہ اٿينس تاريخ ۾ امر رھڻو آھي.!
تاريخ ۾ آھي تہ اٿينس کي اڳ ئي اسپارٽا جي جنگين تباھي جي ڪناري تي اچي بيھاريو ھو تہ، مٿان وري سڪندر اعظم جو پيءُ فلپ، اٿينس جي رھيل کُھيل جمھوريت کي بہ برباد ڪرڻ لاءِ سنڀري آيو.! جنھن لاءِ ڊاڪٽر مھڪري پنھنجي مضمون( جمھوريت) ۾ لکي ٿو تہ ” فلپ اٿينس جي جمھوري تباھي آڻڻ ۾ آساني سان ڪامياب ٿيو اُنھيءَ ڪري جو شھري يونانين جي ڀيٽ ۾ ھو سچ پچ ائين ھو جيئن ڊيمو سٿينز ڏاھي ھن لاءِ چيو ھو يعني ڏٺو وائٺو جھنگلي مڙني اوچن ويچارن ۽ اعلي قدرن کان خالي، جي اٿينس جي شھر واسين کي پيار ھئا. اٿينس جي شھر کي اڳي ئي اسپارٽا وارن حملو ڪري ھيسائي ترين ڀر ويھاريو ڇڏيو ھو. سو ھن جھنگلي ڍڳي جي اڳيان پاڻ جھلي نہ سگھيو ۽ ڀڄي ڀور ڀور ٿي پيو.“
ڀلي تہ اسان کي فلپ جي پُٽ سڪندر اعظم جو ذھن بلندين تي نظر اچي جي اسين غور فڪر ڪري ڏسنداسين تہ وري بہ ساڳي اٿينس جي مھرباني نظر ضرور ايندي جنھن ساڳي فلپ، جي پُٽ سڪندر اعظم کي سڪندر اعظم بڻايو.!
ڊاڪٽر مھڪري لکي ٿو ” سڪندر اعظم ٿيو ئي اِن ڪري جو ان ساڳي اٿينس جي ھن معزز رھواسيءَ پنھنجي عزيز استاد ارسطوءَ کان اٿينس جي ئي تھذيب جو سبق حاصل ڪيو ۽ ائين نہ فقط پاڻ مھذب بڻيو پر ان دور جي سڄي ڄاتل دنيا ۾ ان جو ھو مشعل برادر بڻيو، پر غريب اٿينس کي ھن جي جھنگلي پيءُ اھڙا تہ موتمار ڌڪ ھنيا ھئا جو ان جي سڄي جمھوريت تاريخ جي ڦٽل دڙي ھيٺ اچي دفن ٿي ويئي.“
روم، جي جمھوريت کي نابود ڪرڻ ۾ جي ڇئجي تہ ٻئي ڪنھن جا نہ پر، جوليس سيزر، جا ئي ھٿ ھئا تہ ڪو واڌاءُ نہ ٿيندو، ھالانڪي ھي روم جي حق ۾ ھيو پر، سندس فيصلو پراڻو نظام ڊاھي نئون نظام تشڪيل ڏيڻ اڳتي ھلي غلط ثابت ٿيو، جنھن سان روم جي جمھوريت جو مرتيو ٿيو. ڪيترائي تاريخ دان اڄ بہ ان راءِ تي اتفاق ڪن ٿا تہ سيزر جو پھريون مقصد ئي روم جي جمھوريت کي ختم ڪرڻ ھو.!
جڏھن روم جي تباھي جو سوچي ٿو تہ ڊاڪثر مھڪري جي ڳالھ پڻ حيران ضرور ڪري ٿي. جيڪا ڳالھ ھن پنھنجي مضمون ۾ ڪئي آھي (جنھن مضمون جو حوالو آئون مٿي ڏئي آيو آھيان) ” سيزر جنھن جمھوريت کي ختم پئي ڪيو اُن جمھوريت ئي سندس کي اڳ اُھا فوج ٺاھي جوڙي ھٿ ۾ ڏني ھئي جنھن سان ھن فرانس ۽ انگلينڊ فتح ڪيا ھئا ۽ جنھن کان سواءِ ھو وڏي ھام ۽ اھا دعوا ھر گز نہ ٿي ڪري سگھيو تہ ” آيس ڏٺم فتح ڪيم“
روم کي شھنشاھيت ڪيئن تباھ ۽ برباد ڪيو ان جي ساک ھڪڙي جنگجو سپاھي ‘اٽيلا’ جا لفظ ڏين، ٿا جيڪو خوُد بہ روم جي تباھي ۾ شريڪ ھيو جڏھن ھي تباھي تان واپس پئي وريو تہ ھن چيو” روم جو ڪو بہ پٿر ڪو ھڪ مسجمو بہ جتي ھو اتي اڄ ڪونھي.“ ان جملي ۾ اسين ڏسي سگھون ٿا تہ روم کي ڪھڙي طريقي تباھ ڪيو ويو ھوندو.؟
جيڪڏھن اسين روم جي تباھي کان اڳ واري جمھوري نظام تي نظر ڊوڙايون ٿا تہ ھو اسان کي ڪيترو ئي سُوڀارو نظر اچي ٿو.! جنھن سان ان وقت ۾ ھانيبال جو لشڪر بہ اکيون اکين ۾ وجھي نہ پئي لڙي سگھيو.! چون ٿا تہ اُھا سڄي قوت روميت کي ھڪ مظبوط جمھوريت ئي ڏني ھُئي (جنھن کي بعد ۾ تباھ ڪيو ويو) جنھن جمھوريت جي مظبوطي ھوندي، رومي فوج ڪيترا ئي ڪارناما سرانجام ڏنا، ڊاڪٽر مھڪري لکيو آھي تہ ” ھيءُ اُھو ساڳيو روم ھو جنھن پنھنجي جمھوريت جي ڏينھن ۾ خونخوار ھانيبال جي ڪٽڪ ۽ ان جي مست ھاٿين جي رُڪ جي ديوار بڻجي مقابلو ڪيو ھو بجاءِ ان جي جو ھو روم کي اڪ جي ماکي وانگر لاھي کائي وڃي جيئن ھن چاھيو ٿي ۽ دعوا ڪئي ھُئي آخر ۾ جمھوري رومن عوام جي ھٿان ھار کائي پنھنجي سڄي لشڪر سميت روم جي گھٽين ۾ ڪُسجي فنا ٿي ويو “.
چون ٿا تہ جيستائين نيپولين، فرانس جي جمھوري ڀلائي لاءِ ڪوششان ھيو تہ نيپولين نيپولين ھيو! پر اڳتي ھلي ھِنَ اقتدار ۾ ذاتي مداخلت ڪرڻ شروع ڪئي.! ۽ آھستي آھستي غير جمھوري طريقي سان پنھنجا خانداني ماڻھو اقتدار ۾ آڻڻ لڳو.! ۽ ھوڏانھن آھستي آھستي جمھوريت جو پاڙو ڪمزور ٿيڻ لڳيون.! ڊاڪٽر مھڪري لکي ٿو تہ ” جئين ئي نيپولين محض شھنشاھ بڻيو تيئن ھو ماٺ ڪري نہ ويٺو پنھنجي عزيزن مان جنھن تنھن کي بادشاھ بڻائيندو ويو ھڪڙي ڪنھن ملڪ جو ٻئي کي ڪنھن ٻئي ملڪ جو تان جو پنھنجي سلھ ۾ ورتل پٽ کي روم جو بادشاھ بڻايائين ۽ نيٺ ويلنگئن جي ھٿان پاڻ ئي پنھنجي ‘واٽرلو’ تائين پھچي ويو _ ويلنگٽن جيڪو جمھوريہ انگستان جو خادم ھو جنھن جمھوريہ نيپولين کي پوءِ قيد ڪري سينٽ ھيلينا ٻيٽ تي بند ڪري ويھاري ڇڏيو جتي ھو پنھنجي ماضيءَ بابت سودائون پچائيندو رھيو ڇو تہ پنھنجي مستقبل کي ھن ھميشہ پنھنجي ھٿن مان پاڻ وڃائي ڇڏيو ھو. ۽ آخر فرانس کي نيپولين کان پوءِ يورپ جي فتح ڪيل سڀني ملڪن تان ھٿ کڻڻو پيو ۽ وري بہ جمھوريہ بڻجڻو پيو ۽ پوءِ ئي ھو خوُد پنھنجي آزادي ۽ خودمختياري بچائي سگھيو.!
جي اسين ڏسنداسين تہ ائين مارا ماري سان بابر مغل ھندوستان ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ مغليہ سلطنت جي ابتدا ٿئي ٿي جيڪا آخر تائين ڦر مار جبر ۽ ڏاڍ سان ھلائي وڃي ٿي! مغل بادشاھن ذاتي آسائشن لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جي جمھوريت کي ائين ئي قتل ڪيو جيئن جيولس سيزر جو قتل سندس دوست بروٽس ڪيو ھو.
ڊاڪٽر مھڪري جمھوريت لاءِ لکي ٿو تہ ” جمھوريت کي مارڻ لاءِ اول اول انساني فطرت کان مايوس ۽ ان جي اظھار تي بي صبر ٿيڻو پوي ٿو، ۽ انسانن کي انساني درجي کان کان ھيٺ لاھي جانور بڻائڻ جو فيصلو ڪرڻو پوي ٿو.“
”جمھوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ جمھور کي پنھنجي جمھور ھُجڻ کان جاھل رکڻ کپي ھُنن کي اُھا سمڪ اصل نہ ڏجي تہ ھو ئي پنھنجي سڄي سماجي بنياد ۽ سياسي عمارت جون سرون ۽ انھن جي پيڙ جا پٿر آھن.“
جھڙي طريقي سان مغلن عام ماڻھن لاءِ ظلم جي آوي ٻاري قدرت سندن لاءِ ساڳي طريقي سان ٻاري ۽ ھي ھر دور ۾ گھرو دشمني جي ور چڙھندا عذاب کائيندا رھيا ۽ ان آوي ۾ پچندا رھيا.! ھنن ۾ اھڙو ئي گھرو ڏڦيڙ پئجي ويو ھو، جھڙو روم ۾ جيولس سيزر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ ٿيو ھو.! مغل بادشاھن جي وقتي آسائشن جي پورائي لاءِ سنڌ بہ انيڪ عذاب ڀوڳيا.! ھڪڙا گورنر ظلم ڪري ويا پئي تہ اجھو ٻيا وريا پئي.! جن وس وٿ آھر ظلم کي ڪمزور ڪرڻ نہ ڏنو.!
________________