Editor's pickMain Slideڪالم

ايران تي عالمي دھشت گردن جا حملا سڄي دنيا جي امن لاءِ خطرو آھن

جنگ ڪيئن به ٿئي ۽ ڪٿي به ٿئي، انساني جانين ۽ مال جو وڏو نقصان ٿيندو آھي، ان ڪري روس ء چين کي ٽياڪڙي ڪرڻ لاء سرگرم ٿي وڃڻ کپي تہ جيئن ڪنھن وڏي جنگ جو خطرو ٽري وڃي

مجيد نواز مغل

تازو ايران مٿان اسرائيل جي حملن ۽ ان ۾ ايران جي سپريم ڪمانڊر سميت مک حڪومتي اڳواڻن جي شھادت بابت خبرون  پھتل آھن ته اھا آمريڪا جي پٺ ڀرائي ۽ سازشن جو نتيجو آھي. ھو ايران تي مڙھيل پابندين جي  خلاف گڏيل قومن ۾ ٺھرائن ويٽو ڪندو  رھيو آھي ـ   انھيء خوني حملن بعد اسان جي ھن خطي خاص ڪري پاڪستان انڊيا ۽ افغانستان واري خطي ۽ مڊل ايسٽ جي اندر طاقت جو توازن بگڙجڻ جو امڪان آھي ۔ 

سعودي عرب پنھنجي پاڙيسري اسلامي ملڪ ايران جو ساٿ ڏيڻ بجاء سدائين سڄي دنيا جي لٺ بردار بين الاقوامي دھشتگرد آمريڪا جو وڏو سپورٽر رھيو آھي ـ  اھو پڻ ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته موجودھ سعودي سرڪار جي اھم  شخصيتن آمريڪا کي اھڙن حملن لاء چرچ ڏني آھي ـ تازو سعودي پرڏيھي وزير جي آمريڪي صدر ۽ ٻين آفيشلز سان ٿيل ملاقات ان جو  ڳالھ جو کليل ثبوت آھي ـ

جيستائين اسان جي ملڪ پاڪستان جي ڳالھ آھي ته ھڪ پاسي افغانستان جا حملا ۽ ٻئي پاسي انڊيا سان لاڳاپا اڃان تائين بھتر ڪون ٿي سگھيا آھن.  اھڙي ريت رڳو چين ئي وڃي بچي ٿو ، جنھن سان پاڪستان جا لاڳاپا انتھائي مضبوط رھندا پيا اچن ، پر جيڪڏھن چين ايران مٿان ٿيل حملن بابت ڪو واضح ردعمل ڏيکاري ٿو ته صورت حال تبديل ٿيڻ جا امڪان آھن ـ

ٻئي پاسي ايران سان پاڪستان  جا سفارتي لاڳاپا وچٿرا رھيا آھن ـ نه ايترا خراڀ ۽ نه ايترا بھترين ـ ان جو سبب اھو آھي ته پاڪستان جي موجودھ سرڪار ٻئي گدرا ھٿ ۾ رکڻ  چاھي ٿي ـ اھا پنھنجن مفادن خاطر آمريڪا کي  به ناراض نٿي ڪري سگھي ـ انڊيا موجودھ وقت ۾  ايران جي حمايت نٿو ڪري سگھي ـ ھن جا لاڳاپا اسرائيل ۽ آمريڪا سان گھرا رھيا آھن ـ آمريڪي اثر ھيٺ رھڻ سندس مفادن وٽان آهي ـ مڊل ايسٽ ۾ شام، لبيا ، مصر، قطر، ڪوويت، يو اي اي، عراق ۽ ٻيا ملڪ آمريڪا سان پنھنجي دوستي نڀائڻ ۾ پورا رھن ٿا ـ

پاڪستان جو  اڪثريتي عوام ايران جي حمايت ۽  ھمدردي رکندڙ آھي ـ ھڪ ڏينھن اڳ آمريڪي قانصلخاني جي دفتر ۽ رھائش گاھ تي ايران جي حامين  جو حملو ۽ 9 کان وڌيڪ ماڻھن جي قتل ٿيڻ بعد موجودھ پاڪستاني سرڪار في الحال خاموش ويٺي آھي ـ بلڪ ھتي  پ پ سميت ڪجھ سياسي ڌرين ايران مٿان ٿيندڙ حملن ۽ ٿيل جاني نقصان تي ڏک ۽ مذمت ظاھر ڪري ڇڏي آھي ـ

ھڪ ڏينھن اڳ انھيءَ سلسلي ۾ ايران جي حمايتي تنظيمن ۽ شيعا عالمن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ڌرڻا ھنيا ۽ روڊ پڻ بند ڪيا ويا ـ جنھن بعد مقامي ۽ ضلعي پوليس انتظاميا حالتن کي ضابطي ۾ رکڻ لاء وڏن اٽالن سان سموري سنڌ جي مک شھرن جي مک چوڪن ۽ علائقن خاص ڪري جتي احتجاجي ڌرڻا لڳل ھيا اتي ڊيوٽي ڏيڻ ۾ مصروف نظر آئي.

اسرائيل ھڪ طرف مڊل ايسٽ  جي مختلف مخالف ملڪن جو تہ دشمن آھي پر خاص ڪري فلسطين ۾ وڏو قتلام ڪري چُڪو آھي.  ھاڻي اسرائيل ۽ آمريڪا پنھنجي مخالف ملڪ ايران مٿان جنگ مڙھي رھيو آھي. ان مٿان ماضيءَ ۾  به وڏي پيماني تي بمباري ڪندو رھيو آھي جنھن ۾ ھزارين ماڻھو اجل شڪار ٿي چڪا آھن ـ اھو سڀ ڪجھ ھو مڊل ايسٽ ۾ بدمعاشي وارو ڪردار دنيا جي لٺ بردار سامراج آمريڪا جي مڪمل مدد ۽ سھڪار ڪندو رھيو آھي.  پر اھڙي صورتحال ۾ اڪثر اسلامي ملڪ  آمريڪا سان مفادن خاطر ٻٽ آھن ـ عرب ملڪن مان آمريڪا تيل خريد ڪري ٿو ۽ مختلف ڪاروبار ڪندو رھي ٿو ـ خاص طور تي جنگي ھٿيارن جو واپار  آھي.

اسرائيل جي ويجھي ملڪ فلسطين جي شھرين خاص طور تي غازا جي شھرين  جو قتل عام پراڻي ڳالھ ٿي ناھي،  پر گڏيل قومن جي مشڪوڪ ۽ ھڪ طرفي ڪردار ڪارڻ فلسطين اسرائيل مسئلا حل نٿا ٿين ـ

غير جانبدار مبصرن جي تبصرن مطابق ايران مٿان جنگ مڙھڻ ۽ اڳرائي ڪرڻ بعد ايران به ھاڻي خاموش رھڻ جھڙو ناھي ـ جنھن جي ڪري ايران  اسرائيل مٿان جوابي حملا شروع ڪري ڏنا آھن.

ايران جي پاڙيسري ملڪن افغانستان، ڀارت ۽ پاڪستان جي پوزيشن پڻ اھميت اختيار ڪري چڪي آھي ـ مبصرن جي خيال موجب جنگ ڪيئن به ٿئي ۽ ڪٿي به ٿئي انساني جانين ۽ مال و دولت جو وڏو نقصان ٿيندو آھي ـ ان ڪري ڪجھ ملڪن روس ء چين کي جيڪي ھن خطي ۾ مک اھميت رکندڙ آھن، ثالثي ڪرڻ لاء سرگرم ٿي وڃڻ کپي تہ

جيئن آيل جنگ جيڪا مبصرن موجب ٿرڊ ورلڊ وار  ٿي سگھي ٿي ٽري وڃي ـ

_____________

مجيد نواز مغل صحافي آھي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. مجيد نواز مغل سکر جو سينيئر صحافي آھي ، جيڪو ساٿي ٻارڙا سنگت سنڌ جي پوکيل پوک مان اڀري نڪتو، ء مسلسل لکي ٿو. سدا صحتمند ء سلامت ھجي. مجيد نواز مغل لاء نيڪ تمنائون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button