ٻُڌو سَڀ جي، ڪيو مَن جِي: ھلڻو توھان کي پنھنجي پيرن تي پوندو
ياد رکو، ٻين جا مشورا رستا ڏيکاري سگهن ٿا، پر هلڻو توهان کي پنهنجن ئي پيرن تي پوندو. اها ئي ڏاهپ آهي ۽ اهو ئي زندگيءَ جو اصل حسن آهي
حڪيم پريم چاندواڻي
انساني زندگي مشورن، راين ۽ سماجي دٻاءُ جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي. پيدائش کان وٺي موت تائين، اسان جي ڪنن ۾ هزارين آواز پڙاڏو بڻجي گونجندا رهن ٿا. پر انهن سمورن آوازن جي شور ۾ اڪثر اسان پنهنجي اندر جو اهو آواز وساري ويهندا آهيون، جيڪو اسان جي اصل سڃاڻپ آهي. انهيء حوالي سان هي سٽون چيون ويون آهي ته:

“ٻڌو سڀ جي، ڪيو من جي، هي سوچ آ، سالڪ ڏاهن جي۔”
هي سٽون صرف شاعري ناهن پر زندگي گذارڻ جو هڪ مڪمل فلسفو ۽ ڪاميابيءَ جو بنيادي گُر آهي. هي اسان کي ٻن اهم نفسياتي پهلوئن طرف راغب ڪري ٿي: رواداري ۽ خودمختياري.
ٻڌو سڀ جي: وسيع ظرف جي نشاني
زندگي هڪ سکيا جو عمل آهي. جڏهن اسين چئون ٿا ته “ٻڌو سڀ جي”، ته ان جو مقصد پنهنجي اندر هڪ اهڙي وسعت پيدا ڪرڻ آهي جو اسين ٻين جي تجربي، علم ۽ نقطي نظر کي برداشت ڪري سگهون. جيڪو انسان ٻين کي نٿو ٻڌي، اهو پنهنجي ترقيءَ جا دروازا بند ڪري ڇڏيندو آهي. ٻين جا مشورا ٻڌڻ سان اسان کي زندگيءَ جا اهي رخ نظر ايندا آهن جيڪي شايد اسان جي نظر کان اوجهل هجن. هي عمل اسان ۾ نوڙت، صبر ۽ ٻين جي راءِ جو احترام پيدا ڪري ٿو.
ڪيو من جي: فيصلي جي قوت
پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هر ٻڌل ڳالهه تي عمل ڪرڻ لازمي آهي؟ هتي ئي “من جي ڪرڻ” جو فلسفو سامهون اچي ٿو. ٻڌڻ سڀني جي گهرجي، پر عمل صرف ان ڳالهه تي ڪرڻ گهرجي جنهن تي توهان جو روح، توهان جو ضمير ۽ توهان جو عقل مطمئن هجي. جڏهن انسان پنهنجي دل (من) جي آواز تي هلي ٿو، ته هو ڪنهن به ناڪاميءَ جي صورت ۾ ٻين کي ڏوهه نٿو ڏئي، بلڪه پنهنجي فيصلي جي ذميواري کڻي ٿو. من جو آواز ئي انسان جي سچي هدايت آهي، جيڪا کيس مصنوعي زندگي گذارڻ کان بچائي ٿي۔
سالڪن ۽ ڏاهن جي سوچ
تاريخ گواهه آهي ته دنيا ۾ جيترا به ڏاها، مفڪر ۽ سالڪ گذريا آهن، تن جو طريقو به اهو ئي رهيو آهي. هو سماج کان ڪٽيل نه هئا، هو سڀني کي ٻڌندا هئا، بحث ڪندا هئا، پر جڏهن عمل جو وقت ايندو هو ته پنهنجي اندر جي سچائيءَ کي ترجيح ڏيندا هئا. اها ئي سوچ انسان کي هجوم مان ڪڍي فرد بڻائي ٿي.
اڄوڪي دؤر ۾، جتي سوشل ميڊيا ۽ پروپيگنڊا ذريعي اسان جي ذهنن کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اتي هن بيت جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ٿي. اسان کي گهرجي ته:
* ٻين جي ڳالهين کي تنقيد جي بجاءِ سکيا جي نظر سان ٻڌون.
* هر مشوري کي پنهنجي عقل ۽ ضرورت جي پرکڻ واري ڪسوٽيء تي رڳڙي ڏسون.
* فيصلو ڪندي وقت پنهنجي “من” جي آواز کي سڀني کان مٿانهون رکون.
زندگي توهان جي آهي، ان ڪري ان جا فيصلا به توهان جا ئي هجڻ گهرجن. جڏهن توهان ٻين جي راءِ جو احترام ڪندي پنهنجي من جي مرضيءَ سان اڳتي وڌو ٿا، ته توهان جي شخصيت ۾ هڪ وقار پيدا ٿئي ٿو. ياد رکو، ٻين جا مشورا رستا ڏيکاري سگهن ٿا، پر هلڻو توهان کي پنهنجن ئي پيرن تي پوندو. اها ئي ڏاهپ آهي ۽ اهو ئي زندگيءَ جو اصل حسن آهي.
ڏاهپ وارو، بهتر ڏس،
وٺجي پنهن جو گس۔
__________________
حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو



