آءُ نه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو: چين ۽ آمريڪا جي وڌندڙ جنگ ۾ پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟
حمزا رسولوف لکيو آهي ته منهنجي دنيا منهنجي گهر کان شروع ٿئي ٿي. اهڙي ريت منهجي دنيا به منهنجي سنڌ کان شروع ٿيئي ٿي. اهم سوال هي آهي ته ڊرون وار فيئر واري جنگي دنيا ۾ بي هٿيار سنڌ ۽ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟
ادريس چانڊيو
نوي سال اڳ دنيا روز ويلٽ، چرچل ۽ اسٽالن جي هٿن ۾ هئي. انھن عالمي اڳواڻن پينسل جي لڪيرن سان دنيا جو نقشو ٺاهيو. ايندڙ دنيا ٽرمپ، شي، پيوٽن ۽ موديءَ جي هٿ ۾ وڃي رهي آهي. دنيا جون سموريون قومون ۽ 8 ارب انسان مٿين اڳواڻن جي رحم ڪرم جا محتاج آهن. آمريڪا جي گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪشن اُڻٽيھ ٽرلين ڊالر جي ويجھو آهي. چائنا، رشيا ۽ انڊيا گڏجن ته به انهن جي ڪل جِي ڊِي پِي پنجويھ ٽرلين ڊالر جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي. پوءِ به ڪراڙو سامراج آمريڪا معاشي لحاظ اڃان تائين اڳتي آهي.
چين دنيا جي نمبر ون پاور ٿيڻ لاءِ تڪڙي ڊوڙ ۾ آهي. اڪابرين چون ٿا ته 21 هين صدي ايشيا جي صدي آهي. هيءُ صدي ايشا جي صدي آهي يا نه پر جنگين ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي صدي ضرور آهي. يورپ ۽ عرب دنيا جا خوشحال ملڪ اهڙا سيٺيا آهن جن کي 24 ڪلاڪ چوڪيدار جي ضرورت آهي. ڇوته هنن کي جان/ مال ۽ خودمختياريءَ جي سلامتي کپي.
آمريڪا وٽ ڊالر آهي، چين وٽ ڪميونسٽ قيادت ۽ دنيا جو 72 سيڪڙو ريئر ارٿ آهي. رشيا وٽ تيل ۽ وڏي جاگرافي آهي. انڊيا وٽ جمهوريت، گهڻي نوجوان آبادي ۽ پاڻي آهي.
منھنجو وطن سنڌ پاڪستان جي فيڊريشن جو لاوارث صوبو آهي. پاڪستان وٽ ڇا آهي؟ چين جي لازوال دوستي ۽ آمريڪا جي شفقت سان گڏ انڊيا جي دشمني. آمريڪا ۽ چين وٽ پنهنجا پنهنجا طئہ ٿيل قومي مفاد آهن ۽ انهن جو هر قدم قومي مفادن جي تابع آهي. پاڪستان وٽ قومي مفادن جي بجاءِ سيڪيورٽي مفاد آهن. هن وقت تائين قومي مفادن جو تعين ان ڪري نه ٿي سگهيو آهي ته علائقائي مفاد به قومي مفادن جو حصو هوندا آهن. چين ۽ آمريڪا جي وڌندڙ جنگ ۾ پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟ حمزا رسولوف لکيو آهي ته منهنجي دنيا منهنجي گهر کان شروع ٿئي ٿي. اهڙي ريت منهجي دنيا به منهنجي سنڌ کان شروع ٿيئي ٿي. اهم سوال هي آهي ته ڊرون وار فيئر واري جنگي دنيا ۾ بي هٿيار سنڌ ۽ سنڌين جو ڇا ٿيندو……؟؟
______________