Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ راندين جي ميدانن جو الميو

سکر ۾ راندين جون محدود سھولتون آھن، جيڪي پڻ مراعت يافتا ماڻھن لاءِ آھن، باقي ٻارن کي کيڏڻ لاء گھٽيون بہ ڪونہ بچيون آھن، اھي بہ سوڙھيون ڪيون ويون آھن.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل تصوير

ڊآڪٽر محمد اسماعيل ماڪو

سکر اندر ورھاڱي کان پوء بہ راندين، ڪسرتن وغيرہ جا گرائونڊ جام ھئا. سکر وارو اسٽيڊيم ٺھيو، پر اھو بين الاقوامي معيار جي ناھي. اتي ڪرڪيٽ، ڪراٽي، ھاڪي، فوٽبال سان گڏ شاديون، سياسي جلسا ۽ نمازون، سڀ ٿيون. ڪورٽ سڳوري جي فيصلي کان پوء ڪجھ فرق پيو آھي.

اپوا ڪلب، جتي ڪجھ عورتن جون انڊور گيمس ٿينديون ھيون، اھا بہ ڊاھي فليٽ ٺاھيا ويا آھن. ايئن ھمايون جيمخانا ۾ ڪو بيڊمنٽن جو ڪورٽ ء ٽيبل ٽينس جي ٽيبل بچي آھي، باقي ڪينٽين، فٽنيس ڪلب، دڪان ۽ فليٽ بڻجي ويا، جيڪي مسواڙ تي ٻين کي ڏنل آھن.

سکر جيمخاني ۾ بليئرڊ، ٽيبل ٽينس، ٽينس ڪورٽ، بيڊمنٽن ڪورٽ ۽ واڪنگ ٽريڪ آھن، پر اھو بہ آفيسرن لاء محدود آھي. ايئن ريلوي وارو ناچ گھر، جتي بيڊمنٽن ڪورٽ ھوندو ھو، اتي شادي ھال ٺاھيو ويو. ريلوي وارو سوئمنگ پول بہ شادي ھال بڻجي ويو.

ساڳيءَ ريت بندر روڊ وارو سوئمنگ پول ڊاھي، اتي چئمبر آف ڪامرس جي بلڊنگ ٺاھي وئي، ۽ ڀر ۾ ڳاڙھيون بسون بيھاريون ويون. لب مھراڻ، جتي ڪجھ ٻار کيڏندا ھئا، ان کي بہ اجاڙي ساڙي ڇڏيو ويو.

واڪنگ ٽريڪ واري سرڪٽ ھائوس گرائونڊ تي ڇوڪرا ڪرڪيٽ کيڏندا ھئا، اھو بہ ختم ڪيو ويو. ريلوي آفيسرس ڪلب ۾ بہ ڪورٽ ويران آھن ۽ شادي ھال عروج تي آھن. ريلوي گرائونڊ جو وڏو حصو الشفا اسپتال ۽ ريل ڪاپ ڪنسٽرڪشن ڪمپني کي ڏنو ويو آھي، جتي اسپورٽس ھاسٽل بہ ٺھي، باقي بچيو اسٽرو ٽرف ھاڪي وارو ميدان.

بئراج ڪالوني جي ڪلب جا ٽينس ڪورٽ ۽ بيڊمنٽن ڪورٽ اجڙي ويا. پبلڪ اسڪول وارو گرائونڊ آھي، پر اھو بہ اسڪول وارن لاء محدود آھي، باقي اسڪوائش ڪورٽ اجڙي ويو. ڪمشنر آفيس وارو گرائونڊ پل جي اثر ۾ اڏاوتن جي نظر ٿي ويو.

نئين ڳوٺ ڀرسان ريلوي جي پلين جي سامان واري ميدان ۾ ڇوڪرا ڪرڪيٽ کيڏندا ھئا. نئين پنڊ ۾ پوليس گرائونڊ وٽ ميدان، واڪنگ ٽريڪ ۽ پارڪ ٺھي ويو، جڏهن ته پوليس لائين سکر، پوليس ھيڊڪوارٽر نئون پنڊ ۽ ڊي اء جي آفيس شڪارپور روڊ وارا گرائونڊ بہ پوليس جي ڊرلن لاء مخصوص ٿي ويا.

منزل گاھ وارو گرائونڊ بہ شادين جي بلي آھي. بندر روڊ وارو گرائونڊ، پراڻي سکر اسٽيشن وارو، ڀتيون ڏئي بند ڪيو ويو آھي. ڊي ايس آفيس سامھون ٻارن کي کيڏڻ نٿو ڏنو وڃي، ۽ سکر عيدگاھ سامھون واري گرائونڊ کي تالا لڳل آھن، جتي ننڍڙا ٻار کيڏندا ھئا.

سکر شھر جي اسڪولن، ھاءِ اسڪول، سينٽ سيويحر، سينٽ ميري ۽ تعمير نو وٽ رڳو پي ٽي ڪرڻ جيترا گرائونڊ آھن. ماڪا ڳوٺ ۽ ڊگري ڪاليج سکر جي پرنسپل جي بنگلي واري گرائونڊ تي اسڪول ٺھي ويا. ڊگري ڪاليج ۾ فيفا جي تعاون سان ٺھندڙ فٽبال گرائونڊ ڪڏھن ڪرڪيٽ، ڪڏھن ھاڪي ۽ ڪڏھن پاڻي ۾ ٻڏل رھي ٿو. اتي نه اسڪوائش ڪورٽ مڪمل آھي، نه بيڊمنٽن ھال، ۽ نه وري ڪرڪيٽ گرائونڊ مڪمل آھي.

بي ايڊ ڪاليج واري گرائونڊ تي اڏاوتون ٺاھيون ويون ۽ انھن جو بيڊمنٽن ھال اجڙي ويو. شڪارپور روڊ تي ٽي اين ٽي ڪاليج وارو گرائونڊ ختم ٿي ويو. اھڙي ريت سوسائٽي جي مڙني گرائونڊن کي اجاڙي قبضا ڪري ويا.

ھاڻي پي سي بي وارو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺھيو آھي، جنھن جي چوڌاري بہ قبضا آھن. ساڳي طرح منگل پانڊي، ھاڻوڪو رشيد پارڪ، جيڪو ٻارن جي راندين جو مرڪز ھيو، اتي تنظيم فڪر جو ڪمپليڪس ٺھيو، جيڪو ھاڻي ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ خالي ٿيو آھي. ميونسپل اسڪول پراڻي سکر وارو گرائونڊ بہ سڪڙجي ويو آھي، ۽ نمائش گرائونڊ تي ھاڻي چڙيا گھر ٺھي رھيو آھي.

شڪارپور روڊ تي ڏھاڪن کان ٺھندڙ اسپورٽس ڪمپليڪس ٺھيو آھي، جتي بہ سياسي جلسا ۽ شاديون ٿينديون رھيون آھن. شايد ھاڻي فعال ٿيو ھجي، پر اھو ضياءُالدين اسپتال کان بہ پري آھي، جتي پھچ ڏاڍي ڏکي آھي، امن امان ۽ مفاصلي جا مسئلا پڻ آھن، ۽ ڳاڙھي بس اتي تائين ھلي ٿي يا نه، اھا به خبر ناھي.

روھڙي جي گرائونڊن جي ڪا خاص خبر ناھي، پر سيمنٽ فيڪٽري وارا لش پش گرائونڊ ختم ٿي ويا آھن. اڳي جڏهن سوسائٽيون نه ھيون، تڏهن سکر جي سوسائٽين جي خالي پلاٽن تي ٻار کيڏندا ھئا. گلشن اقبال ۽ قريشي ڳوٺ وارن گرائونڊن تي بہ رانديون ٿينديون ھيون، پر ھاڻي اتي گھر ٺھي ويا آھن.

اسڪولن ۾ گرائونڊ ناھن، ٻار ڪٿي کيڏن؟ جسماني ۽ ذھني صحتمند سرگرميون ڪينئن وڌن؟ جيڪي گرائونڊ آھن، اتي بہ وڏيرڪي آھي. پرائيويٽ اسڪول فليٽن ۾ آھن، سٽي اسڪول ۽ بيڪن ھائوس جھڙن اسڪولن وٽ بہ گرائونڊ ناھن.

اڳي ڪوڏي ڪوڏي جا مقابلا لب مھراڻ ۽ ڪمپريھينسو جي اڳيان ٿيندا ھئا. آءِ بي اي ۾ پتڪڙو گرائونڊ موجود آھي. شڪارپور روڊ تي ٺھيل فزيڪل ايجوڪيشن ڪاليج اء بي کي ڏنو ويو، پر ان جي گرائونڊ تي ڪا راند نٿي ٿئي. اھو ڪاليج اسلاميا ڪاليج جي پراڻي ھاسٽل ۾ شفٽ ڪيو ويو آھي، جيڪو بغير گرائونڊ جي بقا جي جنگ وڙھي ٿو. اسلاميا ڪاليج جو ننڍڙو گرائونڊ ڪار پارڪنگ بڻجي ويو آھي.

گوليمار جا گرائونڊ، جتي ميجر امان اللہ رڇ ڪتي جي ويڙھ ڪرائيندو ھو، ۽ جتي ٻوڏ دوران اٺ اٺ امريڪي ھيليڪاپٽر بيھندا ھئا، اتي موڪل ۾ ڇوڪرا راند ڪندا ھئا، اھي بہ اجڙي ويا.

سکر ۾ راندين جون محدود سھولتون آھن، جيڪي پڻ مراعت يافتا ماڻھن لاءِ آھن، باقي ٻارن کي کيڏڻ لاء گھٽيون بہ ڪونہ بچيون آھن، اھي بہ سوڙھيون ڪيون ويون آھن.

______________________

ڊاڪٽر محمد اسماعيل  ماڪو  سول اسپتال سکر ۾ ڊاڪٽر آھي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button