پاڻ پسيو پرڏيھ: سنڌ جي سيلاني جوڙي جي اُتساهيندڙ سفر ڪھاڻي
رفيع الدين جوڻيجي صاحب جي شريڪ حيات محترمه صفيه انصاريءَ جو اسپين ۽ ايندورا جي سفرنامي”پاڻ پسيو پرڏيھ” جو اڀياس
”سنڌي جوڙو هجي، اسپين ۽ پورچوگال جي وچ ۾ رات جي وقت ريل جو سفر هجي ۽ زال پنهنجي مڙس کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڪا آکاڻي ٻڌائي ته منهنجي خيال ۾ اهو رومانس، زال ۽ مڙس جي پاڻ ۾ تمام گهڻي هم آهنگي ، احترام ، هڪ ٻئي جو خيال رکڻ ۽ دوستي جي ايڊوانس ليول آهي، جيڪا هن جوڙي کي مالڪ سائين نصيب ڪئي آهي.“

عبدالله عثمان مورائي
سائين رفيع الدين جوڻيجي صاحب جي شريڪ حيات محترمه صفيه انصاريءَ جو اسپين ۽ ايندورا جو لکيل سفرنامو”پاڻ پسيو پرڏيھ” منهنجي ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي کليل آهي ۽ مون کي حڪم ٿيو ته ان ڪتاب لاءِ ڪجهه لکي ڏيان. مون هن زندگيءَ جي محدود وقت ۾ تمام ٿوريون ۽ محدود خواهشون رکيون آهن ۽ انهن محدود خواهشن مان هڪ الله جي خلقيل هن دنيا کي گهمي ڏسڻ آهي. سير سفر ڪرڻ منهنجي لاءِ عشق جو درجو رکي ٿو. آءُ به پنهنجي وس آهر ڪيل سفر جا تجربا هم خيال دوستن سان ونڊ ڪندو رهندوآهيان پران کان به وڌيڪ ٻين سيلاني دوستن جا تجربا پڙهڻ، ڏسڻ، يا ٻڌڻ تمام گهڻو پسند ڪندوآهيان.
زندگي ۾ سفرڪرڻ ۽ نيون شيون ڏسڻ ۽ پرکڻ تمام ضروري آهي. ايئن ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي ملڪ اندر يا دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سفر ڪرڻ سان اتان جي ثقافتن، تهذيبن، رهڻي ڪهڻي، کاڌي پيتي ۽ اتان جي عام رواجي زندگي بابت ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. نيون شيون ڏسڻ ۽ پرکڻ سان انسان جو دماغ کلي ٿو ۽ هو نيون شيون سکي ٿو۽ زندگي جي ٻين رکن کي پڻ ڳولهي لهي ٿو.

سفر ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ کان ڪٽجي ٿو ۽ جيڪي مسئلا روزمرهه جي زندگي ۾ هوندا آهن انهن کي هڪ يا ٻن هفتن لاءِ ماڻهو وساري ٿو ڇڏي، پرڪن ماهرن جو اهو به خيال آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انهن مسئلن کي ماڻهو پنهنجي روز مرهه جي زندگي ۾ حل ڪرڻ جو اهل نٿو رهي ۽ جڏهن هو سفرڪري ٿو ته هو انهن کي حل ڪرڻ جي باري ۾ سولائي سان سوچي سگهي ٿو. ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سير سفر ڪرڻ سان انسان جي اسٽريس واري ليول يعني ذهني دٻاءَ واري حد تمام گهٽجي وڃي ٿي ۽ هڪ سروي ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ماڻهو پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول کان پري سير سفرڪرڻ لاءِ نڪري ٿو وڃي ته ان سان انسان جو جسم ۽ دماغ ٻيھر سيٽ ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ زندگي ۾ دل جي دوري پوڻ جي امڪان ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آهي ته جيڪي شيون سامهون هونديون آهن انهن جي اهميت ته هوندي آهي پر شايد اها محسوس ناهي ٿيندي ۽ ائين چيو به ويو آهي ته جڏهن شيون اسان کان پري هليون وينديون آهن ته پوءِ انهن جي اهميت جو احساس ٿيندو آهي، ته ڪجهه هفتن لاءِ جڏهن ماڻهو پنهنجي اوسي پاسي جي ماڻهن يا پنهنجي گهر ڀاتين کان پري ٿو هليو وڃي ته اهوهڪ قسم جو ظاهري رابطو ڪٽجي ٿو ۽ جڏهن رابطو ڪٽجي ٿو ته پوءِ پنهنجن پيارن جي اهميت جو احساس ٿئي ٿو، سو سفر ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجن پيارن سان وڌيڪ ويجهوٿئي ٿو. جڏهن ماڻهوپنهنجن ٻارن سان گڏ سير سفر ڪري ٿو ته کين هن دنيا جي ڪارونهوار جي ڄاڻ ملي ٿي ۽ سندن اعتماد وڌي ٿو. پنهنجي گهر ڀاتين يا پيارن سان گڏ سفر ڪرڻ سان انسان زندگي ۾ بهترين يادن جو ذخيرو گڏ ڪري ٿو جيڪو زندگي ۾ اڳتي ضرور ڪم اچي ٿو.
اڪيلو سفر ڪرڻ جا به پنهنجا مزا آهن، ماڻهوءَ ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت وڌي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻهو ٽائيم مئنيجمينٽ، ڳالهائڻ جا طريقا، پنهنجي ذهني دٻاء کي قابو ۾ رکڻ، شين کي اڪيلي سر منهن ڏيڻ ۽ منصوبه بندي ڪرڻ ، سوچي سمجهي خرچ ڪرڻ، ٻي ڪا ٻولي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ذهني پختگي پيدا ٿيڻ ۽ طبيعت ۾ لچڪ پيدا ٿيڻ جهڙا ڳڻ انسان ۾ پيدا ٿيو وڃن. اڪيلي سرسفر ڪرڻ سان انسان پنهنجي پاڻ سان پنهنجي بابت پڻ ڳالهائي ٿو جيڪو تمام ضروري آهي، ان سان گڏوگڏ اڪيلي سياح کي کيس ئي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻو آهي، کيس پاڻ ئي لٽي ڪپڙي جو فڪر ڪرڻو آهي. پر دوستن سان گڏ سفر ڪرڻ جا به پنهنجا فائدا آهن، ماڻهو اڪيلائپ جو شڪار نٿو ٿئي ۽ پنهنجي پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو.
سفر ڪرڻ سان ماڻهون ڪي نيون ۽ سٺيون عادتون به سکي ۽ شروع ڪري سگهي ٿو ۽ ڪن خراب عادتن مان جان به ڇڏائي سگهي ٿو. سياڻن ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪي ماڻهو سفر ڪن ٿا اهي مسئلن کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ جا گر سکي وٺن ٿا، اهي ڪنهن به ٿوري گهڻي تبديلي کان ڊنل ناهن هوندا. ظاهر آ هي زندگي جو ميلو ئي آهي جيڪو ڪٿي نه ڪٿي ته ختم ٿيڻو آهي، سو جڏهن ماڻهو اڪيلو يا پنهنجي گهر وارن سان سفر ڪري ٿو ته هو زندگي جو بهترين وقت پنهنجي سر يا هڪ ٻئي سان گذارين ٿا ۽ اهو زندگي ۾ وڏو يادگارهجي ٿو.سفر ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو دوستن يارن کي نوان نوان قصا ٻڌائي سگهي ٿو ۽ اهي قصا ٻڌائي ماضي جي سفر جون يادون تازيون ڪري ماضي جي قصن مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو ۽ شايد سفر ڪرڻ سان انسان پنهنجي پاڻ کي پڻ سڃاڻي ۽ ڳولهي لهي ٿو، سو هاڻي اچو ته سائين رفيع الدين جوڻيجي ۽ صفيه انصاري سان اسپين ۽ ايندورا جو سيرڪيون .
هن سفر نامي ۾ اسپين ۽ ايندورا جو مڪمل تعارف لکيل آهي جنهن سان انهن ملڪن بابت دلچسپي رکڻ وارن کي هڪ ئي هنڌ ڄاڻ ملي ٿي. هي سفرنامو پڙهڻ جي دلچسپي اوڏي مهل ئي وڌي وڃي ٿي جڏهن ميڊم صفيه اسپين بابت ننڍي هوندي ڏٺل خواب ٻڌائي ٿي ۽ ڪاليج ۾ نوڪري دوران هڪ شاگردياڻي ان جو هٿ ڏسي ٻڌائي ٿي ته سندس زندگي ۾ سفر جي ليڪ تمام ڊگهي آهي. منهنجي خيال ۾ اهو ڪو رڳو اتفاق ناهي، قدرت پنهنجو ڪم ڪندي رهي ٿي، پهرين ته سفر جو شوق هئڻ، ٻيو وري مٿان زندگي جو ساٿي اهڙو ملڻ جيڪو پڻ سفر جو شوقين هجي ۽ خدا جو شڪر به ته سفرڪرڻ جو موقعو ۽ وسيلا پڻ موجود هجن. آءُ پڪ سان چئي سگهان ٿو ته سائين رفيع الدين ۽ صفيه جو جوڙو هڪ آئيڊيل جوڙو آهي جيڪي پنهنجن سفرن جي خوابن کي عملي طور پورو ڪري رهيا آهن، ۽ پنهنجي وسيلن جو مناسب ۽ صحيح استعمال پنهنجي پاڻ مٿان ڪري رهيا آهن. سياڻن سچ چيو آهي ته خوش نصيب آهي اهو شخص جنهن جو هم سفر ان جو هم خيال هجي.

هي سفرنامو پڙهڻ سان ماڻهون هڪ ته سندن ڪيل سفر جي تجربن مان لطف اندوز ٿئي ٿو ۽ ٻيو وري دلچسپ عربن جي دور ۽ اسلام سان گڏوگڏ عيسائيت ۽ يهودين بابت تاريخي قصن جي ڄاڻ به تمام گهڻي ملي ٿي. نه رڳو اهو، پر فلاسافيڪل ڳالهيون، قول، پهاڪا، تاريخي واقعا، جنگيون ۽ ڪافي ٻيون نيون ڳالهيون جيڪي پهريان ٻڌل نه هجن اهي هن ڪتاب جي اهميت ۽ خوبصورتي کي وڌائڻ سان گڏوگڏ ڄاڻ ۾ تمام گهڻو واڌاروڪن ٿيون. سفر کان پهريان ان علائقي بابت ڀرپور تياري ۽ ڄاڻ، وقت کان پهريان بس، ريلوي اسٽيشن يا هوائي اڏي تي پهچڻ يا پاڻ سان گڏ کاڌي پيتي جون شيون رکڻ ۽ اوسي پاسي جي ماحول ۽ ماڻهن جو انتهائي گهرائي سان جائزو وٺڻ هڪ مڃيل ۽ تجربي گار سياح جي نشاني آهي جيڪا هن سفرنامي ۾ واضع طور محسوس ٿئي ٿي. ان حڪمت عملي تي، خاص ڪري ٻئي ملڪ ۾ عمل ڪرڻ سان هڪ ته ذهني دباء نه ٿيندو ۽ ٻيو ته جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته ان کي ماڻهو وقت سرحل ڪري سگهي ٿو. جديد تيز رفتار ريل گاڏين، بسن، پاڻي جي وڏن جهازن ۾ موجود سهولتن ۽ انهن ۾ سفر ڪرڻ جا تجربا، بسن ۽ ٽيڪسين ۾ سفر ڪرڻ، هوٽلن ۾ رهڻ ۽ ريسٽورنٽس يا ڪافي شاپس تي کائڻ پيئڻ جا تجربا، سڀ هن سفرنامي جي سونهن ۾ واڌارو ڪن ٿا.
وقت بچائڻ ۽ سستيون ٽڪيٽون پاڪستان مان ئي وٺڻ جي صلاح پڻ يورپ ويندڙن لاءِ تمام ڪارگر ثابت ٿيندي. هن سفر نامي ۾ ندين، درياهن، جهنگلن، ميدانن ۽ شهرن کي تمام سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. سچ ۾ دل چوي ٿي ته ماڻهو پاڻ به شايد انهن وادين ۾ گهمندو هجي. مون کي اهو سچ پچ محسوس ٿئي ٿو ته سنڌي جوڙو هجي، اسپين ۽ پورچوگال جي وچ ۾ رات جي وقت ريل جو سفر هجي ۽ زال پنهنجي مڙس کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڪا آکاڻي ٻڌائي ته منهنجي خيال ۾ اهو رومانس، زال ۽ مڙس جي پاڻ ۾ تمام گهڻي هم آهنگي ، احترام ، هڪ ٻئي جو خيال رکڻ ۽ دوستي جي ايڊوانس ليول آهي، جيڪا هن جوڙي کي مالڪ سائين نصيب ڪئي آهي.

هن سفرنامي ۾ تاريخي توڙي جديد جائين، برجن، عمارتن، محلن، ريسٽورنٽس، ڪيفيٽيرياز، ڪافي شاپس ،خوبصورت پارڪن، عجائب گهرن ،آثار قديمه ۽ چونڪن ۽ ان سان گڏوگڏ شهرن ۾ ٺهيل مجسمن ، مشهور شاهراهن، يادگارن، گرجا گهرن ، پلين، مشهورقلعن، مسجدن ،خانقاهن، گيٽن، وادين، درياهن ۽ لينڊ اسڪيپ بابت پڻ ڄاڻ ملي ٿي. تهوارن، ثقافتن، ريتن رسمن، روايتي ناچ گانن ۽ ميلن بابت پڻ تفصيل سان لکيل آهي جنهن سان سفر جو مزو به اچي ٿو ۽ گڏوگڏ ٻي ڄاڻ مان به ماڻهون لطف اندوز ٿئي ٿو.
هن سفرنامي ۾ روز مرهه جي بنياد تي پيش ايندڙ واقعن جيئن ميڊرڊ ۾ مئڪڊونلڊ جي هڪ ملازم جي پرس بابت تنبيهه ڪرڻ ۽ ڪيبل ڪار ۾ انگريز جوڙي جو ويهڻ کان انڪار يا وري سهڻين ڇوڪرين جو سندن آڌرڀاءَ ڪري کين گلاب جا گل پيش ڪرڻ يا هڪ آفريڪن نينگري جو ريل گاڏي ۾ هنن کي پاڻ طرف متوجهه ڪرائڻ لاءِ بالي ووڊ جو ڪو گانو ڳائڻ يا وري ريل گاڏي ۾ ٽي ٽي جو قرطبه کي ڪارڊوبه چوڻ يا هڪ ريسٽورينٽ ۾ ديسين جو جهيڙو۽ ٿانون جو هڪ ٻئي مٿان آزادانه استعمال، هڪ جوڙي جو پاڻ ۾ اخبار ۽ علم جي باري ۾ بحث ڪرڻ کي انتهائي سچائي سان قلم بند ڪيو ويو آهي. ان آفريقن نينگري جو هندستاني گانو ڳائڻ واري ڳالهه تان مون کي پڻ هڪ قصو ياد آيو ته هتي اسٽاڪهولم ۾ اسان جي يونيورسٽي ۾ هڪ ايٿيوپيا جو شاگرد منهنجو ڪلاسي هو، پوءِ جتي به ملندو هو ته مشڪري ۾ هڪ بالي ووڊ جي فلم جو ڊائلگ “ڪچهه ڪچهه هوتا هي“ هڻندوهو جنهن تي اسان کان کل نڪري ويندي هئي. آءُ اسپين ٻه دفعا ويو آهيان پراڃا تائين ميڊرڊ، مونٽسيريٽ، سويليا ۽ توليدو وڃڻ نه ٿيو آهي ۽ بارسيلونا پنهنجن ڀاڻيجن معز ۽ سالار سان گڏ ويل به آهيان ته به اتي ڪجهه سياحتي ماڳ گهمڻ کان رهجي ويا آهن، بهرحال هي سفر نامو پڙهڻ کان پوءِ سچ پچ هاڻي دل چوي ٿي ته جتي جتي نه وڃي سگهيو آهيان اتي مستقبل ۾ ضرور وڃبو انشاءَالله. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سائين رفيع الدين جوڻيجو صاحب خوشنصيب آهي جو سندس شريڪ حيات تاريخ ۾ گهڻي دلچسپي ۽ ان جي ڄاڻ رکي ٿي، ان جي ڪري سفر جو مزو يقينن ٻيڻو ٿي پوندو هوندو.

ميڊم صفيه ۽ سائين رفيع الدين جو اهو حقيقت تي ٻڌل تجزيو آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني، هندستاني ۽ ڪنهن حد تائين بنگلاديشي هڪ ٻئي سان ڪافي ويجهو هوندا آهن. ڪتاب ۾ قدرت جي خلقيل حسن مسئلن سورج مکي جي گلن سان ڍڪيل ميدانن، کجي، زيتونن ۽ نارنگين جي باغن کي تمام بهترين ۽ سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنهن حساسيت سان قرطبه جي تاريخ کي پيش ڪيو ويو آهي.
غرناطه ۾ ماني جي چڪر ۾ ذري گهٽ الحمرا گهمڻ کان ٿي رهجي ويو پر ڀلائي ٿي وئي، منهنجي پنهنجي تجربي ۽ خيال ۾ اهڙِي قسم جي صورتحال ۾ فاسٽ فوڊ وٺي هلندي هلندي کائي وقت سان اتي پهچڻ جي ڪجي هان ته هرو ڀرو جوذهني دباء نه ٿئي هان، پراهو به شايد سفر جو حسن آهي ته ڪٿي ڪٿي اهڙين جڳ مشهور جائين تي به ڀڄي ڀڄي پڄجي، پران ۾ به شايد الله سائين جي ڪا ڀلائي هوندي. بهرحال الحمرا کي جنهن انداز سان قلم بند ڪيو ويوآهي اهو به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. الحمرا ۾ ڀنؤرن جو هئڻ ۽ ان کي وري پاڻي هڻڻ، بيرن جي وڻن کي ڀتر هڻڻ، نانگن جي باري ۾ ويروٺڻ جا قصا، ماکي جي مکين ۽ مراڪش جي ڦودني واري قهوي، پرديس ۾ رات جو آسمان تي تارن کي ڏسڻ تان مون کي به ڪافي ڳالهيون ۽ يادون ذهن تي تري آيون. منهنجي خيال ۾ غرناطه جهڙي شهر ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ترسڻ گهرجي هان.
سياحت جي ماهرن جي اها صلاح آهي ته جنهن علائقي ۾ وڃجي اتي ڪوشش ڪري گهڻي کان گهڻيون جايون يا علائقه ڏسڻ گهرجن، مون هن سفرنامي ۾ اهو محسوس ڪيو ته سائين رفيع الدين ۽ سندس شريڪ حيات صفيه انصاري ان تي عمل ڪندي ايندورا پڻ ويا ۽ ان کان پوءِ ٻين ملڪن ڏانهن به روانگي هئن، ڇاڪاڻ ته هڪ دفعو ان علائقي ۾ گهمي وڃڻ کان پوءِ وري هڪ اڌ رهيل شين کي ڏسڻ لاءِ وري موٽي اچڻ ٿورو ڏکيو هوندو آهي. مون کي ان ڳالهه جو احساس تڏهن ٿيوهو جڏهن آءُ سڊني جي هوائي اڏي تان هوائي جهاز ۾ واپسي لاءِ چڙهيس ۽ اهو خيال ٿي پيو ته آسٽريليا جا ڪجهه علائقه پنهنجي سوٽ الطاف سان گهميا ۽ اسان نيوزيلينڊ پڻ وڃڻ جو سوچيو پر نه وڃي سگهياسين پر جيڪڏهن ٿوري همٿ ڪجي هان ته اتان جي به سياحت اڄ ٿيل هجي هان ۽ ان رهجي ويل ملڪ لاءِ وري خبر ناهي ته مالڪ سائين ڪڏهن گهمڻ جو موقعو ڏيندو.

بهرحال ايندورا جا قصا ٻڌي اهو احساس پڻ ٿئي ٿو ته اسان کي به اتي هڪ ٻه رات رهي تفصيل سان گهمڻ گهرجي هان. خاص ڪري اتي ڪاروباري سنڌي رهائشين جوٻڌي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ته ڪاش اسان به انهن سان ملون هان. منهنجي هڪ دوست سان به هڪ اهڙي قسم جو واقعو پيش آيو هو جڏهن هو اسپين جي ڪنهن ٻيٽ جي شهر ۾ گهميو پي ته اتي هن ڪجهه ماڻهن کي سنڌي ڳالهائيندي ٻڌو ۽ پوءِ اتي انهن سان ڪچهري ڪيائين، جنهن مان هڪ ٻڌايس ته اسان جو هتي ريسٽورنٽ آهي، پوءِ هو اتي جيترا ڏينهن به رهيو ماني اتي کائيندو هو ۽ ريسٽورنٽ جا سنڌي مالڪ کيس آرڊرڪيل کاڌي کان سواءِ پنهنجي طرفان به ڪا نه ڪا شي ڏيندا هئا يا پيرينيس پهاڙن جي خوبصورت سلسلي ۾ گهيريل ملڪ ايندورا ۾ جهنگ پنجاب جي بورچي جي سائين رفيع الدين ۽ ميڊم صفيه جي دل و جان سان سندن مهمان نوازي ڪرڻ يا اتي هڪ سٺ سالن جي سکر شڪارپوري سنڌي عورت سان ملڻ جهڙا حسين تجربا سفر کي وڌيڪ يادگار بڻائين ٿا جن سان هڪ سياح جون اهڙي قسم جون يادون سڄي عمر ساٿ ڏين ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن انسان جي منهن ٿي مشڪ به اچيو وڃي ۽ ها اهڙي قسم جي واقعن مان پاڻ گذرڻ يا محسوس ڪرڻ لاءِ پهريان ته گهر ڇڏي گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرڻو پوندو ته پوءِ ئي ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي اهڙي قسم جي تجربن مان پاڻ گذرندو.
هي سفرنامو پڙهڻ مهل شاه سائين، علامه اقبال ۽ ڪجهه ٻين شاعرن جي ڪجهه بيتن کي پڻ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو. منهنجي نظر ۾ هي ڪتاب سفرنامي سان گڏوگڏ تاريخ، ٻولي، شاعري، لطيفن، نصيحتن ،آتم ڪٿا، مختلف وقتن تي ڪيل پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر ڪيل سفرن جون يادگيريون ، سياحتي گائيڊ يا سونهون ۽ هڪ سنڌي جوڙي جي رومانس تي ٻڌل هڪ بهترين ۽ گهڻ رخو مجموعو آهي جيڪو سنڌي ٻولي ۾ هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو، جنهن مان ماڻهو انسپائيريشن ۽ موٽيويشن حاصل ڪري سگهي ٿو ته ڪيئن نه هڪ زال ۽ مڙس جو جوڙو هڪ ٻئي جو دوست ٿي ملڪن جا ملڪ لتاڙي گهمي ٿو ۽ ڪيئن نه هڪ ٻئي جو خيال پڻ رکي ٿو.
_______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



