Editor's pickMain Slideدنيا

سنگت سان گڏ ولنيوس جو سير

هتي وڻ ۽ انهن جي حفاظت ته ڏسو، پاڻ وٽ اتي سنڌ ۾ وڻ ڪٽي ملڪ ميدان ڪري ڇڏيو اٿن.

ٽائون هال جي ويجهو ڪافي سياح گهميا پي جن ۾ ٽي سنڌي به شامل هئا. ماحول ۾ ٻين ٻولين سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليء جي به جهونگار هئي.

عبدالله عثمان مورائي

اسان رڳو سوشل ميڊيا جي پوسٽن ۾ ڏٺو هو ۽ لڳندو هو ته اهو مڙئي ريمڪس ۽ ايڊٽ ڪري پوء ٿا شيئر ڪن، پر ايئن نه هو، اسان سان واقعي ائين ٿيو، ڦڪي کل ته هئي منهن تي پر اندر ۾ ٿورو ڊپ ضرور هو. مون جهاز مان لهڻ وقت ايئر هوسٽس کي چيو ته ايئن ته اسان رڳو سوشل ميڊيا تي ٿيندي ڏسندا آهيون، ان تي هوء ڏاڍو کلي. ٿيو ائين جو اپريل 2024ع ۾ ادا سنيل، ڀاء رياض ڪنگو ۽ آء اسٽاڪهولم کان لٿوينيا جي شهر ولنيوس پي وياسين، جهاز ولنيوس جي هوائي اڏي تي لهڻ جي تياري پي ڪئي، بلڪل رن وي جي ويجهو پهتو، اندر ۾ جيڪي دعائون پڙهڻڻيون هيون سي به پڙهي ڇڏيون، اوچتو جو وري جهاز اتان اڏام مٿي ڀري تہ خوف طاري ٿي ويو. سڀ هئاسين پريشان پر منهن تي ڦڪي مُرڪ هئي. جهاز ڪو پنڌرنهن ويهه منٽ مٿي اڏندو رهيو پوء وري واپس اچي لٿو. پائلٽ ٻڌايو ته شايد رن وي تي جاء گهٽ هئي يا اهڙو ڪومسئلو هو جنهن جي ڪري اسان کي هڪ دفعو وري اڏام ڀرڻي پئي، پر بهرحال خير سان اسان ولنيوس پهچي وياسين ۽ ٽيڪسي ڪري اچي  رِنڪٽائن گهٽي ۾ ڪورٽ يارڊ باء ميرٽ هوٽل تي پهتاسين. هوٽل تمام وڏي ۽ جديد هئي. هوٽل جي لابيء ۾ ڪافي ماڻهن ويٺي ڪڙو پاڻي يا کڻي چئجي مڌ پيتو. اسان چيڪ ان ڪري اچي هوٽل جي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. ڪمرو سٺو ۽ صاف سٿرو هو جنهن ۾ چانهه ٺاهڻ جو بندوبست هو، ٽي وي، استري ۽ فرج به رکيل هئي ۽ سمهڻ لاء پلنگ به آرامدهه هئا. ڪمري جي دري روڊ واري پاسي ٿي کلي. رات ڪافي دير ٿي چڪي هئي سو ان مهل ٻاهر وڃڻ جو ارادو نه هو، سوهڪ اڌ چانهه جو دور هلائي اتي ئي ڪمري ۾ ڪچهري ڪندي ننڊ اچي وئي.

خير جو ٻيو ڏينهن ٿيو، جلدي اٿي تيار ٿي اسان هوٽل ۾ ناشتي واري جاء تي آياسين جتي هر عمر جا ڪافي ماڻهو اسان کان اڳ ئي نيرن ڪرڻ ۾ رڌل هئا. اسان به خير سان اچي هڪ ٽيبل والاري ۽ شروع ٿي وياسين. ويڪ ائنڊ جي ڪري اتي گهڻي قدر بيرا ۽ بيريون شاگرد هئا جن اتي ڪم پي ڪيو، انهن شاگردن ۾ نظر جو چشمو لڳل هڪ انڊيا جو شاگرد به هو جنهن اتي ڪم پي ڪيو، پاڻ ٻڌايائين ته هو چناءِ جو آهي جنهن تي مون چيومانس ته چناءِ معني مدراس جنهن تي کلي چيائين جي بلڪل. پاڻ يونيورسٽي جو شاگرد هو ۽ موڪل جي ڏينهن ۾ اتي ڪم ٿي ڪيائين. توڙي جو سنڌ جا ڪافي نوجوان هاڻي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي چڪا آهن پر تنهن هوندي به وري آءُ سنڌ جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاء چوندس ته پنهنجي مستقبل لاء ڀرپور محنت ۽ پڙهائي ڪيو، اڳتي وڌو، پنهنجي پاڻ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيو، دنيا جا دروازا شاگردن لاء هر وقت کليل آهن ۽ رهندا، اعلي تعليم جي ڪوشش ڪيو ۽ گهر ۾ ويٺي سرڪاري نوڪريء جي آسري تي پنهنجي پاڻ سان ظلم نه ڪيو. هوٽل ۾ نيرن واري جاء تي قدرت جو ڪمال هو، مالڪ سائين جو خلقيل انساني حسن ۽ ان سان گڏوگڏ انسانن جي کاڌ خوراڪ لاء پيدا ڪيل نعمتون سڀ هڪ هنڌ ۽ هڪ ڇت جي هيٺان گڏ ٿيل هئا. هوٽل جون ڀتيون شيشي جون هئڻ ڪري ٻاهريون نظارو به ظاهر هو، ٻاهر هلڪو هلڪو وسڪارو پڻ هليو پي، ماحول رومانوي پي لڳو.

 اسان نيرن مان فارغ ٿي، تيار ٿي ٻاهر نڪتاسين. نڪرڻ سان ئي مينهن جي ڪڻين اسان جو ڀليڪار ڪيو پر ايترو مينهن نه هو جو ماڻهو تنگ ٿي پوي  پر تنهن هوندي به رين جيڪٽ ۽ ڇٽين جو بندوبست ٿيل هو. اسان هوٽل کان ٻاهر نڪري هوٽل جي کاٻي هٿ تي هلڻ شروع ڪيو. اتي ويجهو ئي يهودين جو ڪو پراڻو قبرستان هو، پر اسان کي رڳو اتي ان جو بورڊ نظر آيو جنهن تي ان بابت لکيل هو باقي ڪابه قبر نظر نه آئي. اسان هلندا  اچي نيرس درياهه جي ڪپ تي پهتاسين جتان وري درياهه جي ٻئي پاسي ولنيوس شهر جو لينڊ مارڪ يا آئيڪان گيڊيمينس پهاڙيء تي اڏيل گيڊيمينس قلعو ۽ ان جو ٽاور اسان جي سامهون ڪر کنيو بيٺو هو. درياهه، ساوڪ، آسمان تي ڪڪر ۽ قلعي جو پاڻ ۾ هڪ فريم ۾ بند ٿي ڏسڻ انتهائي سهڻو پي لڳو، دل خوش ٿي وئي. درياهه جي ٻنهي پاسن کان ماڻهن جي هلڻ لاء وري زبردست قسم جي فُٽ پاٿ ٺهيل هئي ته جيئن ماڻهو سڪون سان پنڌ هلڻ ۽ نظارن جو مزو هڪ ئي جاء تي گڏ گڏ وٺي سگهن. اسان اتي درياهه جي ڪپ تي بيهي ڪافي يادگار فوٽو ڪڍيا، ماحول جو مزو ورتو ۽ درياهه جي مٿان ڪنگ منڊاگاس پل تي ھلندا درياهه جي ٻئي پار پهچي وياسين. پٿر جي روڊ تي ڪارون، بسون ۽ ٽرامن جي اچ وڃ جام هئي. مقامي ۽ سياح ڪافي گهميا ڦريا پي.

بهرحال مٿي ان قلعي تي وڃڻ لاء يا ته ماڻهو پنڌ وڃي يا ته وري مٿي پهاڙي ريل نما لفٽ جنهن کي فنيڪيولر پڻ چئجي ان ۾ چڙهي وڃي. پهاڙي سڄي سرسبز هئي، اتي ويٽائوٽس جو يادگار مجسمو پڻ آهي جتي اسان پنهنجا ڪجهه يادگار فوٽو پڻ ڪڍيا ۽ پوء لفٽ جي ٽڪيٽ وٺي مٿي جلدي پهچي وياسين. مٿي پهاڙي ۽ قلعي تي پٿر جي سرن جو ميدان هو، جتي قلعي جو ٽاور ڏسڻ وٽان آهي. ماڻهن جي ويهڻ لاء بينچن جو پڻ جوڳو بندوبست ٿيل هو. هوا ڪافي تيز هئي. پهاڙي ۽ قلعي تان ولنيوس شهر جو نظارو انتهائي دلفريب ٿي نظر آيو، پري پري تائين ڳاڙهي رنگ جي گهرن جون کپرل سرن جون ڇتيون نظر اچن ٿيون، پري پري ڪجهه وڏيون ۽ جديد عمارتون پڻ ان سڄي ماحول جو حصو آهن. پر چوڌاري ان سڄي ماحول تي وڻن جي ساواڻ حاوي ٿيل هئي، معني شهر ۾ تمام گهڻي وڻڪار ٿيل هئي, جيڪا ان پهاڙيء تان واضع طور نظر ٿي آئي. مٿان وري وچ شهر مان وهندڙ نيرس درياهه ڪم کي صفا کنيو بيٺو هو. درياهه جو پاڻي خاموشيء سان پنهنجي منزل طرف وهي رهيو هو.

اسان ڳچ وقت مٿي گذاري آهستي آهستي ڪاٺ جي ڏاڪڻين جي ذريعي ٻين سياحن سان گڏوگڏ هيٺ لهندا آياسين. ولنيوس شهر مان نيرس درياهه کانسواء هڪ ٻيو درياهه ولنيا پڻ وهي ٿو جيڪو شهر ۾ ئي نيرس درياهه سان ملي ان جو حصو ٿيو وڃي. اسان پهاڙي تان هيٺ لهي هلندا هلندا نيرس نديءَ جي کاٻي ڪناري ۽ ولنيا نديءَ جي ساڄي ڪناري جي وچ ۾ موجود ڪالنائي پارڪ آياسين. ان کي ولنيوس جو هِل پارڪ پڻ چئجي ٿو. اتي موجود مختلف پهاڙن ۾ هلڻ جا رستا يا ٽريل ٺهيل هئا. اسان ڏاڪڻين جي ذريعي مٿي چڙهندا رهياسين، هڪ ٻن جاين تي ساهي پڻ پٽيسين ۽ اچي شهر جي هڪ ٻئي لينڊ مارڪ ٿري ڪراسس تي پهتاسين. اهي ٽي ڪراس اصل ۾ عيسائيت وارا ڪراس هئا جيڪي پهاڙيء تي اوچا ۽ اوچائي واري جاء تي ٺهيل هئا. اتي ڪافي سياح موجود هئا ۽ ان پهاڙيء تان به شهر جو نظارو تمام بهترين هو، اسان به ماحول جو مزو ورتو، فوٽو ڪڍيا ۽ واپس هلڻ جي ڪئيسين. ان پارڪ ۾ مائونٽين پارڪ اسٽيج پڻ هئي جيڪا مختلف ايوينٽس يا تهوارن جي وقت ڪتب آندي وڃي ٿي.

 اسان هيٺ لهي اچي ولنيا درياهه جي ڪناري سان بيٺاسين، ادا رياض پاڪستان ۾ ڪنهن دوست سان پي ڳالهايو ۽ ولنيوس ۾ وڻ ڏسي ان دوست کي پي چيائين ته يار هتي وڻ ۽ انهن جي حفاظت ته ڏسو، پاڻ وٽ اتي سنڌ ۾ وڻ ڪٽي ملڪ ميدان ڪري ڇڏيو اٿن. بهرحال اسان اڃا اتي ئي بيٺا هئاسون ته هڪ وڏن وارن ۽ هلڪي ڏاڙهيء وارو همراهه سندس پالتو ڪتي کي اتي گهمائڻ لاء وٺي آيو، اسان به ساڻس ڪچهري شروع ڪئي، ڏاڍا حال احوال ڪياسين. اسان کانئس پڇيو ته اسان کي ازوپس واري علائقي ۾ وڃڻو آهي، تنهن تي پاڻ چيائين هلو ته آء ٿو اوهان کي هلي ڏيکاريان ۽ ڦيرائي سيرائي اچي اسان کي اتي ڇڏيائين، اسان سندس مهرباني مڃي. ازوپس ولنيوس جو هڪ ننڍو علائقو آهي جتي ستن هزارن جي آباديء مان هڪ هزار ماڻهو فنڪار ۽ آرٽسٽ آهن. ٻيا وري دانشور ۽ واپاري آهن. 1990ع تائين اهو علائقو بدنام هوندو هو پوء اتان جي ماڻهن آزادي جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي علائقي جو قومي ترانو ۽ ڪانسٽيٽيوٽ پڻ ٺاهيو. اهو علائقو هاڻي يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج جي لسٽ ۾ شامل آهي. مقامي ٻوليء ۾ ازوپس جي معني آهي درياهه جي ٻئي پاسي، هتي درياهه معني ولنيا جنهن مان شهر جو نالو ولنيوس کنيو ويو آهي. اهو  علائقو مقامي آرٽسٽن جي آرٽ سان سينگاريل آهي جتي انهن جو ڪم نظر اچي ٿو. انهن جو ڪانسٽيٽيوٽ وري دنيا جي مختلف ٻولين ۾هڪ ڀت تي لکيل آهي، ان ڪانسٽيٽيوٽ ۾ ڪي چاليهن کان مٿي شيون لکيل آهن، جيڪي گهڻي قدر هر شخص جي آزادي جي باري ۾ لکيل آهن. ان علائقي ۾ دلائي لاما پڻ گهمي ويو هو. اسان به اتي ڪافي وقت گهمندا رهياسين ۽ ان ڀت سان فوٽو ڪڍائي قسم کڻڻ جهڙا ٿياسين.

اسان اتان گهمندي ڦرندي پراڻي شهر جو رخ ڪيو، اصل ۾ اسان هئاسين ئي پراڻي شهر ۾ يا ان جي بلڪل ويجهو. پراڻي شهر جا رستا پٿر جا هئا، پاسن کان ماڻهن جي هلڻ جي جاء سيمينٽ جي وڏين سرن سان ٺهيل هئي. هر هڪ گھٽي جو نالو ۽ هر عمارت جو نمبر، جيڪو يورپ ۾ عام آهي، اتي به ايئن ئي هيو. شهر ۾ صفائي پڻ تمام گهڻي نظر آئي. اسان ڦري سري اچي ولنيوس يونيورسٽي پهتاسين. هيو ته ڇنڇر جو ڏينهن پر اتي ڪافي شاگرد گهميا پي. هڪ شاگرد اسان کان اچي پڇيو ته اوهان کي ڪنهن به شئي جي مدد گهرجي يا ڄاڻ گهرجي ته مون کان پڇي سگهو ٿا، اسان سندس  ٿورا مڃيا. اتي ويجهو ئي صدارتي محل پڻ هو جنهن ٻاهران اسان يادگار فوٽو پڻ ڪڍايا. شهر ۾ ڪافي جاين تي ڦڪي رنگ جا گل پارڪن ۾ نطر ٿي آيا. اسان  کي ولنيوس جو ڪيٿيڊرل ڏسڻو هو. اهو وڏي ايراضي تي ٺهيل هو، خاص ڪري ان جو ٻاهريون ميدان تمام وڏو هو، بيل ٽاور وري ڪيٿيڊرل کان الڳ ٿلڳ هو، جنهن جي وري پنهنجي هڪ سونهن هئي.

اسان اتي پنڌ هلڻ ۽ خريداري ڪرڻ وارن لاء ٺاهيل گھٽيء ۾ گهمندا رهياسين، سووينيئرس جي دڪانن ۽ اسٽالن جا چڪر ڏيندا ۽ اگهه پڇا ڪرائيندا رهياسين، هڪ اڌ شيون وٺندا پڻ رهياسين. اسان جي ٻي منزل وري شهر جو ٽائون هال ۽ ٽائون اسڪوائر هو جتي ٿوري ئي دير ۾ پهچي وياسين. ٽائون هال اسڪوائر تي هڪ خوبصورت ڦوهارو پڻ هيو جيڪو ماحول کي اڃا به خوبصورت ڪري رهيو هو. اتي جيڪا مون ڳالهه نوٽ ڪئي ۽ مون کي وڻي سا هئي پاڻي جو جديد قسم جو نلڪو جتي انسانن لاء پاڻي پيئڻ ۽ سندن بوتلن ۾ پاڻي ڀرڻ جو بندوبست ۽ ان ئي نلڪي ۾ زمين جي ويجهو هيٺ وري جانورن لاء هڪ پيالو يا وٽو جتي اهي  جانور پڻ پاڻي پي سگهن. ٽائون هال جي ويجهو ڪافي سياح گهميا پي جن ۾ ٽي سنڌي به شامل هئا. اسان اتي ڪافي يادگار فوٽو ڪڍيا. اوسي پاسي ۾ ڪافي ريسٽورنٽس ۽ ڪيفيٽيريا به هئا جن کي ڏسي اسان به سوچيو ته هاڻي ڪٿي هلي ويهي چانهه بسڪيٽ جو مزو وٺجي ۽ ائين ئي هلندا هلندا اچي اسڪيدار ڪيفي بار تي پهتاسين جتي انهن ٻڌايو ته اسان ڪلاڪ کن ۾ بند ڪنداسين جنهن تي اسان چيوسين ته ٺيڪ اسان کي رڳو چانهه ڪيڪ جو مزو وٺي هانوجهل ڪرڻي آهي. ان ڪيفي جو ماحول انتهائي آرامده هو. اندران سينگاريل به واهه جو هو، جنهن ۾ گل ۽ ٻوٽا پڻ رکيل هئا. اسان چانهه ، ڪيڪ ۽ ڪافي جو مزو وٺندي ڪافي ڪچهري پڻ ڪئي ۽ ساهي پٽي.

ڪيفيٽيريا وارن جڏهن سامان سهيڙڻ شروع ڪيو ته اسان به اتان اٿڻ جي ڪئي ۽ هڪ دفعو وري ڦري سري اچي ڪيٿيڊرل واري وڏي ميدان تي پهتاسين جتي ڪافي ماڻهو گهميا ڦريا پي جن ۾ اسين به شامل ٿي وياسين، اندر ڪيٿيڊرل جو چڪر به ڏنوسين جتي ميڻ بتيون ٻريون پي ۽ انهن جي هڪ مخصوص خوشبو هوا ۾ هئي. ڪيٿيڊرل جي ٻاهران ميدان تي گرانڊ ڊيوڪ گيديميناس جو سندس گهوڙي سان هڪ يادگار مجسمو پڻ ٺهيل آهي. ان جي ويجهو ئي لٿوينيا جي گرانڊ ڊيوڪ جو محل پڻ آهي. اسان ان ۾ هيٺ لهي وياسين جتي ڪجهه آثار قديمه هئا، شايد ڪو عجائب گهر به هو جنهن جي ٽڪيٽ هئي، سو اسان اندر ته ڪونه وياسين پر اتان ٻاهران ئي ان کي ڏٺوسين. اتان ڦرندا سرندا اسان اچي لٿوينيا جي قومي عجائب گهر جي ڳاڙھي ۽ آف وائيٽ رنگ جي عمارت ۽ منڊاگاس بادشاهه جي يادگار مجسمي تي پهتاسين. مجسمي جي چوڌاري ٻارن سائيڪلون پي هلايون. سيءُ ڪافي وڌي چڪو هو. ماحول ۾ ٻين ٻولين سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليء جي به جهونگار هئي. اسان اتان واپس هوٽل واري پاسي هلندا رهياسين. هڪ دفعو وري اسان نيرس درياهه کي صبح واري ساڳي منڊاگاس پل جي ذريعي پار ڪيو ۽ هوٽل ڀيڙا اچي ٿياسين.

هوٽل تي هڪ دفعو وري مينهوڳيء واري موسم جو مزو وٺندي هڪ اڌ دور چانهه جو به هلايوسين. اڃا اتي ئي ڪچهري ۾ مشغول هئاسين ته محمد  ذوالڪفل سومرو جو فون آيو ته هو هوٽل جي لابي ۾ اچي چڪو آهي. سومرو صاحب اصل  ۾  روم اٽليء ۾ پڙهندڙ هو پر ان وقت ڪجهه مهينن لاء ولنيوس ۾ ايڪسچينج شاگرد طور رهيل هو. ذوالڪفل سان ڪافي ڪچهري ٿي، الائي ڇو پر کيس ولنيوس ۾ رهڻ ڪو گهڻو پسند نه هو.

ڪافي وقت هوٽل جي ڪمري ۾ ڪچهري ڪرڻ کان پوء اسان رات جو ٻاهر چڪر ڏيڻ ۽ رات جي مانيء لاء هڪ دفعو وري ٻاهر نڪتاسين. ڊاڪٽر عمران جمالي ڪجهه وقت پهريان ولنيوس مان ٿي ويو هو سو ان صلاح ڏني هئي ته اتي هڪ ترڪ ريسٽورنٽ منگل مين جي نالي سان ڪافي مشهور آهي، موقعو ملي ته ماني اتي کائجو، سو اسان به ان طرف  هلڻ شروع ڪيو، وري هڪ دفعو ساڳي نيرس درياهه کي منڊاگاس پل ذريعي پار ڪري ڪيٿيڊرل واري پاسي آياسين جنهن جي پويان ئي اهو ترڪ ريسٽورنٽ هو. اندر گهڙڻ کان پوء لڳو ڄڻ ماڻهو ترڪيء ۾ اچي ويو هجي. اندر ماحول ترڪيءَ واروهو، خاص ڪري ريسٽورنٽ جي ڀتين تي لڳل تصويرن ۽ سينگار اسان کي ڪافي متاثر ڪيو. 

رات جي ماڻيء مان واندا ٿي ٻاهر آياسين ته اوندهه کي هٽائڻ لاء ٻاهر روشنين جو سمنڊ هو، ڪيٿيڊرل ۽ ان جي بيل ٽاور تي پوندڙ روشني رات جي وقت ان جي سونهن ۾ وڌاءُ ٿي ڪيو. ذوالڪفل اتان اسان کان موڪلايو ۽ اسان اتي رات جي ماحول کي ڏسڻ لاء هيڏي هوڏي ڪيڏي مهل ولنيوس يونيورسٽي، ته ڪيڏي مهل صدارتي محل جي ميدان جي اوسي پاسي گهمندا رهياسين. اتي ان ميدان تي اوچتو محسوس ٿيو ته اتي به هڪ ڦوهارو آهي جيڪو موسيقي جي ڌنن تي هيٺ مٿي ٿئي ٿو يعني ڊانسنگ فائونٽين، جنهن جي پاڻي جو رنگ نيرو ٿي نظر آيو، اصل ۾ پاڻي ته اڇو هوندو پر روشنين جي ڪري اهو نيرو ۽ تمام خوبصورت ٿي لڳو. اتي ماڻهن جي شترنج کيڏڻ لاء پٽ تي اڇي ۽ ڪاري رنگ جي سنگ مرر جي سرن جو وڏو بورڊ ٺهيل هو ۽ انهن جي مٿان وري شترنج کيڏڻ لاء ان جا مهرا پڻ موجود هئا. اسان اتي ڪافي يادگار فوٽو پڻ ڪڍيا. هڪ بار ۾ ويهڻ لاء وياسين پر اهو مڪمل ڀريل هو ۽ رڳو ٻن ڄڻن جي ويهڻ جي جاء هئي ۽ اسين پاڻ ۾ ٽي هئاسين سو اهو ڪم به نه ٿيو ۽ واپس هرو ڀرو جا هيڏي هوڏي چڪر ڏيندا رهياسين ۽ جڏهن ٿڪاسين ته واپس ساڳئي رستي سان هوٽل طرف هلندا آياسين. رات جي روشنيء ۾ لٿوينيا جي قومي عجائب گهر ۽ نيرس درياهه ۽ ان جي پويان نظر ايندڙ گيڊيمينس پهاڙيء تي اڏيل گيڊيمينس قلعي ۽ ان جي ٽاور تي روشني جو جيڪو بندوبست ٿيل هو اهو انهن کي انتهائي سهڻو ڪري پيش ڪري ر هيو هو. خاص ڪري قلعي ۽ وڻن جا نيرس درياهه جي پاڻي ۾ عڪس، وڻن جي موجودگي، بس تون هين تون لڳي پئي هئي.

واپس هوٽل اچي ڳچ وقت ان جي لابيء ۾ ويٺي ڪچهري ڪئيسين. هوٽل جي لابيء ۾ به ڪافي ماڻهو ويٺا هئا جن مڌ ويٺي پيتو. رات جو جڏهن ننڊ ورايو ته ڪمري تي اچي وياسين ۽ اتي به ٿوري گهڻي ڪچهري هلندي رهي ۽ ڪچهري ڪندي ننڊ اچي وئي. بطاهر اها اسان جي اتي ان دفعيء لاء آخري رات هئي، پر انسان جي من ۾ هڪڙي ۽ مالڪ سائين جي من ۾ ٻي.

_____________

ليکڪ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو سُئيڊن ۾ آباد آھي ۽ وڏي عرصي کان ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button