ڳالھيون چين ۾ ڪتابن جي گھڻ ماڙ دُڪانن ۽ بيمارين جي اَڪوپنڪچر علاج جون
نئننگ شھر جو ھڪ بُڪ شاپ ھڪ وڏي چار ماڙ عمارت ۾ ھو جنھن ۾ ھڪ ماڙ کان ٻي ماڙ تي وڃڻ لاءِ اليڪٽرڪ ڏاڪڻيون لڳل ھيون
چين ۾ بيماريون عام هيون، صحت جي حوالي سان چين کي ٻاهرين مدد به نه پي ملي ته چيئرمين مائو روايتي چيني علاجن ڏانھن ڌيان ڏنو
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
پھرين نومبر 2024ع: هڪ بجي ڌاري جمع نماز پڙهڻ جي لاءِ ڇائو يانگ جي مسجد وياسين. اسان کي ڇڏي کشين ۽ نسيم هليون ويون ۽ وري نماز کان پوءِ گڏياسين. وشال مون کي هڪ وڏي عمارت جي سامھون آڻي بيھاريو ۽ چيو، ”ابو تنھنجي لاءِ سرپرائيز آهي.“ ”ڪھڙي؟“ پڇيم.
”هو سامھون ڏس، بُڪ شاپ. اچ ته اندر هلون.“
”واهه…. زبردست اڄ ته ٿي ويئي بلي بلي. “

سامھون عمارت تي نظر وڌم ۽ پوءِ وشال سان گڏ هلندي بُڪ شاپ ۾ داخل ٿيس. بُڪ شاپ ڇا هو. بس ڪتابن جي وڏي ڪائنات هئي. ان بُڪ شاپ جا چار ماڙ هئا ۽ هر ماڙ تمام وڏو ۽ ويڪرو. جيتوڻيڪ بيجنگ ۽ ٻين شھرن ۾ ان کان به وڏا بُڪ شاپ آهن. پر مون اڄ تائين ايڏو وڏو بُڪ شاپ نه ڏٺو هو. ايئن کڻي چئجي ته ’بُڪ مال‘ هو. هر ماڙ تي ڌار ڌار سيڪشن، ڪتاب نھايت سُھڻي نموني ترتيب سان رکيل، وچ وچ ۾ صوفا به رکيل هئا، جن تي اوهان ويھي ڪتاب پڙهي سگهو ٿا. نه ڪا جهل نه پل. سيلزمين ڇوڪريون بيٺيون هيون. هڪ ماڙ کان ٻي ماڙ تائين چڙهڻ ۽ لھڻ لاءِ اليڪٽرڪ ڏاڪڻيون. ڪتاب سڀ چيني ٻوليءَ ۾ هئا ۽ نھايت سھڻا ۽ جاذب نظرڇپيل. اسان هڪ سيلز گرل کان پڇيو، ”انگريزي ڪتاب ڪٿي رکيل آهن.“ وراڻيائين ٿرڊ فلور تي. اسان اليڪٽرڪ ڏاڪڻيون چڙهي ٿرڊ فلور تي آياسين. جتي به نھايت شاندار ۽ سليقي ۽ ترتيب سان ڪتاب رکيل هئا. هڪ سيلز گرل کان پڇيوسين ته ”انگلش بُڪس؟“ ته هن آڱر سان هڪ پاسي اشارو ڪيو. اسان اوڏانھن وياسين ته اتي به ماسڪ چڙهيل هڪ سيلز گرل بيٺي هئي، جنھن کان پڇيوسين ته ان هڪ پاسي اشارو ڪيو ۽ پاڻ به هلي اچي اسان کي ڪتاب ڏيکارڻ لڳي. انگريزي ڪتاب ڪي گهڻا نه هئا. ڪجهه ته شيڪسپيئر جي ڊرامن جا هئا. شيڪسپيئر جا ڊراما مون چيني ۾ ترجمو ٿيل به ڏٺا. چار واليوم ’شي چن پنگ‘ جي تقريرن جا هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جو مينيفيسٽو به انگريزي ۾ موجود هو. هڪ ٻيو ڪتاب ٽن جلدن ۾ چيني ليکڪ Wu Cheng’en جو Journey to the west هو. جنھن جو انگريزي ترجمو W.J.F Jenner ڪيو هو. جيڪي مون کڻي اٿلائي پٿلائي ڏٺا. پر ٻن ڪتابن منھنجو پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪايو، ان ۾ هڪ The Making in new China وڻيم ته وٺان. پر قيمت ڏسي هٿ ڪڍيم. 350 يوان يعني پندرهن هزار پاڪستاني. ان مھل ڇوڪري هڪ ٻيو ڪتاب کڻي هٿ ۾ ڏنو، Poems of Mauzeting ۽ چيئرمين مائو جي پوئٽري کڻي هٿ ۾ ڏٺم. ٻيئي ڪتاب پيڪ ٿيل هئا، منھنجي دلچسپي ڏسي چيائين ڀلي کولي ڏسو. مائوزي تنگ جي شاعري کولي ڏٺم. ڪتاب سھڻو ۽ خوبصورت پني تي ڇپيل هو. هڪ پاسي انگريزي ۽ ٻي پاسي چيني ۾. مائوزي تنگ شاعر به هو، سندس شاعري جو اهو ڪتاب اردو ۾ ڪنھن زماني ۾ چين جي غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر پاران ڇپيو هو. اهو ادارو اردو ۾ ٻيا ڪتاب به ترجمو ڪري چين مان ڇپائي موڪليندو هو. هاڻ شايد نه ٿو ڇپرائي. اهو ڪتاب آءٌ پڙهڻ لاءِ پاڻ سان گڏ چين کڻي آيو آهيان. اهو انگريزي ايڊيشن وٺڻ جھڙو هو، پر کيسي اجازت نه ٿي ڏني. ڪي ٻيا ڪتاب به هئا.مون ڇوڪري کان چيني رائٽر باجين (Ba Jin) جي ڪتابن جو پڇيو، پر چيائين ته اهي چيني ۾ ملي ويندا. باجين چين جو تمام وڏو ليکڪ ٿي گذريو آهي. پر پاڻ وٽ ان جا ڪتاب نه ٿا ملن، نه وري سندس لکڻين جا ترجما ٿيا آهن.

گهر اچي مون چيئرمين مائوزيتنگ جي شاعري جي اردو ترجمي وارو ڪتاب کڻي ان مان ڪجهه شعر پڙهيا. مائوزيتنگ جو هڪ نظم هن ريت آهي:
رات ڪيڏي نه ڊگهي هئي
ڳاڙهي زمين تي پرهه ڦُٽي آهي
هڪ صديءَ تائين چرين وانگر نچي رهيا هئا، راڪاس ۽ برڙ باڪاس
اسان جو پنج سئو ملين عوام ڪيڏو نه ڏکن ۾ هو
عرش جي هيٺان ٻُرائجڻ لڳو آهي،
پرهه ڦُٽي جي ڪڪڙن جا دَس
’پيوي شيئن‘سان گڏ سڀ قوميتون
نچي رهيون آهن
شاعر جي من ۾
جذبن جي اهڙي سرشاري ڪڏهن به نه هئي.
(هي 1950ع ۾ قومي ڏينھن جي موقعي تي لکيو هو.)

چيئرمين مائو جو مٿيون نظم پڙهندي مون کي سندس هڪ ڳالهه ياد آئي. لانگ مارچ جي دوران کين ڪيتريون ئي تڪليفون پيش آيون، پر مائو ڪميونسٽ انقلابين جي لاءِ هڪ ضابطه اخلاق تيار ڪيو ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته ماڻهن کان سُئي سڳي جھڙي به ڪا شئي نه کسجو. رستي ۾ جيڪا شئي ملي اها جمع ڪرائي ڇڏجو. نرم لھجي ۾ ڳالهائجو، ورتل شين جي مناسب قيمت ادا ڪجو، جيڪا شئي اُڌاري وٺو، اها ايمانداريءَ سان واپس ڪجو، نقصان جو معاوضو ادا ڪريو. ماڻهن سان زيادتي نه ڪجو. قيدين سان سٺو سُلوڪ ڪجو، عورتن جي عزت ۽ وقار جو خيال رکجو.
*
ٽين بجي کشين مون کي ڏيکارڻ لاءِ اڪو پنڪچر چيني ڊاڪٽر کان وقت ورتو هو، ان مھل ٻه ٿيا هئا. اڃا ڪلاڪ هو، ان ڪري اسان سڀ ’ڇايو يانگ‘ ۾ وڙڪڻ لڳاسين. کشين اسان جي لاءِ بسڪوٽ ۽ ڪيڪ وٺي آئي. جيڪي اسان اتي وڙڪندي کاڌا، ايئن ڄڻ پيٽ کي ڇاٻ آئي، پوءِ هڪ ڪافي شاپ تي وياسين، جتي روايتي چيني چانھه جا وڏا وڏا گلاس وٺي آئي. عجيب قسم جي چانھه هئي، جنھن ۾ چانھه کان سواءِ باقي سڀ ڪجهه هو. چانھه جي ته بس خوشبو هئي. چيني ٿڌي چانھه پيئن، پاڻ وري جيڪا چانھه چپ نه ساڙي ان کي چانھه ئي نه سمجهون. چيني چانھه کي ڇاهه چون.
بھرحال ان هلڪي ڦلڪي ريفريشمينٽ کان پوءِ اسان اڪو پنڪچر ڊاڪٽر ڏانھن روانا ٿياسين. اڪو پنڪچر علاج چين جو قديم روايتي علاج آهي، جيئن يوناني حڪمت، اهو ڏاڍو مھانگو آهي. جڏهن چين ۾ انقلاب آيو ۽ چيئرمن مائو ماڻهن جي صحت جي حوالي سان غور ويچار شروع ڪيو، ان وقت چين ۾ بيماريون عام هيون، صحت جي حوالي سان چين کي ٻاهرين مدد به نه پي ملي ته چيئرمين مائو روايتي چيني علاجن ڏانھن ڌيان ڏنو ۽ انهن تي تجربا ڪرائي، فائدي ۽ نقصان بابت رپورٽ ورتي. ان کان پوءِ اڪو پنڪچر علاج کي قانوني شڪل ڏيئي، اهو عام ڪيو ويو. مون ڪجهه سال اڳ ڪٿي پڙهيو هو ته چين جو هاڻوڪو صدر ”شي چن پنگ“ به ڪنھن بيماري سيماريءَ جي حالت ۾ اهو علاج ڪرائڻ کي اهميت ڏيندو آهي. هاڻ ته اهو وڌيڪ سائنٽيفڪ انداز سان ڪيو وڃي ٿو.
ڪار هلندي هڪ وڏي هوٽل جي اڳيان اچي بيٺي، ان هوٽل ۾ ڪيتريون آفيسون به هيون. اسان وارو ڊاڪٽر ستين ماڙ تي ويھندو آهي. لفٽ ۾ چڙهي اُتي پھتاسين ۽ هڪ آفيس ۾ گهڙياسين، اندر هڪ هال ۾ ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪمپيوٽرن تي ويٺا ڪم ڪري رهيا هئا، اسان کي ڏسي آڱوٺا مٿي ڪري ”ني هائو“ چئي خوشيءَ سان آجيان ڪئي. اسان به ”شي شي“ چئي سندن مھرباني مڃي ۽ مرڪن جي ڏي وٺ ڪئي. پوءِ ڊاڪٽر جي چيمبر ۾ گهڙياسين. لڳو ئي نه پي ته ڪا هيءَ اسپتال آهي، هڪ پاسي شيلف ۾ رکيل اڪو پنڪچر تي لکيل ڪتاب، پاسي ۾ ٻن قديم چيني ڊاڪٽرن جون تصويرون لڳل هيون، جن جو ضرور ان علاج سان واسطو هوندو. ڊاڪٽر پُرجوش نموني هٿ ملايو ۽ صوفن تي ويٺاسين ئي مس، تيسين هڪ ڇوڪري پاڻي جون بوتلون اچي ٽيبل تي رکيون ۽ پوءِ مووي ٺاهڻ لڳون. تيسين هڪ ٻيو چيني اندر گهڙي آيو ۽ جڏهن اسان جي پاڪستاني هئڻ جي خبر پيس ته وٺي تاڙيون وڄائڻ لڳو. اسان به! پوءِ چيائين ”چونگو- ڀاتيا ڦنگيو“ يعني پاڪ چين دوستي زنده باد. اسان واري ڊاڪٽر مون کي اتي اچي ڪرسي تي ويھاريو ۽ اهو همراهه پٽ تي ويھي رهيو ۽ وڏي جوش مان پاڪستان چين دوستيءَ تي خوشيءَ جو اظھار ڪرڻ لڳو. پوءِ خبر پئي ته همراهه ان ڪمپنيءَ جو باس ۽ اڪوپنڪچر دوائن جو وڏو سپلائير آهي. سندس سادگي ۽ خوشي جي اظھار گهڻو متاثر ڪيو. پوءِ ويو سو هڪ ننڍو هئڊو پاڪيٽ کڻي آيو ۽ تحفي طور ڏنائين. وشال ٻڌايو ته ان جي قيمت پنج ڇھه سؤ يوان آهي.

ڊاڪٽر مون کان شرٽ لھرائي ۽ پوءِ جتي سور هو اتي مھٽڻ شروع ڪيائين. وشال کيس ايم. آر. آئي ۽ اڳ ورتل دوائون ڏيکاريون.. همراهه وڏو ڳالهير هو. لڳو صفا جوان ٿي، پر چينين جي عمر جي سندن چھري مان خبر نٿي پوي. بھرحال اندازو اٿم ته چاليھارو سالن کان مٿي هوندو.
هسٽري وٺي پوءِ ويو، سو سُين جو پئڪٽ کڻي آيو. مون کي اها خبر هئي ته اهو علاج سُين ذريعي جسم ۾ دوائون داخل ڪرڻ سان ٿئي ٿو، پر اندازو نه هئم ته اجهو ٿو مون کي به سُيون ٽُنبي.
ڊاڪٽر پھرين منھنجي ڪلھي ۽ ٻانھن واري حصي تي ۽ هڪ ڪنڌ ۾ سُيون هنيون، چيائين ته سور ٿئي ته ٻڌائج. دل ۾ چيم: ”پٽيا جيئري ماس ۾ ٿو سُيون هڻين سو تڪليف ته ٿيندي.“ سُيون هڻي ويھارو کن منٽ ڇڏي ڏنائين. ان دوران سندس گفتگو جاري هئي، ويھن منٽن کان پوءِ اهي سُيون ڪڍي وري ٻيون هنيائين. پندرهن منٽن کان پوءِ اهي ڪڍيائين ته مون بوتل کڻي ٻه ڍڪ پاڻي پيتو. تيسين هڪ صندل کڻي آيا ۽ چيائون هن تي ليٽ. هاڻ ٽنگن جو وارو هو. هڪ پير جي آڱوٺي مان رت ڪڍيائين ۽ هڪ ٽنگ ۾ سُئي هنيائين. ٿوري دير ترسي چيائين ’ڇا پيا محسوس ڪريو؟‘ چيم! ”بھتر، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ٽنگ مان سُئي ڪڍيائين.“ مون شرٽ پاتي ۽ ڊاڪٽر کان موڪلايوسين. ٻاهر اچي فوٽو ڪڍياسين. هو لفٽ تائين اسان سان گڏ آيو، وشال کان پڇيم ته بس علاج مڪمل ته چيائين، سڀاڻي دوائون موڪليندو. ٻن ڏينھن کان پوءِ وري اچبو… هينئر محسوس ٿو ڪريان ته ٻانھن ۾ تڪليف گهٽ اٿم. هتي جن به ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو اٿم. ساڳئي ٿا ڳالهه ڪن ته نيوٽريشن صحيح نه اٿئي. نسن ۾ رت ڄمي ويو آهي، جيڪو دوائن سان گڏ ايڪسرسائيز سان ٺيڪ ٿيندو ۽ ٻانهن جو هڏو به پنھنجي جاءِ تان هٽيل آهي. اهو سڄو 5 جنوري 2023ع تي حيدرآباد ۾ قاسم چوڪ وٽ ٿيل ايڪسيڊنٽ جو ڪمال آهي.
اڄ ابوذر اقبال Common knowledge about China History جي ٻي ڪاپي کڻي آيو، جيڪا سندس ڪنھن دوست وٽ پيل هئي. مون سندس مھرباني مڃي ۽ فيصلو ڪيم ته اها ڪاپي شاهزيب نوناريءَ کي ڏيندس.
_______________
يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي