Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

چيني شھر نئننگ جي ٻڪرا پِڙيءَ جو سير، سنڌ جي ٻھراڙيءَ جو ڏيک

ايئن لڳو ڄڻ حيدرآباد پھچي ويا ھُجون. بس رڳو دُڪانن تي سائن بورڊ چينيءَ ۾ لڳل ھئا.

ٻڪرا پڙيءَ ڏانھن ويندڙ روڊ به سنڌ جي ڪنھن لنڪ روڊ جھڙو هو. روڊ جي هڪ پاسي ٻنيون هيون ته ٻئي پاسي ڪاٺ، بلاڪ وغيره رکيل هئا وڪري لاءِ.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

4 نومبر 2024: صبح جو چئين بجي ڌاري جاڳ ٿي ته بدن ڄڻ ٻَڌو پيو هو. ٻاهر اچي ليٽس- ٿوري دير فيس بوڪ کولي ڏٺم ۽ پوءِ اکيون بند ٿيڻ لڳيون ته سُمھي پيس. دير سان جاڳ ٿي، پر طبيعت ۾ مزو نه هو. وشال مون کان پڇيو ته دوائون کائڻ کان پوءِ ڇا ٿو محسوس ڪرين، چيم ڪو خاص نه. ڪلاڪ کن کان پوءِ ٻڌايائين ته ڊاڪٽر سان ڳالهايم، ڊاڪٽر کان پڇيم ته چيائين، ”ٻانھن ڊيميج ٿيل آهي، سو وقت لڳندو.“

اڪو پنڪچر ڊاڪٽر جيڪي دوائون ڏنيون آهن، سي ٻن راتين کان کشين مون کي ڪاڙهي پئي پياري.

رات کشين کي چيم ته ڪو اهڙو ڪتاب ملي ويندو، جيڪو چيني پرائمري ڪتاب هجي. وشال چيو ته مون وٽ هڪ ڪتاب پيو آهي، جيڪو توکي گهر هلي ڏيندس. اڄ صبح جو اهو ڏنائين. A complete Hand book of spoken Chinese جنھن ۾ انگريزي جملو، ان جي سامھون ان جي انگريزي اُچار ۾ چائينز ۽ ان جي هيٺان اهو چائنيز اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي. پڙهي وڃجي ٿو، پر صحيح اُچار ڪڍڻ لاءِ رهنمائي کپي. مثال طور مائوزي تنگ کي انگريزي ۾ Maosedong لکيو وڃي ٿو. ائين ٻيا لفظ به آهن. سکڻ لاءِ ان کان رهنمائي وٺبي رهبي.

اڄ سڄو ڏينھن برسات وسندي رهي، جنھن ڪري موسم ۾ خَنڪي اچي ويئي آهي. اڄ هوٽل پھتاسين ته وشال هڪ ٽوپي ۽ پنجن پينن جو پيڪٽ کڻي ڏنو. چيائين ٽوپي پائي ڏس بيجنگ ۾ ڪم ايندي، جو اتي گهڻي ٿڌ آهي. مون پائي ڏٺي گرم هئي ۽ ڪنڌ کي ويڙهڻ لاءِ به ڌار مفلر هو.

ڪجهه ڏينھن اڳ مون هڪ شاپ تان اسي صفحن جو هڪ نوٽ بوڪ اڍائي يوآن ۾ ورتو. ٻه ڏينھن وري پوءِ هڪ ٻي شاپ تان ساڍن ڇھن يوآن ۾ هڪ پين ۽ هڪ ڪاپي ورتم. وشال ڏٺيون ته چيائين پينون کپن، چيم سٺي ڪوالٽيءَ جون هجن ته ڪجهه گهرائي ڏي، منھنجي به لکڻ جي ڪم اينديون ۽ دوستن کي به ڏيندس. ڪالهه ٻه پئڪيٽ آن لائين گهرائي ڏنائين. اڄ وري پنج پينون، جيڪي وڌيڪ سٺي ڪوالٽيءَ جون هيون، گهرائي ڏنائين.

اڄ برسات سبب شام جو ويراني لڳي پئي هئي، مساج واريون مايون ۽ مرد جيڪي لوڊر گاڏن تي وڪڻڻ لاءِ سامان کڻي ايندا هئا، سي به اڄ نه آيا، ان ڪري اڄ ’هوچو لو‘ (اسٽريٽ) تي رونقون گهٽ رهيون.

سڀاڻي آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون آهن. ڊونالڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيريسن ۾ مقابلو آهي. هيستائين آمريڪا جا 46 صدر ٿي چڪا آهن ۽ سڀاڻي جيڪو چونڊبو اهو 47 هون صدر ٿيندو. هنن چونڊن جي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪملا هيريسن صدر چونڊي ته اها پھرين عورت آمريڪي صدر هوندي. جي ٽرمپ چونڊيو ته اهو آمريڪا جو واحد صدر هوندو، جنھن هڪ وقفو رکي ٻيھر چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ چونڊيو ۽ اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته ٽرمپ جو پھرين مدي ۾ مقابلو هيلري ڪلنٽن سان ٿيو هو، جنھن هارايو، ٻي مدي جي چونڊن ۾ ٽرمپ ۽ جوبائيدن ۾ مقابلو ٿيو، جنھن ۾ ٽرمپ هارايو ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلين جو الزام هنيائين. جوبائيدن وڏي عمر جي ڪري ٻي مدي لاءِ چونڊن ۾ حصو نه ورتو ۽ سندس جاءِ تي آمريڪا جي نائب صدر ’ڪملا هيرسن‘ صدارتي چونڊ وڙهي رهي آهي. جيڪا انڊين نسل جي آهي. بھرحال کٽي ڪير به، آمريڪا جي پاليسين ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ايندي.

5 نومبر 2024: اڄ جھڙوڪر چين جو نئون روپ ڏٺم. وشال هوٽل جي لاءِ ٻڪرَ وٺڻ لاءِ کشين ۽ وٽس ڪم ڪندڙ عمران سان گڏ نئننگ کان ٻاهر ٻڪرا پڙي پي ويو ته مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويا. شھر کان ٻاهر نڪتاسين ته مون وشال کي چيو، ”هاڻ ائين ٿو لڳي ته حيدرآباد پھچي ويا آهيون.“ بس رڳو دڪانن تي سائن بورڊ چيني ۾ لڳل نه هجن ها. اهو شھر جو صفا ٻاهريون حصو هو. اها ٻڪرا پڙي شھر کان ڪافي پري هئي. وشال ٻڌايو ته اڳ اها اڃا ٻي پاسي گهڻو پري هئي، پر سال اڳ حڪومت هتي منتقل ڪرائي آهي. ٻڪرا پڙيءَ ڏانھن ويندڙ روڊ به سنڌ جي ڪنھن لنڪ روڊ جھڙو هو. روڊ جي هڪ پاسي ٻنيون هيون، ته ٻي پاسي ڪاٺ، بلاڪ وغيره رکيل هئا وڪري لاءِ. ڪجهه گدام به هئا، ڪڪڙين جا فارم به هئا. وچ ۾ هڪ ننڍي ڍنڍ هئي، اڌ ڪلاڪ جي ڊرائيو کان پوءِ اتي پھتاسين. سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي علائقي جھڙو علائقو هو. ڪار مان لھي اڳيان وڌياسين. ڪيترائي لوهي جنگهلا هئا. جن مان ڪافي خالي هئا. وشال ۽ عمران ٻنھي چيو ته اڄ صفا رش ڪونهي. جانور به ايترا ڪونھن، نه ته ٻڪرا، رڍون، گهوڙا سڀ هوندا هئا. هڪ هنڌ هڪ اٺ پکي ڏٺوسين، جيڪو پڻ وڪري لاءِ موجود هو، اڃا ٻچو هو. دل ۾ آيم، هھڙو ناياب پکي به نه ٿا ڇڏين. ڪٿي ڪٿي ويامل ٻڪرين جا ٻچا واڙن ۾ ٻڪرين هٿان لتاڙيا پيا هئا. ٻڪرن ۽ ٻڪرين جا به مختلف قسم هئا. ڌپ ضرور هئي، پر جاءِ ئي اهڙي هئي، جانورن جا گوشت رت ڌپ ته ضرور ڪندا آهن. مختلف واڙن جو جائزو وٺي وشال هڪ واڙي مان ٻه ڇيلا پسند ڪيا. کيس مالڪ رنگ جو ڦوهارو ڏنو هو، ان سان انهن تي ڦوهارو ڪيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. پويان واڙي وارو چيني ٻيئي ٻڪر ٻاهر ڪاهي آيو ۽ پوءِ هڪ لوڊر ۾ وجهي روانو ٿيو. اسان وري ان لوڊر جي پويان ڪار ۾ روانا ٿياسين، ذبح گهر ميل کن پري هو. اتي پھچي ڇيلا لاٿائون، عمران به ان سان گڏ لوڊر تي چڙهيو. اتي پھچي ڏٺم ته ٻه ڇيلا ٽنگيا پيا هئا ۽ ڪاسائي انهن کي صاف ڪري رهيا هئا. چيني پھرين لوڊر ۾ ئي ڇيلي کي مٿي ۾ مترڪي سان زور سان ڌڪ هڻي بي سڌ ڪري پوءِ ڪنڌ ۾ ڪات هڻندا آهن. رت ڪڍي، پيٽ چيري ان مان آنڊا اوجهه ڪڍي پوءِ گرم پاڻي ۾ اڇليندا آهن. ائين ان جي کل لھي ويندي آهي، ۽ پوءِ ٻاهر ڪڍي، وڌيڪ صفائي ڪري پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ پيڪ ڪري ڌڻيءَ جي حوالي ڪندا آهن.

ڪاسائي وانڌا ٿيا ته هنن لوڊر مان ڇيلا لاٿا، کين دسيو ۽ عمران الله اڪبر چئي کين سير وڌي. جنھن مھل ڇيلن کي لوڊر مان لاٿو پي ويو، ان مھل انھن جيڪي رڙيون ڪيون ۽ انهن ۾ جيڪو ڪرڀ ۽ التجا هئي ۽ جنھن نموني سندن اکيون نڪري آيون، اهي وسرڻ ممڪن نه آهن. محسوس ڪيم ته هو زندگيءَ لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا. هنن ٻيئي ڇيلا پاڻ واري نموني صاف ڪيا ويا ۽ پوءِ انهن جا ٽڪرا ڪري پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۾ وجهي کڻي ڪار جي ڊگيءَ ۾ رکيائون. اتي ئي هڪ واڙي ۾ ڪتا به بيٺا هئا. ويھارو کن هئا. جيڪي به وڪري لاءِ هئا. گراهڪ اچي انهن مان ڪو پسند ڪندو آهي، پوءِ ڪاسائي ان جي مٿي کي مترڪو هڻي ان کي بي سڌ ڪري ٻاهر ڪڍي وڌيڪ ڪاروائي ڪندو آهي. ڪتن جي پاسي ۾ ئي ٻڪريون پڻ بيٺيون هيون. جيستائين اسان وارا ڇيلا ڪسجي، ڇلجي تيار ٿين، تيستائين آءٌ ٻاهر نڪري آيس. ٻاهر ٻنيون هيون، جن ۾ ٻارا ٺھيل هئا ۽ ڪا پوک ٿيل هئي، سامھون ئي پنج ڇھه هارياڻيون ٽوپلا پايون، هٿن ۾ پاهوڙا کڻي کڙا ڀڃي رهيون هيون. فصلن کي پاڻي ڊرپ طريقي موجب ملي رهيو هو. آءٌ ٻنيءَ ۾ اندر لھي ويس ۽ هارياڻين کي ’ني هائو‘ چئي، کانئن فوٽو ڪڍڻ ۽ مووي ڀرڻ جي موڪل ورتم، اها ڪاروائي ڪري ٻاهر نڪري آيس. ان وچ ۾ ڇيلا تيار ٿي ڊگيءَ ۾ رکجي چڪا هئا. کشين ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي ۽ اسان واپس روانا ٿياسين.

شام جو وڙڪندو گوانگسي يونيورسٽيءَ جي گيٽ کان به اڳتي نڪري ويس ۽ اتي هڪ ’اولڊ بوڪ هائوس‘ هو، جنھن جي ٻاهران دڪاندار مائي ويٺي هئي، ان ۾ گهڙي ويس، ڪتاب ئي ڪتاب، پر سڀ چيني ۾. ڪن ڪتابن جي مٿان وري انگريزي ۾ به ڪتاب جو نالو لکيل هو، پر ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب تي، اتي جنھن پھرين ڪتاب تي نظر پئي اهو هو A Biography of ZHOH EN- LAi (چواين لائي جي سوانح حيات). کڻي ڏٺم، فوٽو ڪڍيم، ڪتاب ٿورو پراڻو هو. هجي ها انگريزي ۾ ته ڀلو ٿئي ها. اندر هڪ ڪنڊ ۾ مارڪس ۽ اينگلس جي ڪتابن جا پراڻا ڇاپا چيني زبان ۾ رکيا هئا. جن کي کڻي اٿلائي پٿلائي ڏٺم. ٿوري دير ڪتاب ڏسي ٻاهر نڪتس ته هڪ پاسي نوٽ بوڪ رکيا هئا. هڪ نوٽ بوڪ تي ’شي چن پنگ‘ جي تصوير ڇپيل هئي. کڻي ڏٺم. اندر صفحن تي به هر صفحي جي ڪنڊ تي ’شي چين پنگ‘ جو پورٽريٽ ڇپيل هو. چين آيو هئس ته محترم غلام حسين جوڻي چيو هو ته اوهان پنھنجي لاءِ چين مان ڪا يادگار ڊائري وٺجو. ڊائري ته ڪٿي نظر نه آئي، پر اهو نوٽ بوڪ چار يوان ڏيئي يادگار طور ورتم ۽ پوءِ واپس وريس. واپسي ۾ به هڪ ٻن بوڪ شاپ جي اندر گهڙي پنھنجي عادت پوري ڪيم. اتي هڪ ڪتاب نظر آيو. جيڪو هو ته چينيءَ ۾ پر مٿان انگريزي ۾ نالو لکيل هئس، Mao Zedong and He’s class meats يقينن سٺوڪتاب هوندو. هڪ ٻه ٻيا ڪتاب جيڪي نظر آيا انهن ۾ هڪ هينري ڪسنجر جي بايوگرافي هو ۽ ٻيو مارگريٽ مشيل جي ناول Gone with the wind جو چيني ترجمو. هتي مون بوڪ شاپس تي ڏٺو ته ٻاهرين ادب جا ڪيترائي ڪتاب چيني ۾ ترجمو ٿيل هئا ۽ نھايت سھڻي نموني ڇپيل هئا.

_____________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button