Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

لطيف شناسي: سُر ڪوھياري مشڪل سان مھاڏي اٽڪائڻ جي جرئت سيکاري ٿو

سسئيء جو پنڌ دراصل self-discovery ۽ self-awareness جو پنڌ آھي۔ پنھنجن خواھشن، جذبن ۽ صلاحيتن کي پرکڻ جو سُر آھي

ڀٽائيءَ سسئيءَ جي commitment ۽ confidence پرکڻ لاء ھن کان وڏا وڏا ڪشالا ڪرايا آھن۔ کيس زندگيءَ جا مشاھدا ڪرايا آھن۔ ھمت ڏني آھي، مشڪل سان مھاڏي اٽڪائڻ جي جرئت ڏني آھي ۽ نيٺ مارڳ ۾ ماريو آھي

ڊاڪٽر خادم منگي

ڪوھ معنا جبل۔ ان ڪري ڪوھياريءَ جو وڃي مطلب ٿيندو جبل واري۔ سسئي جو قصو ٿوري گهڻي فرق سان پنجن ئي سرن ۾ مڙوئي ساڳيو آھي۔ پر ھن سسئيءَ واري موضوع کي مختلف راڳن ۾ ڳائڻ لاء پنج سُر لکيا ويا آھن۔ ان جي پويان محرڪ جذبو اھو آھي تہ لطيف سائين پنھنجي ھن سڀني کان وڌيڪ پسنديده سورمي سسئيءَ جو قصو سڀني راڳن ۾ بيان ڪرڻ/ڳائڻ چاھي ٿو تہ جيئن ھي قصو سڄي دنيا ۾ مقبول ٿئي۔ ڪوھياري نج سنڌي راڳ آھي ۽ سنڌ جي جابلو علائقي جا ماڻھو ھي راڳ پسند ڪندا آھن۔ راڻو بہ نج سنڌي راڳ آھي۔ ٻنھي راڳن جا آلاپ ايڏا تہ درديلا آھن جو ٻڌڻ سان ئي بت مان سيسراٽيون اڀري پونديون آھن۔ ٻئي راڳ وڃي اصل ھانوَ ۾  ھٿ وجهندا آھن۔ الو ميان ۽ ووءِ ووءِ مان ئي ھي ٻئي راڳ پڌرا آھن۔ ڪوھياريء جي ووء ووء الڳ آھي ۽ راڻي جي ووء ووء الڳ آھي۔ لفظن جي استعمال کان اڳ ۾ ئي سمجهي وڃبو آھي تہ راڳي سر ڪوھياري ٿو ڳائي يا راڻو۔

“ڪوھ مڙوئي ڪوھ، پر اڻ سونھينءَ اوکو گهڻو۔

تنھنکي ڪوھ ڪندو ڪوھ، جنھنجو پيوند ڄام پنھل سان۔”

ھي ڪوھياري آھي۔ اصل الو ميان مان ئي پڌرو راڳ۔

“ووءِ ووءِ ڪندي وتُ، متان ووءِ وسارئين۔

رَندن مٿي رتُ ھارِ تہ پَسین ھوتَ کي”

ھيءَ آھي ڪوھياريء جي ووءِ۔

جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون تہ ڪوھياري سنڌ جي جابلو علائقي جو راڳ آھي تہ وري ابري سنڌ جي پَٽَ جو راڳ آھي۔ چون ٿا تہ راڳ ابري سومرن جي دؤر تائين سنڌ ۾ ڳايو ويندو ھو۔ جيڪو بعد ۾ ڄڻ تہ وڃائجي ويو۔ راڳ بہ ايئن ئي وڃائجي ويندا آھن، جيئن نديون وڃائجي وينديون آھن۔ جيئن سرسوتي ندي وڃائجي وئي آھي۔ جيئن پراڻ ندي، ھاڪڙو ندي، پٽيھل ندي اڄ ڳولهيون نہ ٿيون لڀن۔ ابريءَ کي سنڌڙي/سنڌڙو راڳ يا سنڌي راڳ بہ چوندا ھئا۔ جيڪو بعد ۾ ماضيءَ جي مٽيءَ جي تھن مان ڳولهي ڦولهي، ڇنڊي ڦوڪي وري پيش ڪيو ويو۔ ان کي ڀٽ شاھ جي فقيرن ڳولي لڌو آھي۔ حسيني عربي ۽ ايراني ماتمي راڳ آھي۔ ديسي نج ھندستاني راڳڻي آھي۔ ائين ئي معذوري عربي لفظ آھي۔ لطيف سائين سسئيءَ جو قصو بيان ڪرڻ مھل ڄڻ تہ شاعري ۽ راڳ جي medium وسيلي عربستان، ايران، سنڌ ۽ ھندستان جي پٽيءَ کي جوڙيندي نظر اچي ٿو۔ اھا ساڳئي ئي پٽي ھينئر تائين ڀي غزل جي لڙھيءَ ۾ پويل آھي۔

لطيف سائين جي دؤر ۾ راڳ ئي وڏي ۾ وڏو medium ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي ھئي۔ ڄاڻ بہ راڳ وسيلي منتقل ٿيندي ھئي تہ وندر بہ راڳُ ئي ھيو۔ راڳي دنيا جي سرحدن کي نہ مڃيندا آھن، جيئن روشني، ھوا، خوشبو، بادل، پکي ۽ درياءَ ڪنھن بہ بند ۾ نہ ٻڌجڻ چاھيبدا آھن۔ ھنن لاء سرحد ڪا معنا نہ ٿي رکي۔ نيل ندي آفريڪا جا سڀ ملڪ لتاڙي مصر وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آھي۔ سنڌوندي چين جي بارڊر وٽان گذري لڳ ڀڳ ٽي ھزار ميلن جو سفر ڪري سنڌو ساگر سان ملڻ لاء بي چين ھوندي آھي۔ 

ماضيءَ ۾ information ، knowledge and entertainment سڀ راڳ ذريعي ئي ممڪن ھيو۔ گراموفون، ريڊيو، ٽيليويزن، اخبار، رسالو، واٽس ايپ، فيس بوڪ، ٽئيٽر، انسٽاگرام ۽ يوٽيوب وغيره سڀ ڪجهہ، ان وقت راڳ ئي ھيو۔ راڳين جون محفلون ئي وڏو سوشل ميڊيا ھيون۔ ڀٽ شاھ راڳ جو مرڪز ھيو۔ اٽل ۽ چنچل جھڙا ھندستان جا ناميارا گويا جيڪي ڪلاسيڪل ھندستاني شاعر خاص طور تي ڀڳت ڪبير، تلسي داس ۽ ميران ٻائي جي شاعري ڳائيندا ھئا اھي سالئون سال اچي ڀٽائيءَ جي چؤگان ۾ چوڪڙي ڏئي پنھنجي حاضري ڀرائيندا ھئا۔ ڀٽ شاھ راڳ جي وڏي اڪيڊمي/يونيورسٽي ھيو۔ جنھن جو وائيس چانسلر تمر فقير ھيو۔ سمورو انتظام ۽ شيڊول ھن فقير جي بلي ھيو۔ اڄ تائين ان ساڳئي ئي انداز ۾ دنبوري تي لطيف سائين جي تمراڻي اسڪول آف ٿاٽ جا راڳي ماتمي لباس اوڍي، صرف دنبوري جي اڪيلي ساز تي، شاھ جو ڪلام ڳائيندا آھن۔ شاھ جا بيت ۽ وايون جنھن  منفرد انداز ۾ ڳايا ويندا آھن اھو صرف ۽ صرف ڀٽ شاھ جي ايجاد آھي۔ ووء ووء ۽ بر بر ووء سندن ڪوڊ آھن۔ راڳ ذريعي، ھن عظيم شاعر، شاھ عبداللطيف، بين الاقواميت جي پرچارڪ، ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪتل عظيم ڪردارن کي ڳائي وڄائي پنھنجي امن پسند ۽ آفاقي فڪر کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچائڻ پئي چاھيو۔ لطيف سائين بين الاقوامي امن ۽ بقاءِ باھمي جي تحريڪن جو سرواڻ ھيو۔ دنيا جيڪا جنگ جو ميدان بڻيل ھئي ۽ ماڻھن اتي لٽ مار مچائي ڇڏي ھئي۔ اھڙن عقل جي انڌن کي نيم جاگيرداري ۽ نيم قبائلي دؤر ۾ امن جا، پيار جا، محبت جا، جدوجھد جا، انتظار جا، حب الوطنيءَ جا، سخا جا، جوانمرديءَ جا، بھادريءَ جا، انقلاب جا قصا ٻڌائڻ ۽ کين اعلي انساني قدر values سمجهائڻ ھڪ وڏو ٽارگيٽ ھيو۔ ان لاء ڀٽ شاھ تي ھڪ يونيورسٽي قائم ٿيل ھئي۔ جيڪا آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج کان بہ اڳ انسان سازيءَ جو ڪم ڪندي ھئي ۽ شاگردن جي ذھني، شعوري ۽ فڪري آبياري ڪندي ھئي۔ آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج جو نالو صرف سمجهائڻ خاطر کنيو اٿم۔ سندن syllabus انسان دوست ناھي. ڇو جو سندن ئي ڊگري يافتہ شخص منھنجي ملڪ ۾ لٽ مار جي بازار گرم ڪندا پيا آيا آھن۔ شايد کين شيڪسپيئر ۽ ميڪاولي ئي پڙھايو ويندو رھيو آھي۔ شھزادن ۽ مڪارن جا داستان پڙھي پڙھي بتال ٿي ويندا آھن تہ کین منھنجي ملڪ تي حڪومت ڪرڻ لاء موڪليو ويندو آھي۔

اسان وٽ جيئن ٻاھران آيل الف ليلا جا داستان، حاتم طائيءَ جا قصا، ليلا مجنون جو قصو، ايسپ جون آکاڻيون، منطق الطير، شيرين فرھاد، گلستان بوستان، رستم سھراب، ممتاز دمساز ۽ يوسف زليخا وغيره مشھور ٿيا ھئا۔ لطيف سائين ائين ئي سنڌ جي سورمين، سورمن ۽ ڏاتارن جا قصا دنيا کي ٻڌائڻ چاھي پيو۔ سندس آفاقي فڪر ۾ اھا سگهہ آھي تہ اھو دنيا جا عالم پاڻ ھرتو ترجمو ڪري سمورين ٻولين وارن پڙھندڙن آڏو رکن۔ ان سلسلي ۾ لطيف سائين کي انگريزي، عربي، فارسي، چيني، روسي ۽ ھندي ٻولين ۾ ھنگامي بنيادن تي ترجمو ڪرڻو پوندو۔ باقي اڳتي ڪم آھستي آھستي پاڻ ھرتو ٿيندو ويندو۔ جديد دؤر ۾ جيستائين ريفرنسز references جي citation طور ڪو بہ ليک ڪتب نہ ايندو، تيستائين اھو ليک رينڪنگ ۾ مٿي نہ ايندو۔ ريفرنس ۾ مٿي آڻڻ لاء لطيف سائين کي بين الاقوامي مارڪيٽ جي ٻوليءَ ۾ آڻڻو پوندو۔ انگريزيء جي استادن جي اھا وڏي ذميواري آھي تہ ھو پاڻ بہ لطيف سائين کي پڙھن ۽ دنيا کي بہ ترجمو ڪري پڙھائين۔ ايڇ-ٽي سورلي، ارنيسٽ ٽرمپ، اين ميري شمل، ايلسا قاضي، امينا خميساڻي، آغا سليم، يعقوب آغا، ڪرسٽوفر شيڪل، مشتاق علي شاھ ۽ ٻين اڃا شروعات ڪئي آھي ۽ راھون مس ھموار ڪيون آھن۔ پنڌ اڃا گهڻو اڳتي آھي۔ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڪتاب “شاھ لطيف جي شاعري” ۽ انور پيرزادي جو ڪتاب “ڀٽائي” انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ کپن ۽ اھڙي نوعيت جا ٻيا ڪتاب پڻ لکيا وڃن۔

ڪوھياري راڳ ۽ راڻو راڳ لطيف سائين جي ايجاد آھي۔ ٻئي راڳ ايترا تہ مٺڙا آھن جو چئي کڻي چپ ڪجي۔ لطيف سائين جي رسالي جو سُر ڪوھياري بہ ائين ئي سسئيءَ جي ننڊ جي ڪري ٿيل نقصان کان شروع ٿئي ٿو۔ پھرين ٻن بيتن ۾ عربي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ٿيل آھن۔ جيئن ليل/رات، نوم/ننڊ، اجلس/ويھڻ، قم/اٿ۔ مرحبا/ڀليڪار ۽ اليوم سيرو/اڄ پنڌ پوڻو آھي وغيره۔ ٻين ٻولين جا لفظ عظيم شاعر وسيع القلبي جو اظھار ڪرڻ واسطي استعمال ڪندا آھن تہ جيئن سندن ٻولي وڌيڪ وسيع ٿي سگهي ۽ ٻين ٻولين وارا ماڻھو بہ فڪر کي سمجهڻ لاءِ آماده ٿين ۽ اسان ڏانھن اڃا وڌيڪ ويجهو ٿين۔

“ليل نہ جاڳين لک سِيئن، ڪلي نوم ڪياءِ۔

قم ٿي پھچ قريب کي، اجلس تو نہ جڳاءِ۔

مُٺي! مزمانن سين، ويھي رات وھاءِ۔

جيلان ننڊ ڪياءِ، تي روز رھين ٿي راھ ۾”

سسئي ھن واقعي جو ذميوار اٺن ۽ جتن کي پئي سمجهي۔ ڪنھن مھل وري تقدير ۽ ڪرم ڏانھن پئي ڀانئي۔ پر لطيف سائين جي تز ۽ فيصلائتي جملي کيس confess ڪرڻ تي مجبور ڪيو۔ نڀاڳ جي ننڊ، آرس ۽ غفلت کي ئي اصل سبب سمجهي، لطيف سائين سسئيءَ کي ان ڳالھ تي آماده ڪيو آھي تہ مائي! غلطي مڃ ۽ ان جو ازالو ڪر۔ ھاڻي ڀنڀور جو سُک ڇڏي ڪيچ جو پنڌ ڪرڻ کانسوا ٻي ڪا واھ ئي ڪانہ اٿئي.

“سُتِينءَ سَنجهي ئي، مُنھن ويڙهي مُئنِ جئن،

اوجاڳو اَکِيُنِ کي، ڄاتوءِ نہ ڏيئي،

هَٿان تو پيئي، ٿي ڪَچو ڪيچَيُنِ ڪرين!”

خطا تو کان ٿي، ڏوھ ڪيچين تي ٿي مڙهين!

واھ جو انصاف آ، تو وٽ مائي؟

لطيف سائين ھن داستان جو نتيجو ڪجهہ اھڙو ڪڍيو آھي جو ھي بيت جتي ھڻ اتي پورو آھي۔

“جڏھن سُتيون جي، پٿرِ پير ڊگها ڪري،

تڏھن تنھين کي، ساٿَ سُتي ئي ڇڏيو۔”

نيٺ سسئي ڳالھ کي سمجهي وئي تہ جبل جي پنڌ کان سوا ٻيو ڪو بہ چاڙھو ڪونھي۔ ان ڪري ڀنڀور واسين کان موڪلائي توڪلائي اچي پنڌ پئي۔ ڪاڏي معصوم ڇوڪري ۽ ڪاڏي جبل جو پنڌ۔

ھڪڙي وائيء جو بند آھي۔

“توڻي نين نہ نین۔ الو ميان!

آئون انھن جي آھيان۔

پيرين آئون نہ پڄڻي،

ڪرھل ھو نہ جهلين۔ الو ميان!

آئون انھن جي آھيان۔”

ڇا تہ commitment جو درجو آھي۔ خبر ھجڻ جي باوجود بہ ڪڍ لڳڻ ۽ پنھنجي طرفان توڙ نڀائڻ جو مثال ھن کان مٿي ٻيو ڪھڙو ڏجي؟

ڪوھياري سُر جي داستان ٻئي جي پھرين پنجن ئي بيتن ۾ سسئي ڏونگر سان مخاطب آھي۔ ڪنھن مھل ڏونگر سان سندس ڪيل ڏاڍاين جون شڪايتون ٿي ڪري تہ وري ڪنھن مھل کيس ايلاز۔ ڪنھن مھل ان سان پنھونءَ جون ڳالھيون ٿي ڪري تہ وري ڪنھن مھل پنھونءَ جو نالو وٺي کيس ڌڙڪا ٿي ڏئيس۔ آخر ۾ ڏونگر سان گڏجي پار ڪڍي روئي ٿي۔

“ڏُونگَرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايُون ڪَرين،

مون تَنَ اَندَرِ تيئن وَهين، جئن وَڻ وَڍي واڍو،

اي ڪَرَمَ جو ڪاڍو، نا تَہ پَٿَر ڪير پَنڌَ ڪَري؟”

پھرين سٽ ۾ جبل جي ڪٺورتا جو بيان آھي. جبل جي سختيءَ جي نسبت سان سخت مزاج ماڻھن کي سنگدل چئبو آھي۔ ٻئي سٽ ۾ وري واڍي جو وڻ کي ڪرٽ سان چيري ٻہ اڌ ڪرڻ ڇا تہ جبل جي ظلم ڪرڻ واري عمل جي تمثيل آھي.

“ڏونگَرَ! ڏُک سَنداءِ، پِرِينءَ گڏِجان تہ چوان،

ڀنيءَ ٿِئين ڀَوارَئون، ٻيا وِنگا وَرَ سَنداءِ،

چَڱي ڪانَ ڪَياءِ، پير وِڃايئہ پِرينءَ جو.”

اي جبل! سپرينءَ کي گڏجان تہ ساڻس تنهنجي ڏکن جو حال اوريان، تنھنجي ھڪ ھڪ شڪايت سرکيرو ڪري ڪريانس۔ ٻيو تہ وري ھي پرهہ ڦٽيءَ جو ڪيڏو نہ ڀوائتو ٿي پوين ٿو۔ مٿان ھي تنهنجا پيچ/ ور وڪڙ رستا ڏاڍا اڙانگا آهن. ھل توکي سڀ ڳالھيون کڻي معاف بہ ڪجن، پر اهو چڱو نہ ڪيئہ جو پنهونءَ جي پيرن جا نشان ئي گم ڪري ڇڏيئہ! ان کان وڏي ٻئي ڪھڙي دشمني؟

“ڏُونگَرَ! ڏوراپو، پَھريون چَوندِيَسِ پِرِينءَ کي،

پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪَيا، تَرِيُون ڇِنيُون تو،

رَحمُ نہ پيئہ روحَ ۾، قَدُرُ مُنھنجو ڪو،

واڪو ڪَندِيَس: وو! مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري“

جبل! بيھہ۔ پنھونءَ سان ھيڪر ملان۔ پھرين شڪايت ئي تنھنجي ڪندي مانس تہ ”پهڻن منهنجا پير ڦٽي رتورت ڪيا ۽ تريون ڇني پوريون ڪري ڇڏيون آھن. تو پنهنجي دل ۾ مون تي ذرو بہ ترس نہ ڪيو ۽ نہ ئي ڪو منهنجو قدر ڪيئہ. مان ھانءُ ڦٽي، رڙيون ڪري، ورلاپ ڪنديس ۽ چونديس تہ الا! مون سان جبل ڏاڍيون/ جٺيون ڪيون ھيون!“

“ڏونگَر! ڏکوينِ کي، دلاسا ڏِجَن،

گَهڻو پُڇي تِن کي، جِنِ وٽان هوت وڃن،

تون ڪيئن سندا تن، پھڻ پير ڏکوئيين؟”

اي جبل! تون تہ ڪو بدفضيلتو آھين۔ ڏکايلن کي تہ اسان وٽ ماڻھو مِڙي دلداريون ڏيندا آھن۔ ھِتي منھنجو توکان سوا ٻيو ڪير آھي؟ تون پنھنجو ٿي ڪري بہ جٺيون ٿو ڪرين، تہ ارمان آھي۔ توکي خبر آھي تہ مون وٽان منھنجو محبوب ھليو ويو آھي۔ مان ڪيتري نہ پريشان ھوندس۔ اھڙن لٽيل ۽ ڦريل انسانن سان تہ جيڪر گهڻيون پرچاڻيون ڪجن. حيف ھجئي،  توکان دلداري ڏيڻ تہ نہ پڳو۔ رھندو وري منھنجا پير ٿو ڦٽين؟ لڳي ٿو تنھنجو مون ڏانھن ڪو پاءُ پاڻيء جو رھيل ھيو۔ ڇا تہ گفتگو آھي!

لطيف سائين ھن ادڙيءَ جي پھاڙ سان اھڙي تہ گفتگو ڪرائي آھي، جھڙي ڪنھن ماڻھوءَ سان ڪجي۔ جيئن سُر سھڻيءَ ۾ ميھار جي درياھ سان، جيئن سُر ڏھر ۾ پاڻ وڃي ڪئي اٿائين، ڪنڊيءَ جي وڻ سان۔ ھي ڪمال جو آرٽ آھي ۽ لطيف سائين کي جاندار، بي جان ۽ گونگي ڀت سان گفتگو ڪرڻ تي ڄڻ تہ ڪو ملڪو آھي۔

ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي، ڳَلِ نہ سُڪا ڳوڙها،

هُو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، سي ڀڄي ٿيا ڀورا،

گُوندرَ جا گهوڙا، وڃن جانِ جُدا ڪَيو!“

غمن جا لشڪر جيڪي گهوڙن تي چڙھي آيا آھن سي مونکي بيرحميءَ سان ماري سنبن سان چيڀاٽي، مونکي جان کان جدا ڪيون ٿا وڃن۔ ھن بيت ۾ توڻي جو ٽنھي سٽن جو قافيو تُز ناھي پر لفظن جو ترنم ۽ صوتي اثرَ انھن جي ڪَرَ ڀريون ويٺا آھن۔

“ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکيءَ ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،

سڻي سا تَنوارَ، مِرُون پيا مامِري.”

ڏکن جي ماريل سسئي ۽ ڏونگر، پاڻ ۾ گڏجي، مُنڊا مُنڊن ۾ ڏئي اهڙا ڪي پار ڪڍيا، جو اُنهن جي تنوار سڻي، جهنگ جا جانور بہ ماتم ۾ پئجي ويا. ھي بيت پڙھي تہ ھانءُ ئي نڪتو ٿو اچي۔ دل ٿي چوي تہ ھن مھل وڃي سسئيءَ سان ملي کيس مٿي تي ھٿ رکي ساڻس گڏجي روئجي ۽ اھو بہ چئجيس تہ امڙ! ھاڻي بس بہ ڪر۔ آسمان ڪيريندينءَ ڇا؟ سسئيءَ جو ئي ڪمال آھي جو ھن پٿر دل ۽ ڪٺور جبل کي ايترو تہ مجبور ڪيو جو ھو سسئيءَ جو حال ڀائي ٿي پيو ۽ گڏجي ڀيڻ يا ساھيڙي ٿي ساڻس گڏ رنو، گڏجي پار ڪڍيا۔ لطيف سائين! اي شاعريءَ جا امام! ھي سٽ پڙھي اسان جھڙي ڪٺور ماڻھوءَ جا بہ ڳوڙھا نہ ٿا بيھن۔ سلام ھجي اوھانکي۔ منھنجا رھبر! منھنجا رھنما!

“ٻئي ويٺا رُوَنِ، ڏُکي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،

ڪنهن کي ڪِينَ چَوَنِ، منجهن جو پِريتڻو.”

ھي بيت، مٿئين بيت جي extension/ڦھلاء آھي۔ لڳي ٿو جبل کي وري پنھنجو نينھن ياد پيو آھي۔ جنھنجي ڪري روئي ٿو۔ ھونءَ ڀي پٿر پرائو سور ھرڪو پنھنجو روئيندو آھي۔ ٻئي پنھنجي اندر ۾ گونگا ڳوڙھا ڳاڙين ٿا۔ ۽ ھڪ ٻئي سان پنھنجو راز نہ ٿا سلين۔ پر اصل ۾ ڏٺو وڃي تہ سسئي ئي آھي جيڪا double role ٿي ادا ڪري۔ ھڪ ئي وقت سسئي بہ پاڻ آھي، تہ وري جبل بہ پاڻ ئي ٿي وئي آھي۔ نہ تہ جبل جو ڇا وڃي روئڻ سان؟ ھي لطيف سائين جي شاعري جي سريئلسٽڪ ايپروچ ۽ مبالغي جي صنعت جو ئي ڪمال آھي جنھن ۾ جبل روئي ٿو، ھونءَ اھو ايئن ئي ناممڪن آھي، جيئن پيٽرول باھ وسائي۔ پر لطيف سائينء جي شاعريءَ ۾ جبل سسئيءَ سان گڏجي پار ڪڍي ٿو۔ تڏھن تہ مبالغي جي اجازت صرف شاعرن کي ئي مليل آھي۔

جبل ۽ سسئيءَ واري گفتگو ۽ روئڻ کانپوءِ ھاڻي لطيف سائين ان سڄي داستان جو حاصل مطلب ڪڍندو ۽ پنھنجي ماھرانہ راءِ ڏيندو۔ ڇو تہ سائين جن ڪا بہ ڳالھ ٻولھ نتيجي ڪڍڻ کانسوا نہ ڪئي آھي۔ بامقصد شاعري ھميشہ نتيجا ئي ڏيندي آھي۔

“ڏونگَرَ ڀُونيِن ڪِيرَ، سَڄَڻ ميخُون ڏُونگَرين،

هھڙا سيڻ سُڌيرَ، ڪين لَھندينءَ ڪي ٻِيا.”

جيئن جبل زمين جا ڪِلَ/ ڪِيرَ آھن، تيئن وري سڄڻ جبلن جا ڪير آھن۔ سڄڻ جبلن کي جهليون بيٺا آھن۔ ھاڻي جيڪي جبلن کي جهليون بيٺا آھن سي دل کي ڪيئن نہ جهلي سگهندا۔ ان ڪري اي منھنجي دل! ھي منھنجو پرين تنھنجو ئي ڏڍ ۽ ٿوڻي آھي۔ مون لاء وڏي طاقت آھي۔ سڌير آھي۔ اھڙو ٻيو ڪو پرين ملڻ ئي مشڪل آھي۔

درد مان طاقت ملندي آھي۔ ۽ طاقت ئي آھي جيڪا ھھڙا جملا چوِرائيندي آھي۔ سسئيءَ پنھنجي سڄي طاقت يڪجا ڪري، مٺيون ڀيڪوڙي ۽ ڏند ڪرٽي جبل کي للڪاريو آھي

“تَپي ڪَندين ڪوھ؟ ڏُونگَرَ! ڏُکويُنِ کي،

تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، تہ لِڱَ مُنھنجا لوھُ،

ڪَنھنجو ڪونھي ڏوھُ، اَمُرَ مُون سين اِئن ڪَيو.”

جبل روئي سگهي ٿو پر ڪا رعايت نہ ٿو ڪري سگهي۔ پانڌيئڙن کي تڪليف ڏيڻ جبل جي فطرت آھي۔ اھا تبديل نہ ٿي ٿي سگهي۔ جيڪڏھن جبل بہ ھجي ۽ تڪليف بہ نہ ڏي تہ پوءِ کيس جبل ڇو چئجي؟ ان ڪري جبل سان جبل واري ٻوليءَ ۾ ڳالھائجي تہ سمجهي ني۔ جبل صرف لوھ کان وئون ويندو آھي۔ ان ڪري سسئيءَ جو لوهہ جهڙو سخت ٿيڻ ئي واحد حل آھي۔ جبل ڪمزور ماڻھن جا ئي پير ڪپيندو آھي۔ تہ وري لوھ مان ٺھيل انسان جبل کي ڪٽيندو آھي۔ ننڍڙي ڇيڻي، ننڍڙي تيشي ئي جبل کي ڪپيندي اٿئي. پر سسئي جتي بہ بيان ڪندي ويچاري اھو ئي امر، تقدير، ليک، لکيو بہ گڏ کنيون ايندي۔ توڻي جو کيس انسان جي طاقت جو اندازو ٿي ويو اٿس۔ پر سماج جي مروج جملن مان جند آجي نہ ڪرائي سگهي آھي۔

ھاڻي جبل جو پنڌ بہ ڪري ٿي ۽ جاڳ ۾ نہ صرف پنھونءَ کي سڏ ڪري ٿي، پر سُتي ۾ بہ کیس ڇرڪ ٿا پون۔

“سُتي پَونِ ڇِرڪَ، آيلِ! ٻاروچَنِ جا،

پُنهونءَ جي پيڪان جُون، راسِيُون منجهان رُڪَ،

هنيمِ هوتَ ڪِرِڪَ، لوچان، لوھُ نہ نِڪري.“

ڪرڪ معنا ڪان/تير/ٻاڻ جيڪو سسئيءَ کي پنھونءَ اھڙو زومائتو، چست پچائي ۽ وڏي مھارت سان ھنيو آھي، جو اھو رڪ جو ذرڙو جسم مان نڪريس ئي نہ ٿو۔

“جيھي جي تيھي، تہ بہ ٻانھي ٻاروچَنِ جي،

حُجَتَ هوتَ پُنھونءَ سين، مُون ڪَمِيڻيءَ ڪيھي؟

اَصل آريءَ ڄام جي، پلئہ آئُون پيئي،

هُو جا پائين پيرَ ۾، تنھن جُتيءَ نہ جيھي،

وِساري ويھي، تن ڪيچِيُنِ کي ڪيئن رَهان؟“

ڪيڏو نہ ڪسر نفسيءَ کان ڪم ورتل آھي۔

”ھئي جي نہ ھئي، تہ بہ ٻانھي ٻاروچل جي۔

ان سڱ مقابل سسئي، سنديَنِ ٿي سُئي۔

ھُن تان لڄ لُئي، ھِن جو ھلڻ ھوت ڏي”

ھئي يا نہ ھئي پر سسئيءَ پاڻ کي ٻروچن جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو ھيو۔ دنيا وارن لاء سسئي ان ئي سڱ سان سڃاڻجي پئي۔ ھُن (پنھونءَ) تہ پنھنجي لڄ کڻي لڻي رکي/رشتو ٽوڙي ڇڏيو۔ پر ھن (سسئيءَ) جو ھلڻ ھوت ڏي ٿيو۔ مطلب پنھنجي سڱ جو ڀرم رکيو۔ سسئيءَ مطابق تہ ٻروچ ڇنندڙ ھئو ۽ پاڻ ٻانڀڻياڻي/کٽياڻي ڳنڍيندڙ ھئي۔ سسئي چوي ٿي تہ ٻروچ ڀلي رشتو ڇني وڃن پر مان ڳنڍينديس۔ جبلن جو پنڌ ڪنديس۔ گرمي سردي جي پرواھ ڪرڻ کانسواء، ڏينھن رات جي ڪو ڀؤ ڀولو ڪرڻ کانسواء، اوندھ روشنيءَ کان اميد رکڻ کانسواء۔

ڀلي اوندھ ھجي پر مون لاء روشني آھي۔ پنھون جو خيال ئي مون لاء روشني آھي۔

“پرتوو پنھونءَ، سھائي، سياھُ۔

منھن ڏئي مون آئيو، رنگارنگي راھُ۔

پھريون وجهندا پاھُ، پوء رڱيندا رنگ ۾”

پنھونء جو اولڙو/ پرتوو/خيال، مون لئہ اوندھ ۾ روشنيءَ وانگر آھي۔ منھنجي ذھن ۾ سندس  خيال جي ڪري منھنجي سامھون روشن راھ کلي وئي آھي۔ مونکي ھن اوندھ ۾ بہ رستو ست رنگي/انڊلٺي روشنيءَ وانگر ٿو لڳي۔ ڪيڏي نہ شاندار سائنسي سوچ آھي۔ سھائي معنا روشني جيڪا ڪرڻي مان جنم وٺي ٿي ۽ ڪرڻو بظاھر تہ بیرنگ آھي پر جڏھن prism مان گذري ٿو تہ ست رنگو بڻجي ٿو وڃي۔ سج جي روشنيء جي ڪرڻي وانگر جيڪو فضا ۾ موجود/ suspended مينھن جي قطرن مان گذري ٿو تہ ست رنگو ٿي پوي ٿو بلڪل انڊلٺي/ rainbow جي رنگن وانگر۔ پر ھنن رنگن ۾ رڱڻ کان پھريان ھو مونکي اھڙي تيزابي قسم جي دوا ۾ وجهندا جيڪا مونکي بلڪل صاف ڪندي۔ مطلب white wash ڪندي، بيرنگ ڪندي۔ پوء ئي مونتي رنگ چاڙھيندا۔ پاھ ھڪ دوا آھي جيڪا چمڙي جا رڱيندڙ، چمڙي کي ھڻي ان جو اصلي رنگ لاھيندا آھن۔ ۽ پوء ان تي جيڪو ٻيو رنگ چاڙھڻ چاھيندا آھن سو چاڙھي ڇڏيندا آھن۔ انگريزيء ۾ ان کي deglazer چئبو آھي۔ ان ۾ سرڪو، شراب، کار ۽ ليمن جو رس وغيره وجهندا آھن۔ ان کان پوء وري رنگ چاڙھڻ لاء مختلف وڻن جا ڇوڏا ۽ پاڙون استعمال ڪندا آھن۔ ٻير جا ڇوڏا ۽ پاڙون اڇو رنڱينديون آھن۔ جڏھن تہ ٻٻر جا ڇوڏا ۽ ڦوڳ جون پاڙون ڳاڙھي رنگ رڱڻ لاء استعمال ٿيندا آھن۔ مونکي فخريہ حيرت آھي تہ لطيف سائين رنگن جي سائنس ڄاڻيندا ھئا۔ ڇا تہ ھن ماڻھوءَ جو مشاھدو آھي۔ ڪمال ڪري ڇڏيو اٿائين۔ زبردست سائنسي سوچ اٿس۔ سائنسي  ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل ٻئي  سمجهيل اٿس۔

رِءَ قريبن قُوتُ ڪيو، ويٺي ورھُ چَران۔

ان عذابان اڳھين، مادر! ڇو نہ مران؟

اديون! جو نہ اوھان، سوئي سور مان سرتيون!

جبل ۾ پنڌ ڪرڻ وقت پھريون سوال ئي اھو اڀري ٿو تہ ھي بُٺ ملڪ تي ھن ادڙيءَ ڇا کاڌو پيتو ھوندو؟ سسئي جو جواب اڌ تہ مٿئين بيت ۾ اچي ويو آھي، اڌ وري ھن بيت ۾ اچي سڄي ڳالهہ ئي واضح ڪري ويندو۔ جيئن اوندھ منجهان روشني ٿي وئي ھئي ائين بک منجهان ڍءُ ٿي ويندو۔ ”ويٺي ورھ چران“ جو مطلب آھي وڇوڙو کائي پيئي ڍءُ ڪري ڇڏيو اٿم۔ اسان ڏسندا آھيون تہ غم جي ڪيفيت ۾ انسان ڏينھن جا ڏينھن ڪجهہ کائيندو پيئندو ئي ناھي۔ کائونس ماني پاڻي وسري ويندو آھي۔ بک اڃ ختم۔ جڏھن ڪنھنجو قضيو ٿي ويندو آھي تہ ٽي ڏينھن سندن گهر ۾ ڪُنو ئي نہ چڙھندو آھي۔ ڌنڌي ڪاروبار تي بہ نہ ويندا آھن، ننڊ آرام ڦٽائي تڏي تي ويٺا ھوندا آھن۔ ان جي پويان logic اھو آھي تہ ڏک/تڪليف ۽ فراق/وڇوڙو سڄي routine کي تھس نھس ڪري ڇڏيندو آھي۔ سمورو نظام ڊانواڊول ٿي ويندو آھي۔ ان ڪري ئي تہ سسئي اھا ڪيفيت نہ ٿي ٻڌائي۔ سسئيءَ تي ڇا وھيو واپريو آھي ھوء اھا خاص ڳالهہ ٻڌائڻ لاء تيار ئي ناھي۔

“حقيقت ھن حال جي، جي ظاھر ڪيان ذري،

تہ لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،

وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اڀري ڪين ڪي”

آخر اھڙو ڇا آھي جنھن جي بيان ڪرڻ سان جهنگ جا جانور بہ توبھ توبھ ڪن ٿا۔ جبلن جو ھانءُ ڦاٽي پوي ٿو، ٻيلن ۾ باھ لڳي وڃي ٿي ۽ ڪو سائو سلو ئي نہ ٿو ڦٽي! ھي تہ قيامت جو منظر چئبو! ۽ اھو صرف ذرڙي بيان ڪرڻ سان ممڻ مچي ٿو تہ وري سڄي حقيقت بيان ڪرڻ سان سمجهو ٿا تہ ڇا ٿيندو؟ الامان۔

ھڪڙي وائيءَ ۾ ايئن بہ چيو اٿائين:

”زاري سا زاري،

ڪوھيارل سان۔

ڪري ڪوھيارل ويو ھليو،

مون سان قيامت ڪاري۔

زاري سا زاري۔

ڪوھيارل سان۔”

ھاڻي پنھونءَ کي سڏڙا ٿي ڪري۔ جيئن سھڻيءَ جي سُر ۾ “مدد ٿي ميھار او يار! ساھڙ! سائر سير ۾” چيل آھي۔

“ساريان ٿي سبيلَ، پر تقصيرون پاڻ ڏي۔

مونکي ڇڏ مَ ڇپرين، آري ڄام اصيل۔

ورُ ولھين جا وسيل، رَسج رھبر راھ ۾۔”

۽ پوء ائين ئي ٿيو۔ جيئن سسئيءَ چيو۔ روح مان نڪتل لفظن ۾ اثر ٿيندو آھي۔ پنھون واپس ڀنڀور ڏانھن ساڳئي ئي رستي تان ايندي، سسئيءَ سان اچي مليو۔ ھتي لفظ موت جي ايتري اھميت ناھي۔ ملاقات جي وڏي اھميت آھي۔ مرڻ کانپوءِ ماڻھن کي ساڳئي ئي قبرستان ۽ حديري ۾ ڇو دفن ڪبو آھي؟ جواب آھي تہ جيئن ھڏڙا وڃي ھڏڙن سان ملن۔ خمير پنھنجي مٽيءَ سان ملي۔

 “Ash to ash, dust to dust.”

سو ھنن پريمين کي جيئري تہ جدا ڪري سگهجي ٿو پر مرڻ کانپوء جدا ڪرڻ دنيا وارن جي وس جي ڳالهہ ئي ناھي۔

“اڃا تون اَواٽ، واٽان پاسي ويسري۔

سئين ٿي سَواٽ، تہ دل منجهان ئي دڳ لھين۔”

سوچ جي زاوئي کي تبديل ڪرڻو آھي۔ پري واري پرينءَ کي ويجهو ڪيئن سمجهجي ۽ ويجهو ويٺل اڻ وڻندڙ شخص کي پري ڪيئن محسوس ڪجي، لطيف سائين اھڙي ئي فلسفي جو خالق آھي۔

دل منجهان دڳ لھڻ ئي حل آھي۔ جبل مان دڳ جو ملڻ ننڍڙي ڳالھ آھي پر دل منجهان دڳ ملڻ لاء وڏي جاکوڙ ڪرڻي آھي۔ جبل ٻاھر آھي۔ دل اندر آھي۔ اندران دڳ مليو معنا چوڏھن ئي طبق روشن ٿي ويا۔ شيون، معاملا، لقاءَ سڀ سمجهہ ۾ اچي ويا۔ ۽ پوء سسئيء کي خبر پئي تہ پنھون تہ مان پاڻ ئي آھيان

“پيھي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رھاڻ۔

تہ نہ ڪو ڏونگر ڏيھ ۾، نہ ڪا ڪيچين ڪاڻ۔

پنھون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ھئا”

سسئيء جو پنڌ دراصل self-discovery ۽ self-awareness جو پنڌ آھي۔ پنھنجن خواھشن، جذبن ۽ صلاحيتن کي پرکڻ جو سر آھي۔ ڏکئي وقت ۾ ئي ماڻھوءَ جي nerves جي خبر پوندي آھي تہ ڪيتريون مضبوط آھن۔ ريشم جون ٺھيل آھن يا اسٽيل جون۔ جيئن دل جي صحت کي جانچڻ لاء exercise tolerance test ڪبي آھي. ائين ئي ذھني صلاحيتن کي ماپڻ لاء وري stress tolerance test ڪبي آھي۔ ھمت/ courage جيئن تہ ھڪ abstract قسم جي صلاحيت آھي. انڪري ان کي ماپڻ جو اڃا تائين تہ ڪو اوزار ايجاد نہ ٿيو آھي ان ڪري ڪنھن کي بہ باھمت چوڻ کان اڳ ۾ کيس ننڍن ننڍن ٽارگيٽن کان شروع ڪري وڏن وڏن، گوناگون ۽ پيچيده قسم جي معاملن ۾ لاھي ڏسبو آھي تہ پار پئي ٿو يا نہ؟ شڪايت ڪري ٿو يا نہ؟ پنھنجن مسئلن جا پاڻ حل ڪڍي ٿو يا نہ؟ پیر ۾ ڪنڊو ٿو لڳيس تہ رڙيون ڪري سڄي ڳوٺ کي تہ نہ ٿو ٻڌائي؟ ان پرک سان ئي ڪچي ۽ پڪي جي خبر پوندي آھي۔ اسڪائوٽنگ ۽ گرلس گائيڊ جو تصور بہ ان ئي سلسلي جي ڪڙي آھي۔

ڪوھياريءَ سُر ۾ جبل جي پنڌ ۽ تڪليفن جو وستار سسئيءَ جي ٻين سرن جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ وڌيڪ ٿيل آھي۔ نالي مان ئي ظاھر آھي۔ ڪوھياري معنا جبل ۾ گهاريل وقت دوران سسئيءَ جي رويي کي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪري دنيا تائين پھچائڻ۔

آرس، ننڊ ۽ غفلت جي جرم کان پوءِ لطيف سائين ازالي طور ھن مائيءَ کي سزا ۾ جبلن ۾ رلايو آھي۔ ناتجربيڪار ڇوڪريءَ جي commitment ۽ confidence پرکڻ لاء ھن کان وڏا وڏا ڪشالا ڪرايا آھن۔ کيس زندگيءَ جا مشاھدا ڪرايا آھن۔ ھمت ڏني آھي، مشڪل سان مھاڏي اٽڪائڻ جي جرئت ڏني آھي ۽ نيٺ مارڳ ۾ ماريو آھي۔ موت ۽ ملاقات جو تضاد سمجهايو آھي۔ ملاقات موت کان اڳ ٿئي يا پوء ملاقات ئي چئبي۔ ان ڪري لطيف سائين جو ھي سر پنھنجي ھيئت ۾ ٻين سرن جھڙو ھجڻ جي باوجود بہ منفرد آھي۔ مان چوندو آھيان تہ مايوس مريضن کي ھي سُر ضرور پڙھڻ کپي۔ دوائن مان جان ڇٽي پوندن۔ بيماريء کي ٽڪر سمجهن ۽ چون “آڏو ٽڪر ٽر”، ناحق قيد ڪاٽيدڙن کي، وڏيري جي بيگر وھندڙن کي، سرمائيدار جي بٺيءَ ۾ جلندڙن کي، مانيء ٽڪر خاطر جسم وڪڻندڙن لاء ھي سر وڏو حوصلو آھي۔

ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي موجب ھن سر ۾ ٦ داستان ۽ ٤١ بيت آھن۔ جڏھن تہ ڪا بہ وائي شامل ناھي۔ پر غلام محمد شاھواڻيء جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ ٦ داستان، ٧٥ بيت ۽ ٧ وايون آھن۔

مثالطور ھڪڙي وائي ھت رکجي ٿي۔

ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَهِي،

سيڻَنِ ساڻُ سَهِي،

وو! ڀينَرُ!

آئُون جِيَئندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري.

وِهان ڪيئن ماٺِ ڪَري،

هيڏو سُورُ سَهِي؟

وو! ڀينَرُ!

آئُون جِيَئندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري.

هيڏي شَهَرَ ڀَنڀَورَ ۾،

سارِيان ڪونَہ سَهِي،

وو! ڀينَرُ!

آئُون جِيَئندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري.

اَڳِيان آرِيءَ ڄامَ جو،

 وِيَڙو ساٿُ وَهِي،

وو! ڀينَرُ!

آئُون جِيَئندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري.

صَبحَ ڏُونگَرُ ڏورِيان،

ڪنهن پَرِ راتِ رَهِي،

وو! ڀينَرُ!

 آئُون جِيَئندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري.

______________

  ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button