جنگيون رڳو سرحدن جي لڙائي نہ، پر انسانيت جي روح تي وار هونديون آهن
جنگيون ان سچ جو سڀ کان وڏو مثال آهن، جتي انسان پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي دنيا کي باهہ ڏئي ڇڏي ٿو۔ جنگ جو سڀ کان خوفناڪ پاسو جنگي جرم آهن جيڪي جنگ دوران بيگناهن سان ڪيا ويندا آهن۔ تاريخ ۾ اهڙا بي شمار مثال ملن ٿا جتي معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، شهرن کي بي رحميءَ سان بمباريءَ ذريعي تباهہ ڪيو ويو، ۽ انساني حقن کي مڪمل طور لتاڙيو ويو۔

حڪيم پريم چاندواڻي
انساني تاريخ جي ورقن کي جڏهن غور سان پڙهجي ٿو تہ هڪ ڳري سچ سامهون اچي ٿو تہ تهذيبون، شهر، ادارا ۽ قدر ٺاهڻ ۾ صدين جو وقت لڳي ويندو آهي، پر انهن کي تباهہ ڪرڻ لاءِ رڳو ڪجهہ گهڙيون ڪافي هونديون آهن۔ جنگيون ان سچ جو سڀ کان وڏو مثال آهن، جتي انسان پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجي دنيا کي باهہ ڏئي ڇڏي ٿو۔
جڏهن ڪا قوم يا سماج ترقيءَ جي راهہ تي هلندو آهي تہ ان ترقيءَ ۾ هزارين ذهنن جي سوچ، لکين هٿن جي محنت ۽ صدين جي تجربي جو حصو هوندو آهي۔ شهرن جون عمارتون، يونيورسٽيون، لائبريريون، اسپتالون ۽ ثقافتي ورثو، اهي سڀ انسان جي شعور، محنت ۽ اميدن جا نشان هوندا آهن۔ پر جنگ جڏهن ايندي آهي تہ اهو سڀ ڪجهہ چند ڏينهن يا ڪلاڪن ۾ مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويندو آهي۔
تاريخ شاهد آهي تہ جنگيون رڳو سرحدن جي لڙائي نہ هونديون آهن، پر اهي انسانيت جي روح تي وار هونديون آهن۔ جڏهن بارود وسندو آهي تہ رڳو عمارتون نہ پر خواب بہ ٽٽي پوندا آهن۔ هڪ اسڪول تباهہ ٿئي ٿو تہ هزارين ٻارن جي تعليم جا در بند ٿي وڃن ٿا، هڪ اسپتال ڊهي ٿي تہ بي شمار زندگيون خطري ۾ پئجي وڃن ٿيون، ۽ هڪ شهر تباهہ ٿئي ٿو تہ صدين جي ثقافت جو سلسلو ٽٽي پوي ٿو۔
جنگ جو سڀ کان خوفناڪ پاسو جنگي جرم آهن، جيڪي جنگ دوران بيگناهن سان ڪيا ويندا آهن۔ تاريخ ۾ اهڙا بي شمار مثال ملن ٿا جتي معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، شهرن کي بي رحميءَ سان بمباريءَ ذريعي تباهہ ڪيو ويو، ۽ انساني حقن کي مڪمل طور لتاڙيو ويو۔
جڏهن جنگي جرم ٿين ٿا تہ اهو صرف هڪ ملڪ يا قوم جو نقصان نہ هوندو آهي، پر سڄي انسانيت جي اخلاق تي داغ لڳندو آهي۔ ڇو تہ انسانيت جو بنيادي اصول اهو آهي تہ بيگناهن جي حفاظت ڪئي وڃي، پر جنگ جي ماحول ۾ اهي اصول گهڻو ڪري وسري ويندا آهن۔
جنگ جي تباهڪاري صرف ظاهري نہ هوندي آهي، پر ان جا نفسياتي اثر بہ گهڻا گهرا هوندا آهن۔ جنگ ڏسندڙ نسلن جي دلين ۾ خوف، نفرت ۽ بي اعتمادي پيدا ٿي ويندي آهي۔ ٻار جيڪي امن جي ماحول ۾ وڌڻ گهرجن، اهي بارود جي آواز ۾ پنهنجي ننڍپڻ کي وڃائي ويهندا آهن۔ اهڙي ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ نسلن جي نفسيات تي گهرو اثر پوندو آهي، جنهن جا نتيجا سماج کي ڏهاڪن تائين ڀوڳڻا پوندا آهن۔
حقيقت ۾ جنگ هڪ اهڙو طوفان آهي جيڪو رڳو حال کي نہ پر مستقبل کي بہ تباهہ ڪري ڇڏيندو آهي۔ هڪ پل ۾ ٿيندڙ تباهيءَ کي ٻيهر ٺاهڻ لاءِ صدين جو سفر طئي ڪرڻو پوندو آهي۔ ان ڪري دانشمند قومون جنگ کي آخري حل طور بہ قبول ڪرڻ کان اڳ سوين ڀيرا سوچينديون آهن، ڇو تہ انهن کي خبر هوندي آهي تہ تباهيء جو رستو تمام آسان، پر تعمير جو عمل تمام ڏکيو هوندو آهي۔
انسانيت جي تاريخ مان جيڪڏهن ڪو سبق ملي ٿو ته اهو هي آهي تہ جنگ مسئلن جو حل نہ پر مسئلن جي شروعات آهي۔ جڏهن قومون ڳالهين، عقل ۽ انصاف جي رستي تي هلنديون آهن تہ ترقيء جا در کلي ويندا آهن، پر جڏهن اهي هٿيارن جو سهارو وٺنديون آهن تہ تباهي سندن مقدر بڻجي ويندي آهي۔
اڄ جي دنيا ۾، جتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي انسان کي چنڊ تائين پهچائي ڇڏيو آهي، اتي به جنگن جو جاري رهڻ هڪ وڏو الميو آهي۔ انسان جيڪو ڪائنات جا راز سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو ئي انسان اڃا تائين پنهنجي ڌرتيءَ تي امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿو۔ اهو تضاد انساني شعور لاءِ هڪ وڏو سوال آهي۔
ان ڪري ضروري آهي ته دنيا جا دانشور، ليکڪ، مفڪر ۽ سماجي اڳواڻ جنگ جي خلاف آواز بلند ڪن ۽ امن جي ثقافت کي هٿي ڏين۔ ڇو ته جيڪڏهن انسانيت کي بچائڻو آهي تہ نفرت جي جاءِ تي همدردي، ۽ طاقت جي جاءِ تي انصاف کي فروغ ڏيڻو پوندو۔
تعمير جو سفر ڊگهو هوندو آهي، ۽ تباهي جو عمل انتهائي تيز۔ تنهن ڪري عقل جي تقاضا اها آهي تہ انسان تعمير کي پنهنجو مقصد بڻائي، نہ ئي تباهيء کي پنهنجي تقدير۔
ڇو تہ حقيقت اها ئي آهي تہ:
ٺاهڻ ۾ ٿيون، صديون لڳن،
ڊاهڻ ۾ ٿيون، گهڙيون لڳن۔
جيڪو سماج هن سچ کي سمجهي وٺندو آهي، اهو سماج هميشہ امن، ترقي ۽ انسانيت جي راهہ تي اڳتي وڌندو آهي۔
_____________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو سنڌ جي شھر ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو.



