Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سُر پرڀاتيءَ جون روحاني رمزون ۽ راز: سُجاڳيءَ کان سچائيءَ تائين سفر

ڀٽائيءَ جي نظر ۾ اهو انسان جيڪو پنهنجي اصل مقصد کان بي خبر آهي، اهو ڄڻ اڃان تائين رات جي اوندهہ ۾ گم آهي۔ جڏهن ته پرڀات جي روشني، سچائيءَ، معرفت ۽ عشق جي راهہ ڏيکاري ٿي

سجاڳي صرف عبادت يا ذڪر تائين محدود ناهي، پر عمل سان جڙيل آهي۔ هڪ سجاڳ انسان اهو آهي جيڪو ٻين لاءِ آساني پيدا ڪري، سچائيءَ تي قائم رهي ۽ پنهنجي ڪردار سان سماج ۾ روشني ڦهلائي۔

حڪيم پريم چاندواڻي

رات جي اوندهہ جڏهن آهستي آهستي پنهنجا پردا هٽائڻ لڳي ٿي ۽ اوڀر کان روشنيءَ جو پهريون ڪرڻو ڌرتيءَ کي ڇهڻ لڳي ٿو، تڏهن فطرت جو هر ذرو هڪ نئين زندگيءَ جي آجيان لاءِ تيار نظر اچي ٿو۔ اهو ئي سمون آهي جنهن کي پرڀات چئجي ٿو، جاڳڻ، سجاڳ ٿيڻ ۽ اندروني روشنيءَ جي شروعات جو وقت۔ ڀٽائيءَ جو سُر پرڀات، دراصل، هن ئي سجاڳيءَ جي علامت آهي، اها صرف صبح جو ذڪر ناهي، پر انساني روح جي اُڀار، اندروني بيداري ۽ حق جي سڃاڻپ جو پيغام آهي۔

سر پرڀاتيءَ ۾ شاهہ عبداللطيف ڀٽائي انسان کي ننڊ مان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر اها ننڊ صرف جسماني ناهي، پر غفلت، بي حسي ۽ دنياوي لالچن جي اوندهہ آهي۔ ڀٽائيءَ جي نظر ۾ اهو انسان جيڪو پنهنجي اصل مقصد کان بي خبر آهي، اهو ڄڻ اڃان تائين رات جي اوندهہ ۾ گم آهي۔ جڏهن ته پرڀات جي روشني، سچائيءَ، معرفت ۽ عشق جي راهہ ڏيکاري ٿي۔

ڀٽائيء هن سر ۾ روحانيت کي نهايت سادي پر گهري انداز ۾ بيان ڪيو آهي۔ هن جي نظر ۾ پرڀات هڪ اهڙو سمون/وقت آهي، جتي انسان پنهنجي اندر سان ڳالهائي ٿو، پنهنجي خامين کي سڃاڻي ٿو ۽ پاڻ کي سڌارڻ جو ارادو ڪري ٿو۔ اهو ئي وقت آهي جڏهن دل جي دري کلي ٿي ۽ روح کي پنهنجي خالق سان قربت محسوس ٿئي ٿي۔ هن سجاڳيءَ ۾ نه ڪو شور آهي، نه ڪو ڏيکاءُ، صرف خاموشيءَ ۾ هڪ سچائيءَ جي گونج آهي۔

سر پرڀاتيءَ جي وڏي رمز اها آهي ته انسان پنهنجي اندر جي اوندهہ کي پاڻ ختم ڪري۔ ڀٽائي چوي ٿو ته روشني ٻاهر کان نه ايندي، پر اندر مان پيدا ٿيندي آهي۔ جڏهن دل مان نفرت، حسد، لالچ ۽ خودغرضي ختم ٿيندي، تڏهن ئي پرڀات جي اصل روشني محسوس ٿيندي۔ ٻي صورت ۾، سج جي روشني هوندي به انسان اونداهيءَ ۾ ئي رهندو۔

هي سُر اسان کي اهو به سيکاري ٿو ته سجاڳي صرف عبادت يا ذڪر تائين محدود ناهي، پر عمل سان جڙيل آهي۔ هڪ سجاڳ انسان اهو آهي جيڪو ٻين لاءِ آساني پيدا ڪري، سچائيءَ تي قائم رهي ۽ پنهنجي ڪردار سان سماج ۾ روشني ڦهلائي۔ ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ روحانيت ڪا الڳ دنيا ناهي، پر روزمره جي زندگيءَ ۾ سچائي، محبت ۽ انصاف سان جڙيل آهي۔

سر پرڀاتيءَ ۾ عشق جو به هڪ خاص رنگ ملي ٿو، اهو عشق جيڪو انسان کي پنهنجي انا کان آزاد ڪري ٿو۔ جڏهن انسان پنهنجي مان کي ڇڏي ڏئي ٿو، تڏهن ئي هو حقيقت کي سمجهي سگهي ٿو۔ اهو عشق ئي آهي جيڪو انسان کي جاڳائي ٿو، هن کي پنهنجي اصل سڃاڻپ ڪرائي ٿو ۽ هن کي رب سان ويجهو ڪري ٿو۔

اڄ جي دؤر ۾، جتي هر طرف اڳتي نڪرڻ جي ڊوڙ، مقابلو ۽ ماديت جو غلبو آهي، اتي سر پرڀاتيءَ جو پيغام وڌيڪ اهم ٿي وڃي ٿو۔ اسان ظاهري طور جاڳيل آهيون، پر اندروني طور اڃا تائين ننڊ ۾ آهيون۔ اسان وٽ ڄاڻ آهي، پر سجاڳي ناهي، اسان وٽ وسيلا آهن، پر سڪون ناهي۔ اهڙي حالت ۾ ڀٽائيءَ جو سر پرڀاتي اسان کي سجاڳ ڪري ٿو ته پنهنجي اندر ڏسو، پنهنجي روح سان ڳنڍجو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي هڪ نئين معني ڏيو۔

ڀٽائيءَ جو سر پرڀاتي اسان کي اهو سيکاري ٿي ته هر نئون ڏينهن صرف وقت جي تبديلي ناهي، پر هڪ موقعو آهي، پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ جو، پنهنجي سوچ کي صاف ڪرڻ جو ۽ پنهنجي عملن کي بهتر بڻائڻ جو۔ جيڪڏهن انسان هر صبح کي هڪ نئين شروعات سمجهي، ته هو پنهنجي زندگيءَ کي نه صرف خوبصورت بڻائي سگهي ٿو، پر ٻين لاءِ به روشنيءَ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو۔

حقيقت ۾ سر پرڀاتيءَ جو اصل راز اهو آهي ته جاڳڻ صرف اکين جو نه، پر دل ۽ روح جو هجڻ گهرجي۔ جڏهن انسان اندروني طور سجاڳ ٿيندو، تڏهن ئي هن جي زندگيءَ ۾ سچائي، سڪون ۽ محبت جا گل ٽڙندا۔ اهو ئي ڀٽائيءَ جو پيغام آهي، ته پرڀات کي صرف ڏسو نه، پر ان کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪريو، جيئو، ۽ ان جي روشنيءَ سان پنهنجي ۽ ٻين جي زندگي روشن ڪريو۔

سر پرڀاتيء جا ڪجھه بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا۔

پيو ليٽين لٽ، سڄيون راتيون سمهين،

اٿي آڌيء نه ڪرين، سپڙ سان سهٽ،

رونجهي رات اپٽيا، پيٽنيئون پاڻيٺ،

ميڙي تئان مت، چونڊي ڀريا چارڻين۔

صبح جو سهاڳ،مڱڻهارن ماڻيو،

ڏنائون ڏاتار کي، وڏيء وير وهاڳ،

وس منهنجي ناھ ڪا، سيڻن هٿ سهاڳ،

پرين سان پهاڳ، مون نماڻيء نصيب ٿئي۔

ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي،

آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سهي،

جو راء وٽ رات رهي، تنهن جکي تان نه ٿئي۔

سيرانديء ساز ڪيو، سمهين ساري رات،

جاجڪاڻي ذات، ايئن هوء اڳهين۔

جنين سک ناھ ڪو، چارڻ سي چئجن،

رڃن راھ پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرا۔

تون سپڙ آئون سيڪڙو، تون ڏاتار آئون ڏڏ،

سڻي تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو۔

تون سپڙ آئون سيڪڙو، تون ڏاتار آئون ڏوھ،

تون پارس آئون لوھ، جي سڃين ته سون ٿيان۔

____________

Hakeem Prem-TheAsoaN

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگار آھي. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شھر ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button