Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

پاڪستان ۾ هائبرڊ نظام جا ناڪام تجربا ڪيستائين جاري رھندا؟

پاڪستان ۾ اهڙو نظام آهي، جنهن ۾ اڻ چونڊيل قوتون ، سويلين معاملن ۾ سڌي مداخلت ڪري رهيون آهن،هي نظام اصل ۾ نرم لفظن ۾ آمريت آهي

جيڪڏهن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻي آهي ته هائبرڊ نظام جهڙن تجربن کان پاسو ڪرڻو پوندو

الهه بخش راٺوڙ

پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هائبرڊ حڪمراني قائم آهي، اسان وٽ ان جون پاڙون ملڪ جي سموري تاريخ ۾ کتل آهن ۽ هتي گهڻو ڪري سويلين معاملن ۾ مداخلت عام رواجي ڳالهه ڏٺي وئي آهي. هن نظام مان ملڪ جي عوام کي ڪو گهڻو فائدو به نه پهتو آهي، ان جي باوجود اسٽيبلشمنٽ وري وري آزمايل کي ٻيهر آزمائيندي رهي آهي. هينئر به ساڳي نوعيت جو نظام قائم آهي، جنهن تي ن ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف کي ”فخر“ آهي. هن نظام کي جيڪڏهن ڪپڙي ۾ ويڙهيل مارشل لا چئجي ته غلط نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته ان نظام جو ڳاڻيٽو نه مردن ۾ ،نڪي عورتن ۾ ٿئي ٿو. ملڪ جا اصل حڪمران ڊگهي عرصي تائين  حڪومت ۾ چنبڙيل رهڻ جي باوجود کين آرام ۽ سڪون نه  ٿو ملي.انڪري اهي ناڪام تجربن کي ٻيهر ورجائي رهيا آهن.

تازوئي  ڪراچي بار پاران هڪ سيمينار جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس اطهر من الله، جتي عدليا جي تاريخ تي شرمساري ظاهر ڪئي، اتي اهو به چيو ته موجودهه هائبرڊ نظام ناڪام ٿي ويو آهي. هڪ جج جي حيثيت ۾ کيس ايئن چوڻ گهربو هو يا نه، پر هيءَ سچائي آهي، جنهن کي ستن پردن ۾ بہ لڪائي نٿو سگهجي. بقول جسٽس اطهر من الله جي ته پاڪستان ۾ اهڙو نظام آهي، جنهن ۾ اڻ چونڊيل قوتون ، سويلين معاملن ۾ سڌي مداخلت ڪري رهيون آهن،هي نظام اصل ۾ نرم لفظن ۾ آمريت آهي، ان جي باوجود ڪيتريون ئي اهڙيون ڌريون آهن،جن کي اهڙي نطام تي فخر آهي.

جسٽس اطهر من الله واضح لفظن ۾ چيو ته ملڪ جي اعليٰ عدليا ڪيترائي ڀيرا  آمر حڪمرانن جي غير آئيني قدمن جي منظوري ڏني. بقول هن جي ته عدليا جي 77 سالن جي تاريخ  هن لاءِ فخر ڪرڻ لائق ناهي.هن مولوي تميز الدين ڪيس، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس ۽ پرويز مشرف  جي آئيني نظام تي حملن جا مثال ڏنا.جسٽس جو چوڻ هو ته ان وقت جي جج صاحبان آمر حڪمرانن سان گڏجي ملڪ جي اهم اداري جي ساک کي نقصان پهچايو.هن انهن ججن جي به واکاڻ ڪئي، جن فوجي آمرن جي پي سي او تحت حلف کڻڻ ۽ آمريت اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ کان انڪار ڪيو. انهن ججن، جن پرويز مشرف اڳيان ڪنڌ اوچو رکيو، انهن ۾ ڪيترن ئي جو واسطو سنڌ سان هو.

هيءَ حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ هائبرڊ تجربن ، جيڪي مختلف دورن کان هيل تائين جاري آهن، انهن رياستي ادارن کي ڪمزور ڪيو آهي. پارليامينٽ ۽ عدليا جي ته انهن نظامن شڪل ئي بگاڙي ڇڏي. هيءَ به حقيقت آهي تہ جن جن هائبرڊ نظام جو ساٿ ڏنو، انهن کي ورلي عوام جي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو. اهي جيڪي نان سويلين هئا، يا آهن، انهن جو به ڪنهن وار ونگو نه ڪيو ۽ هي عمل جاري آهي.جسٽس اطهر من الله ته ايستائين به چيو ته بينچ ۾ ويٺل رضاڪار ، ڪهڙي ريت آئيني نظام کي سبوتاز ڪندي ”نظريه ضرورت“ جو رستو ڏيکاريندا رهيا. بقول هن جي ته هينئر به ڪيترن ئي جج صاحبن کي اصل قوتن جي مشڪوڪ  قانونن ۽ ترميمن کي قانوني جواز فراهم ڪندي ڏٺو پيو وڃي. هينئر ڪاغذ تي آئين جي بالادستي لکي پئي وڃي، پر عملي طور تي ان جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن ادارا پنهنجي دائري ۾ رهن ته صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.

جسٽس سوال ڪيو ته ٻن صوبن بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ بغاوت جهڙي صورتحال آهي. جن کي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻي آهي، اهي ڪنهن ٻيءَ ڌر جي ونگار وهندا رهندا ته اصل ڪم ڪير ڪندو؟. جسٽس اطهر من الله جي بقول ته ملڪ ۾ فوجي مارشل لا هجي يا هائبرڊ نظام، ٻنهي صورتن ۾ آئيني ڍانچي تي ڊگھي عرصي تائين زخم ڪيا ويندا رھيا  آهن.جمهوريت جي تحفظ لاءِ سويلين ۽ عسڪري قيادت، ٻنهي جي مفاد ۾ هائبرڊ نظام کان پري رهڻ ضروري آهي. جيڪڏهن جسٽس اطهر من الله جھڙا رمارڪس ڪنهن سياسي ڪارڪن يا عام ماڻهو ڏنا هجن ها ته هو ”غائب ڪيل“ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ها.پر جج جي قلمدان کيس بچائي ورتو آهي.

جيڪڏهن پوليٽيڪل نظام ۾ هائبرڊ گورنمينٽ  کي ڏٺو وڃي ته هي اهڙو نظام آهي،جنهن ۾ هڪ ئي وقت جمهوريت ۽ آمريت جا عنصر ان جو حصو هوندا آهن. ملڪ ۾ چونڊون ته ٿينديون آهن، پر اهي آزاد ۽ منصفاڻيون نه هونديون آهن. ظاهري طور تي آئين، پارليامينٽ ۽ عدليا موجود هونديون آهن، پر اصل طاقت اڻ چونڊيل ادارن يا طاقتور حلقن وٽ هوندي آهي. ميڊيا ۽ اپوزيشن کي ڪم ڪرڻ جي ڪجهه آزادي هوندي آهي، پر اهي ڪنٽرول يا دٻاءَ هيٺ هوندا آهن. انهن ادارن کي پنهنجي مينڊيٽ تحت ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو آهي. اسان وٽ جنهن انداز سان ميڊيا تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، هي سڀ ڪجهه ڏسي، آمريت جا ڏينهن ياد اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ هينئر ترڪي جهڙي سيڪيولر ملڪ ۾ جمهوريت جو ڍانچو موجود آهي، پر سمورا ادارا هڪ طاقتور فرد يا گروپ وٽ آهن، جنهن جون واڳون اردوان جي هٿ ۾ آهن. مصر ۾ به ساڳي صورتحال آهي، پارليامينٽ موجود آهي ۽ چونڊون به ٿين ٿيون، پر سمورا فيصلا فوج جو سربراهه جنرل سيسي ڪري ٿو.برما، ٿائلينڊ،مصر ۾ ته وفاقي ڪابينا ۾ فوج جي ڪوٽا مقرر آهي. انهن ملڪن ۾ اهم وزارتون، خاص ڪري دفاع، گهرو وزارتون آن ڊيوٽي آفيسرن وٽ هونديون آهن.

پاڪستان ۾ 1958، 1977 ۽ 1999 ۾ فوجي ڪابينائن ۾ سويلين شخصيتون شامل هيون. ان نظام کي به هائبرڊ سڏجي ٿو. جنرل ايوب خان جي ڏينهن ۾ ايئر مارشل اصغر خان، محمد حافظ الرحمان، اي ڪي خان، محمد ابراهيم ۽ ذوالفقار علي ڀٽو رهيا. هي هائبرڊ نظام هينئر به موجود آهي. جيڪڏهن هائبرڊ نظام ملڪ جي وهنوار کي هلائڻ ۾ ناڪام ويو آهي، ته پوءِ اهڙا تجربا وري وري ڇو ڪيا وڃن پيا؟ ان جو جواب سادو ۽ آسان آهي. طاقتور ڌرين جو حصو ڪيترو به هجي، انهن جي ڪوشش آهي ته ڪوٽا ۾ واڌ لاءِ ڪوششون جاري رکجن، ان سان گڏ، جيڪو به سويلين نظام هوندو اهو سندن دٻاءَ هيٺ به هوندو.هن نظام جا جيڪي پرزا نظر ايندا رهيا آهن،انهن کي هي احساس به نه هوندو آهي ته اهي ڪنهن جي ونگار وهي رهيا آهن. کين جڏهن به موقعو ملندو آهي فخريا انداز ۾ چوندا آهن ته کين ملڪ جي ”خدمت ڪرڻ“ جو موقعو مليو ته هو ٻيهر ساڳيو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هي ساڳيو موقف عمران خان جو به آهي. هن جو واڳ ڌڻين سان جهيڙو رڳو انڪري آهي ته کيس اقتدار جي ڪرسي گهربل آهي، جيڪڏهن ان کان وڌيڪ بهتر ”خدمت“ موجودهه حڪمران ڪن ته عمران خان کي ته جيل ۾ رهڻو پوندو. ان کان پهريان موجودهه حڪمرانن مان اڪثر ڌريون جيل جي هوا کائينديون رهيون هيون.جيڪڏهن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻي آهي ته هائبرڊ نظام جهڙن تجربن کان پاسو ڪرڻو پوندو.

_____________

الھ بخش راٺوڙ سينئر صحافي آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button