سنڌ خلاف سازشون ڪندڙ ڪامران ٽيسوريءَ کي گورنريءَ تان ھٽايو وڃي
ٽيسوريءَ کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هڪ صوبي جو گورنر هوندي هو ان ئي صوبي جي وحدت خلاف سهولتڪاري ڪري رهيو آهي. سرڪاري خرچن ۽ گورنر هائوس جي اي سي وارن بند ڪمرن ۾ سازشون ڪرڻ، جهڳڙا ڪرائڻ ۽ سنڌي توڙي اردو ڳالهائيندڙن ۾ نفرت پکيڙڻ بند ڪريو
(پاڪستان جي آئين موجب ڪنھن بہ صوبي ۾ گورنر جو عھدو وفاق جي نمائندي جو اُھڃاڻ ھوندو آھي، جنھن تي وفاق ڪنھن بہ شخص کي مقرر ڪندو آھي. اھڙي طرح مقرر ٿيل شخص کي ڪنھن بہ سياسي پارٽيءَ سان وابستگي ختم ڪري بلڪل غيرسياسي بڻجي ڪم ڪرڻو ھوندو آھي. موجودہ وقت لساني ۽ نسلي تنظيم ايم ڪيو ايم جو ھڪ شخص ڪامران ٽيسوري سنڌ جي گورنر جي عھدي تي فائز آھي، جيڪو پھرين ڏينھن کان آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪري رھيو آھي، جنھن تي سنڌ جو عوام احتجاج ڪندو رھي ٿو. تازو ٽيسوريءَ گورنر ھائوس ۾ ڪراچيءَ جي مستقبل جي عنوان سان ڪانفرنس ڪوٺائي جنھن ۾ سنڌ جي ورھاڱي جون ڳالھيون ڪندڙ ايم ڪيو ايم ۽ سندن حامين کي گھرائي اعتراض جوڳيون ڳالھيون ڪيون ويون. سنڌ جي پرنٽ، سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ان عمل جي سخت نندا ڪئي پئي وڃي. اڄ انھيءَ سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تان کنيل ھڪ مضمون شائع ڪري رھيا آھيون. ايڊيٽر)

نصراللہ جمالي
سڀ کان پهريان ته ڪامران ٽيسوريءَ کي سنڌ جي گورنر جي عھدي تان ھٽائي کيس گرفتار ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هڪ صوبي جو گورنر هوندي هو ان ئي صوبي جي وحدت خلاف سهولتڪاري ڪري رهيو آهي.
ٻي ڳالهه هيءَ ته ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون ڪرڻ وارن کي جيڪڏھن ھتي رھڻ ۾ ڪو مسئلو آھي تہ اُھي اسلام آباد ھليا وڃن. جڏهن اسلام آباد کي پاڪستان جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو هو، کين تڏهن ئي اتي لڏپلاڻ ڪرڻ گهرجي ها. اڃا به وقت ويو ناهي، اتي تمام آسائشون موجود آهن.
پاڪستان جي قيام کان اڳ به ڪراچي ۾ سنڌي وڏي انگ ۾ رهندا هئا. ھيءُ سنڌ ۽ سنڌين جو قديم شھر آھي. ھتي اڳي بہ چوڏهن هزار گوٺ هئا جيڪي اڄ به آهن، جڏهن ته ايم ڪيو جو ھيڊڪوارٽر نائين زيرو به برفت برادريءَ جي ملڪيت هئي. اڄ به ڪراچيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي رهن ٿا، جيڪڏهن يقين نٿو اچي ته روينيو رڪارڊ چيڪ ڪريو ته ديهہ ۽ تپا ڪهڙن نالن سان آهن ۽ ڪنهن جي ملڪيت آهن.
هڪ ٻي ڳالهه بہ ذهن ۾ رکي ڇڏيو ته برصغير ۾ انگريزن کي ڪڍڻ لاءِ جدوجهد ڪئي وئي هئي ۽ پاڪستان ۽ هندستان جي قيام وقت ڪٿي به لڏپلاڻ جو ڪو معاهدو ٿيل ناهي.
ڪراچيءَ جون انڊسٽريون پناھگير پاڻ سان گڏ کڻي نه آيا هئا، ۽ جيڪي کڻي آيا هئا اهي پاڪستان ڇڏي پرڏيهه ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن. باقي جيڪي بچيا آهن اهي چيمبر آف ڪامرس جهڙن ادارن ۾ عهدن تي ويٺل آهن. مهاجرن سان گڏ ڪراچي جون انڊسٽريون پنجابي، سنڌي، پختون ۽ بلوچ هلائي رهيا آهن. توهان کي پاڪستان جي سرزمين گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، جنهن ۾ رهڻ لاءِ گهر، ڪاروبار لاءِ انڊسٽريون ۽ وڏين مارڪيٽن ۾ دڪان شامل آهن.
سنڌي هندن جي وڃڻ کانپوءِ مسلمان سنڌين کي ڪجهه به نه مليو ۽ نه ئي مسلمان سنڌين انهن جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو، پر “ڪليم” جي نالي تي مهاجرن قبضا ڪيا. اڄ اهي رتوديرو، ڳڙهي ياسين، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهيار ۽ سنڌ جي ٻين شھرن جي سنڌين کان وڌيڪ خوشحال آهن. توهان جنرل پرويز مشرف جو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا جنهن ۾ هو لائينز ايريا جي پنهنجي گهر جو ذڪر ڪري رهيو آهي، ان جي باوجود توهان کي محروميءَ جو احساس آهي. مشهور ليجنڊ اداڪار معين اختر جي بقول، جيڪو به ڪراچي ۾ بند گهر يا دڪان ڏسندو هو، ان کي پنهنجي پيءُ جي ملڪيت سمجهي تالا ٽوڙي ويهي رهندو هو ۽ اتي موجود سامان وڪڻي امير بڻجي ويندو هو.
سرڪاري خرچن ۽ گورنر هائوس جي اي سي وارن بند ڪمرن ۾ سازشون ڪرڻ، جهڳڙا ڪرائڻ ۽ سنڌي توڙي اردو ڳالهائيندڙن ۾ نفرت پکيڙڻ جي ڪا ضرورت ناهي، بس هڪ ڪم ڪريو:
پاڪستان جي آئين موجب گورنر جي پارٽي کي صوبو بڻائڻ لاءِ صوبائي اسيمبليءَ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت گهرجي. ان لاءِ خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، مصطفي ڪمال، ڪامران ٽيسوري، شبر زيدي ۽ ٻين کي ڪشمور کان ڪراچي ۽ ٿر کان جيڪب آباد تائين وڃڻو پوندو ۽ ووٽ کڻي اچڻا پوندا. جيڪڏهن سنڌ جو عوام ان منشور تي ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيندو ته پوءِ وڙهڻ ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ويهي سازشون ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.
جيڪڏهن شهباز شريف اڄ ئي ڪامران ٽيسوري کي عهدي تان هٽائي ڇڏي ته هو سڀاڻي نظر ئي نه ايندو، ايم ڪيو ايم وارا کيس ڳولي ڳولي ٿڪجي پوندا. فاروق ستار کي خوردبين ۾ به ڪامران ٽيسوري نظر نه ايندو.
__________________
نصراللہ جمالي صحافي آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



