Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

دِيدي شوڀا مالھي چندناڻي: هِند ۾ سِنڌ جي سفير

دِيدي شوڀا مالهي چندناڻي ڀلي سنڌ نہ ڏٺي هجي پر هُوءَ سنڌ جي جلاوطن سپوت  دادا گوبند مالهيءَ جي باغ  جي ڦلواڙيءَ  جو گُل آهي جيڪو اڄ بہ هند ۾ سنڌ جي خوشبو ڏيئي ٿو.

ذوالفقار ناصر ساريو  

هند جي سنڌي ليکڪا شوڀا مالهي چندناڻي هند ۾ سنڌ جي سفير آهي، جيڪا  هڪ صدي اڳ  5 آگسٽ  1921ع  تي سنڌ جي ساهتي شهر ٺارو شاھ ۾ جنم وٺندڙ  دادا گوبند مالهيءَ جي اکين جو خواب ۽  سنڌ جو تسلسل آهي.

دادا گوبند مالهي  سنڌ جو سچو سپوت ۽ هڪ سچو ڪامريڊ هو.  ٻوليءَ سان ايترو پيار جو گلن جي هٻڪار واسيل لفظن جون مالهائون پوئيندو، سنڌ ساهت جي لائبريري جي شيلف ۾ سجائيندو ويو. 26 سنڌي ناول، 8  ناول ترجمو، 4 ڪهاڻين جا ڪتاب، 3 ڊراما ڪهاڻيون، 1 سفر نامو، 1 مضمون نگاري، 5 جلد جنم ڪهاڻي  ۽ 1 ڪتاب انگريزيءَ ۾ سندس نالي سان جڙيل آهن.

دادا گوبند مالهي  ٺارو شاھ کان ڪراچيءَ پهچي  ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، گوبند پنجابي ۽  ٻين سنگتين سان پَچي رَچي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ  جو بنياد وڌو. سنڌ وطن جي وڇوڙي کان پوءِ بہ،  اکل ڀارت  سنڌي ٻولي  ۽ ساهت سڀا  واري سنگت جوڙي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان جڙيل رهيو. گوبند مالهي ناٽڪ نويسي سان گڏ هدايت ڪاري بہ ڪئي ۽  پوءِ هڪ سنڌي فلم”سنڌوءَ جي ڪناري” پڻ سينيما جي اسڪرين تي آندي  ۽ پوءِ انهيءَ سنڌ ۽  سنڌوءَ کي ڏسڻ لاء 1989ع ۾  سنڌ ياترا بہ ڪئي. 80 سالن جي من جو سِڪون، سنڌ، ساهت،  محنت، محبت،  بند اکين جي اڱڻ تي سجائي 2001ع  ۾ ديهانت ڪري ويو.

انهن سجايل سپنن جي ڀريل الماڙيءَ جي چاٻي  ڌيءَ راڻي شوڀا مالهي چندناڻيءَ جي هٿن ۾ ڏئي ويو آهي .شوڀا مالهي چندناڻي، سنڌي ٻوليءَ جي شاعرا ۽ ڪهاڻيڪار آهي. سندس جنم  20 مارچ 1951ع  تي ٿيو ۽ پوءِ بابا  شري گوبند مالهي جي ساهتيا لائبريري هٿن سان سنڀاليندي، انڊين ريلوي سروس ۾ ڊپٽي چيف پرسونل آفيسر چرچ گيٽ  مان نڪري  مالهي ڪلچرل اڪيڊميءَ جي گيٽ سنڀالي ورتي آهي. هُوءَ هن اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري آهي. دادا گوبند مالهيءَ جي وکريل موتين کي پوئي هڪ مالها ۾  لفظن ۽ آوازن سان لوڪ اڳيان رکيو اٿائين.  

ديدي شوڀا مالهي سنڌ کان هند واري جلاوطن ڪهول جو تسلسل آهي. هن بہ ساهت کي ساھ سان سانڍي رکيو آهي.  2010ع ۾ ويسٽرن ريلوي سنڌي سڀا پاران نڪرندڙ رسالي “هلچل” جي ايڊيٽر بہ رهي آهي. ڪلاڪارا  ڀڳونتي ناواڻي ٽرسٽ جي صدر پڻ آهي. هند جي مها سنڌي ڪلاڪارا ڀڳونتي ناواڻيءَ کي دادا گوبند مالهيءَ جڳ اڳيان جرڪايو هو. 

شوڀا مالهي ممبئي، پونا، بڙودا، دهلي، لکنو، احمد آباد سان گڏ هانگ ڪانگ ۾ 2012ع  ۾ بہ پروگرام آرگنائيز ڪري چڪي آهي . هر سال سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌي اديبن ۽ ڪلاڪارن سان  گڏجي اتساهيندڙ ڪردار ادا ڪندي رهي آهي،  پر پاڻ بہ هن ويل تائين هڪ شاعري جو ڪتاب  “مدهوشي” 2024ع  ۽ ٽي ڪهاڻين جا ڪتاب، “ٺونٺ تي ڳڙ ”  2019ع،  “ڪيچ اٽ ” 2021ع  ۽ تازوئي ڪتاب ”جيڪي ڏٺو سو مون“  2026ع  ۾  سنڌي ساهت ۾ شامل ڪيو آهي .

ڪهاڻين جي ڪتاب “ٺونٺ تي ڳڙ” کي سنڌي ڊپارٽمينٽ آف ممبئي يونيورسٽي پاران ايم اي جي سنڌي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي  جيڪا سندس مڃتا آهي ۽ انهيءَ سان گڏ  “ڪيچ اٽ” ڪتاب کي 2023ع ۾ مهاراشٽريہ راجيہ ساهتيہ اڪيڊمي ايوارڊ ( 50 هزار ڪيش پرائيز ) پڻ ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌي سان گڏ ديوناگري لکت ۾ پڻ آهن ۽ ڪيچ اٽ  Catch It  جو انگريزي ترجمو پڻ ٿيل آهي  .

آگسٽ 2026ع  ۾  شوڀا مالهيءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب “جيڪي ڏٺو سو مون ”  ممبئي جي سنڌي ساهتيا کي مليو.  هي مهورتي گڏجاڻي  مالهي ڪلچرل اڪيڊمي  ۽  مها راشٽريہ  راجيہ سنڌي  ساهتيہ اڪيڊمي،  سنڌي ڪوي سميلين  تحت  رٿي وئي هئي .  9 آگسٽ  2026ع  ۾  ناگپور جي هال ۾ سُرن جي ورکا پڻ ڪئي وئي ھئي  .

ڪھاڻين جي ڪتاب “ٺونٺ تي ڳڙ”  تي ليکڪا سانئڻ مايا راهي  ويچار ونڊيندي لکي ٿي تہ،”هي ڪهاڻيون، ڪلپنا جا پر پکيڙي هوا ۾ اڏامندي، سپنن جي سنسار ۾ کوهيل ناهن، پر حقيقت جي اصلوڪين گهٽنائن سان جڙيل، تنهنجيون منهنجيون، هِن هُن جون ڏٺل ٻڌل پڙھيل ۽ آزمودن مان پرکيل آهن، جي پاڻ ئي سچائي سان پنهنجي اصليت جو اعلان ٿيون ڪن. هاڻ ڏسو  سنگرھ جي عنوان

“ٺونٺ تي ڳڙ ”  ڪهاڻيءَ کي، اها ڪهاڻي مجموعي جي اهم ڪهاڻي آهي، اهو چوڻ ۾ ڪو وڌا۽ُ ڪونہ ٿيندو. ڪهاڻي پوري پڙهي، وات مان ازخود نڪري ويو  “واھ شوڀا واھ، تو سچ پچ داد لهڻو  .”

تازو ڇپيل ڪهاڻين جي ڪتاب “جيڪي ڏٺو سو مون” تي ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر ونود آسوداڻي  لکي ٿو تہ، “ڪهاڻي ادب جي اهم صنف آهي،  ان ڪري ڪهاڻيءَ جا ادبي ماڻ ماپا ٿين ٿا. ڪهاڻيءَ جون پنهنجيون تقاضائون آهن. ڪهاڻيءَ جي ڪاميابي ان ڳالھ ۾ آهي تہ پڙهندڙ ڪهاڻيءَ جي احساس کان متاثر ٿين  ۽ هو ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ اهو سوچڻ تي پڻ آماده ٿين، ان ڏس ۾ شوڀا جون ڪهاڻيون ادبي ڪسوٽيءَ تي کڙيون اٿن ٿيون  .”

ديدي شوڀا نثر سان گڏ نظم بہ سرجيا آهن. شاعري جي ڪتاب “مدهوشي”  ۾ بہ پنهنجا گيت رچايا آهن  .

    اَچُ دل بهلايون                    

اَچُ اڄ ٿوري دل بهلايون،                  

غم وساري خوشي ملهايون  .            

سردي ، خزان ، بهار  گرمي،                   

هر مند کي بسنت بڻايون .

خواب گهڻائي  رهيا اڌورا ،                    

خواب  خوابن ۾ ماڻيون.                  

سڀاڻي جو ناهي ڀروسو،                    

هر پل کي تہ سوغات ڄاڻون .

   ____

      سنڌ   

سنڌ مون توکي ڏٺو نہ آهي،           

پر مونکي تو لاءِ ڇڪ آهي   .

سنڌ، مون دادا جي زباني،               

تو بابت گهڻو ٻڌو آهي .

صوفين، سنتن درويشن جي،         

شاهاڻي   صوفي   سنڌ   آهي  .        

شاھ، سچل، سامي، بيوس جي،       

سھڻي   مٺڙي    سنڌ    آهي .

منهنجا وڏڙا  ۽ بڻ بنياد،             

سنڌ  ۾   ئي جنميو  آهي  .        

تون سنڌ  ۽ مان سنڌي آهيان،          

اسان وچ  ۾ پڪي ڳنڍ آهي .

منهنجي رڳن ۾ وهي سنڌو،             

اسان  جو  ناتو  اٽوٽ  آهي .

دِيدي شوڀا مالهي چندناڻي ڀلي سنڌ نہ ڏٺي هجي پر هُوءَ سنڌ جي جلاوطن سپوت  دادا گوبند مالهيءَ جي باغ  جي ڦلواڙيءَ  جو گُل آهي جيڪو اڄ بہ هند ۾ سنڌ جي خوشبو ڏيئي ٿو.

________ 

Zulfiqar Nasir Sario-The AsiaN

ذوالفقار ناصر ساريو، حيدرآباد  

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button