شاگردياڻين جي خودڪشي يا قتل؟ تعليمي ادارن جي استادن ۽ انتظاميا تي اُٿاريل سوال
اڄ سنڌ جي ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ صورتحال ابتڙ ٿي چڪي آهي. ادارن جا سربراهه شاگردن جو تحفظ ۽ رهنمائي ڪرڻ بدران، پنهنجي ذاتي انا، طاقت ۽ اثر قائم رکڻ لاءِ شاگردن، خاص طور شاگردياڻين جو استحصال ڪن ٿا.
آخر ڪيستائين سنڌ جون نياڻيون انصاف حاصل ڪرڻ لاء مرنديون رهنديون ۽ آخرڪار ڪيستائين سنڌ شرمندہ رهندي.

ليکڪا انيتا پنجاني
فهميده لغاريءَ جي موت سموري سنڌ جي شعور کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. هن واقعي خلاف احتجاج ڪيا ويا، هر اخبار ۽ سوشل ميڊيا تي هڪ ئي آواز گونجي رهيو آهي: فهميده لغاريءَ جي ڏوھارين کي گرفتار ڪيو وڃي، جن کيس خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ کين سزا ڏئي فهميده کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.
پر افسوس، ڪجهه ڏينهن يا هفتن کان پوءِ اهي مطالبا ۽ خبرون ميڊيا مان غائب ٿي وينديون، ۽ فهميده به وساري ويندي. حقيقت اها آهي ته اهڙا واقعا مختلف يونيورسٽين ۽ گرلز ڪاليجن ۾ ٿيندا رهن ٿا، پر ٿورا ئي منظرعام تي ايندا آهن. جڏهن ڪنهن جي وارثن لاءِ اهو ظلم برداشت کان ٻاهر ٿي وڃي ٿو ته اهي انصاف لاءِ آواز اٿارين ٿا.
استادن ھٿان شاگردياڻين کي هراسائڻ جا واقعا وڌندا پيا وڃن. گهڻو ڪري تعليمي ادارن جي انتظاميا به انهن سان شامل هوندي آهي. فهميده لغاريءَ جي ڪيس ۾ ٻه ڳالهيون چٽيءَ طرح سامهون آيون آهن، جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.
پهريون، فهميده، جيڪا پوزيشن هولڊر شاگردياڻي هئي، ان کان هڪ پروفيسر 50 هزار رپين جي رشوت گھري، ۽ ڌمڪي ڏني وئي ته جيڪڏهن پئسا نه ڏنا ويا ته کيس سٺيون مارڪون نه ڏنيون وينديون. جڏهن فهميده جي والد ان ڳالهه جي شڪايت وائيس چانسلر ۽ پرنسپال وٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ان کي نظرانداز ڪيو ويو. پوءِ به هن پرنسپال جي زال، فرزانه، جيڪا پاڻ به پروفيسر هئي، سان ڳالهه ڪئي ته ان جو نتيجو ابتو نڪتو.
ٻئي ڏينهن ڪجهه شاگردن، جيڪي انهيءَ پروفيسر سان گڏ هراسان ڪرڻ ۾ شامل هئا، فهميده کي ڪلاس ۾ بند ڪري وڌيڪ هراسان ڪيو. مسلسل ذهني اذيت سبب، ۽ ڪنهن به قسم جي مدد يا انصاف نه ملڻ ڪري، فهميده آخرڪار همت هاري ويٺي ۽ پنهنجي زندگيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
هاڻي سوال اهو آهي: ڇا هن واقعي کي سادي خودڪشي چيو وڃي يا هڪ باصلاحيت شاگردياڻي جو پنهنجي ئي يونيورسٽيءَ جي استاد ۽ انتظاميا هٿان ٿيل قتل؟
هراسان ڪرڻ، چاهي اهو لفظن ذريعي هجي يا اشارن ذريعي، هڪ اهڙو زهر آهي، جنهن جي ذهني تڪليف جو اندازو صرف اهو ئي لڳائي سگهي ٿو جيڪو ان مان گذري. اهو ثابت ڪرڻ به نهايت مشڪل هوندو آهي. مردن لاءِ اهو پنهنجي طاقت ۽ مردانگي ڏيکارڻ جو هڪ نهايت ئي بيهوده ۽ شرمناڪ طريقو بڻجي ويو آهي. هاڻي ته حالت ايتري خراب ٿي وئي آهي جو لڄ لُٽڻ جهڙا گنڀير ڏوهه به تعليمي ادارن ۾ وڌي رهيا آهن، ۽ اڪثر اهڙن ڪيسن ۾ انتظاميا يا ته شامل هوندي آهي يا مجرمن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته جيئن پنهنجي ساک برقرار رکي سگهي.
فهميده جي ڪيس ۾ رشوت ۽ هراساني—ٻئي ڏوهه واضح طور موجود آهن.
نائله رند کي به هراساني ۽ زيادتي بعد خودڪشيءَ تي مجبور ڪيو ويو. نمرتا جي ڪيس ۾ به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي، پر ثبوتن باوجود فيصلو عدالتن جي فائيلن ۾ قيد ٿي ويو، ۽ هن ڪيس کي خودڪشيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نوشين جو ڪيس به نمرتا جيان هو، جتي فرانزڪ رپورٽن ۾ ساڳيا ثبوت مليا، پر اهو به دٻائي ڇڏيو ويو.
اهڙا ڪيترائي نالا آهن—۽ بي شمار بي نام ڇوڪريون—جيڪي بدنامي ۽ عزت جي نالي تي مڙهيل سماجي دٻاءَ سبب خاموشيءَ سان مرنديون رهيون آهن.
تعليمي ادارا نوجوانن جي شعور جي اوسر جا مرڪز هوندا آهن، جتي شاگرد نه صرف علم ۽ هنر حاصل ڪندا آهن، پر اخلاقي تربيت به وٺندا آهن. اتي ئي هو پاڻ کي سڃاڻڻ، گڏجي ڪم ڪرڻ، خواب ڏسڻ ۽ انهن کي حقيقت بڻائڻ سکندا آهن. ان دور ۾ استاد سندن هيرو هوندا آهن.
پر اڄ سنڌ جي ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ صورتحال ابتڙ ٿي چڪي آهي. ادارن جا سربراهه شاگردن جو تحفظ ۽ رهنمائي ڪرڻ بدران، پنهنجي ذاتي انا، طاقت ۽ اثر قائم رکڻ لاءِ شاگردن، خاص طور شاگردياڻين جو استحصال ڪن ٿا.
اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو نوڪريون ميرٽ بدران رشوت ۽ سفارش تي ڏنيون وڃن ٿيون. جڏهن ڪو ماڻهو پئسا ڏئي نوڪري وٺي ٿو، ته هو استاد نه رهندو آهي، پر پنهنجي لڳايل سيڙپ کي منافعي سميت واپس ڪرڻ واري مشين بڻجي ويندو آهي. ان جو سڀ کان وڏو شڪار ڪمزور طبقو، شاگردياڻيون بڻجن ٿيون.
ان سڄي عمل کي اسان جو پدرشاهي سماج ۽ ناانصافي تي ٻڌل نظام وڌيڪ طاقت ڏئي ٿو.
فهميده لغاري، جنهن هڪ خوبصورت خواب سان ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هئي ته هوءَ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر بڻبي، هوءَ نه صرف پنهنجي لاءِ، پر سماج لاءِ به هڪ قيمتي اثاثو ٿي سگهي ها. پر سندس خواب ڀورا ڀور ويو. اهڙا ئي ڪيترائي خواب نائله، نمرتا، نوشين ۽ ٻين جي قبرن ۾ دفن ٿي چڪا آهن.
هتي هڪ اهم سوال اڀري ٿو: شاگرد يونينون ڇو بحال نٿيون ڪيون وڃن؟
ڇا ان ڪري ته شاگرد پنهنجي حقن لاءِ آواز نه اٿارين؟
ڇا ان ڪري ته شاگردن ۾ اتحاد ۽ شعور پيدا نه ٿئي؟
ڇا ان ڪري ته نئين قيادت اڀري نه اچي؟
شاگرد يونينون بحال ٿينديون ته تعليمي ادارن ۾ انتظاميا ۽ استادن جي بيجا حڪمراني کي چئلينج ملندو.
آخر ڪيستائين سنڌ جون نياڻيون انصاف حاصل ڪرڻ لاء مرنديون رهنديون ۽ آخرڪار ڪيستائين سنڌ شرمندہ رهندي.
______________

انيتا پنجاڻي سنڌو واس فائونڊيشن جي چيئرپرسن، ۽ وومن ايڪشن فورم ڪراچي چييپٽر جي ميمبر آهي. ھُوءَ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي خواتين شاخ جي جنرل سيڪريٽري رهي چڪي آهي.



