Editor's pickMain Slideڪالم

مصر جو مذھب: موت، ابديت ۽ انساني تمنا جو آئينو

مصري مذھب رڳو ديوتائن جي پوڄا تائين محدود نہ هو، پر ان جو بنياد انساني عملن جي اخلاقي پرک تي بہ هو.

سندن مذھب ۾ هڪ مضبوط اخلاقي فلسفو سمايل هو: دائمي زندگي ان کي ملندي جنهن سچ ۽ نيڪي کي پنهنجو شعار بڻايو ھجي

رشيد احمد خاصخيلي

تاريخ انسان جي ذهن جو اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ فڪر، عقيدن ۽ عملن جا هزارين رنگ نظر اچن ٿا. جڏهن اسان مصر جي قديم تهذيب ڏانهن نظر ڦيرايون ٿا تہ اسان کي انسان جي ان فڪري جستجو جو عڪس ملي ٿو، جيڪا سدائين زندگي ۽ موت جي راز کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. مصر جي مذھب جي سڀ کان ڌيان جوڳي ڳالھ اها آھي تہ، اها زندگيءَ کي موت کان پوءِ واري سفر سان ڳنڍي ٿي. مصري سمجهندا هئا تہ موت رڳو ڪنھن جو ختم ٿيڻ نہ آهي، پر هڪ اهڙي رستي کان گذرڻ آهي جنهن کان پوءِ روح ٻيهر نئين شڪل ۾ جاڳي جيئرو ٿيندو. هي تصور ھنن لاءِ رڳو هڪ فلسفي خيال نہ پر هڪ جيئرو جاڳندڙ عقيدو هو، جنهن سندن سماجي، اخلاقي ۽ سياسي زندگي کي بہ گھڻو متاثر ڪيو.

ڀلي تہ مصرين جا دليل سادا ھُئا پر اُھو گمان ناھي تہ ڪو اُھي باريڪ نہ ھُئا: جيئن سرءُ ۾ وڻ پن ڇڏي ڏين ٿا، زمين  سڪي وڃي ٿي، ۽ پوءِ بهار ۾ وري گل ڦٽي اُسرن ٿا، تيئن انسان جي موت کان پوءِ بہ ٻيهر زندگي ممڪن آهي.(جيئن تقريبن مذھبن ۾ زندگي جو وري ورڻ ڏيکاريل آھي) اهو دليل ھنن جي فڪر جو بنياد بڻجي ويو. مصري ماڻھن جي سوچ سوچ جي پرک ڪجي تہ معلوم ٿيندو زندگيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو روح جي اڏام ڪافي نہ هئي؛ جسم کي بہ محفوظ رکڻ ضروري هو. ان ئي سوچ مان انساني لاشن کي موميائي بڻائڻ جو فن بہ اڀريو، جيڪو انساني تاريخ جو هڪ  عجيب ۽ باريڪي فن آهي. مصرين جي خيال ۾ جيڪڏهن جسم کي سنڀاليو نہ ويو تہ روح لاءِ واپس اچڻ جو گهر ئي مسمار ٿي ويندو. ان ڪري مقبرا تعمير ٿيا، جن ۾ بادشاهن جا موميائي ٿيل جسد رکيا ويا، ۽ اهي مقبرا محض قبرون نہ پر اميدن ۽ ابديت جا محل بڻجي ويا. فن تعمير بہ مصر جي مذھب سان ڳنڍيل رهيو. پيرامڊن جي عظمت صرف شاهوڪار بادشاهتن جو ڏيک نہ آهي، پر اها مذھبي عقيدن جي جڙاءُ جو ثبوت بہ آهي. هر پيرامڊ هڪ مقبرو آھي جنهن ۾ بادشاھ، سندن خاندان وغيره جا موميائي جسم رکيل مليا آھن_ انھن ئي پيرامڊن جي ڀتين تي لکيل تحريرون ۽ تصويرون روح کي موت کان پوءِ جي سفر ۾ مدد ڏيڻ لاءِ لکيل آھن. هي سڀ ڪجھ  ظاهر ڪري ٿو تہ مصر جي مذھب ۾ موت ۽ ابديت رڳو هڪ تصور نہ پر هڪ مڪمل نظام حيات (زندگي) بہ هو.

مصري مذھب جو وڏو نڪتو اهو هو تہ ابديت ڪنهن جي خواهش سان نہ پر چڱي چال سان نصيب ٿيندي. اوسيرس، جيڪو مئلن جو بادشاھ ۽ هيٺين دنيا جو حاڪم آھي اهو فيصلو ڪندو  تہ ڪنھن انصاف ڀري زندگي گذاري ۽ ڪنھن نہ.  بادشاھت واري زماني ۾ لکيل ”مئلن جي ڪتاب“ نالي ھڪ مجموعي ۾ ھڪ مئل جو روح اوسريس کي چئي ٿو:

”مان حاضر آھيان، مان تو وٽ آيو آھيان، مان مان تو وٽ کڻي آيو آھيان صالح عمل ۽ گنھاھن کي روڪي آيو آھيان. مان اُھو ناھيان جنھن ماڻھن تي ظلم ڪيا ھُجن، مان اُھو ناھيان جنھن پنھنجا مائٽ ڪُٺا ھجن، مان اُھو ناھيان جنھن سچ بدران ڪوڙ ڳالھايا ھجن، مون کي نمڪ حراميءِ جي خبر نہ آھي، مان اُھو ناھيان جنھن خرابي ڪئي ھجي.“

مٿيان جملا  واضح ڪن ٿا تہ مصري مذھب رڳو ديوتائن جي پوڄا تائين محدود نہ هو، پر ان جو بنياد انساني عملن جي اخلاقي پرک تي بہ هو. اهڙيءَ طرح سندن مذھب ۾ هڪ مضبوط اخلاقي فلسفو سمايل هو: دائمي زندگي ان کي ملندي جنهن سچ ۽ نيڪي کي پنهنجو شعار بڻايو ھجي. مصري گهڻ ديوتا پرستيءَ ۾ يقين رکندڙ هئا. هر ديوتا ڪنهن قوت يا ڪائناتي اصول جي نمائندگي ڪندڙ هو. آمنڊرا، سج جو ديوتا، سندن لاءِ روشني ۽ توانائيءَ جو سرچشمو هو، جڏهن تہ اوسيرس موت کان پوءِ واري دنيا جو مالڪ هو. اهي ديوتا ۽ ديويون انساني جسمن ۽ حيواني مٿن جي گڏيل صورتن ۾ پيش ڪيا ويندا هئا، شايد انهيءَ لاءِ تہ انسان ۽ فطرت جي لاڳاپي کي ظاهر ڪري سگهجي. ڪجھ جانور، جهڙوڪ ڳئون، واڳو ۽ نانگ، سندن مذھبي نظام ۾ مقدس حيثيت رکندڙ هئا. اهو گھڻ ديوتائي تصور سندن تهذيب ۽ مذھب جو بنيادي جز هو، جنهن ذريعي هو فطرت جي هر پهلو کي ڪنهن نہ ڪنهن مقدس قوت سان ڳنڍي ڏسندا هئا.

پر هن گهڻ ديوتا پرستي جي وچ ۾ هڪ اهڙو دور بہ آيو جڏهن اخناتون،  (1379 کان 1362 ق.م) تائين فرعون رهيو، تاريخ جا ورق ٻڌائين ٿا تہ ھن غيرمعمولي تبديلي آندي. هن اعلان ڪيو تہ سڀني قوتن کان مٿاهون رڳو هڪ ئي آهي، ۽ اهو آهي سج ( آتن ديوتا). هن ٻين سڀني ديوتائن جي پوڄا بند ڪرائي ڇڏي ۽ آتن کي يڪتائيءَ جو مرڪز بڻايائين. ظاهري طور تہ اها وحدانيت ڏانهن هڪ ھڪ وک لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ اها وحدانيت مڪمل نہ هئي، ڇو تہ اها وحدانيت روحاني سربلنديءَ جي بجاءِ هڪ ديوتا کي ٻين کان مٿاهون بڻائڻ جي ڪوشش هئي. اخناتون جي حڪمن جي ھلندي_  پروهتن جي طاقت گهٽجڻ لڳي، پر اهي پروهت ماڻهن جي خوفن کي ڀڙڪائي، کين قائل ڪري ويا تہ جيڪڏهن ٻين ديوتائن کي ڇڏي ڏنو  تہ انهن جو قهر مٿان نازل ٿيندو. جيستائين اخناتون جيئرو رهيو، تہ ھن جا حڪم ذبدستيءَ  سان قبوليا ويا، پر سندس موت سان ئي اهو نظام ٽڪرا ٿي ويو. مصر جا ماڻهو ھڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پراڻي گهڻ ديوتا پرستي ڏانهن موٽي آيا. اخناتون جي ڪوششن تي تاريخ ۾  ڪيترائي اختلاف آهن؛ ڪن جو  چوڻ آ  تہ ” هن واقعي وحدانيت قائم ڪرڻ گھري“ تہ ڪي چون ٿا تہ هن رڳو آتن ديوتا، جي حيثيت کي بلند ڪرڻ گھريو پر حقيقت اها آهي تہ ھن  جي ڪوشش ناڪام ٿي، ڇاڪاڻ تہ مذهب  مڙهي نہ ٿو سگھجي.  سبب تہ مذهب دل ۽ روح جي ڳالھ آهي، ۽ اها تڏهن ئي مقبول ٿئي ٿي جڏهن ماڻهو ان کي دل سان مڃين_ مذهب انسان جي فطرت سان ڳنڍيل رھيو آھي. موت هڪ اهڙو سوال آهي جنهن کي هر تهذيب پنهنجي طريقي سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مصرين هن سوال جو جواب اميد ۾ ڏنو. انهن لاءِ موت ختم ٿيڻ نہ هو پر نئين زندگيءَ جو آغاز هو. پر اها زندگي رڳو انهن کي ملي سگھندي، جيڪي سچائي، انصاف ۽ نيڪيءَ سان پنهنجو سفر طئي ڪندا. هي فڪر بعد ۾ ٻين مذهبن ۾ بہ نئين صورت ۾ سامهون آيو. مصر جي مذھب ۾ جيڪو فڪر ۽ گھرائي آهي، اها دراصل انسان جي ابدي تمنا جو اظهار آهي. انسان سدائين دائميت چاهي ٿو. هي مرڻ کان پوءِ بہ جيئري رهڻ جي آرزو رکي ٿو. موميائي، مقبرا، ديوتا، اخناتون جا سڌارا—اهي سڀ تاريخ جا رڳو پنا ئي نہ آهن، پر انسان جي سوچ جي ارتقا جا نشان بہ آهن. جيڪي ٻڌائن ٿا تہ انسان جي دل ۾ جيڪا تمنا آهي، اها هميشہ لاءِ هڪ ئي رهي آهي: يعني موت کان پوءِ جي اميد ۽ ابديت جو خواب…

______________

رشيد احمد خاصخيلي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڄامشوري سنڌ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button