Editor's pickMain Slideدنياڪالم

ڇا هاڻي آمريڪا دنيا کي پنهنجي فوجي طاقت سان ڪنٽرول ڪندو؟

آمريڪا ڪنھن نہ ڪنھن بھاني مختلف ملڪن تي فوجي چڙھايون ڪندو رھيو آھي پر وئنزويلا واري جارحيت سڀني کان مختلف آھي. ويجھي ماضيءَ  ۾ آمريڪا ايراق ، لبيا، يمن، سوماليا، سوڊان، سيريا، ايران ۽ افغانستان خلاف ڪاروايون ڪيون.

هن عمل سان آمريڪا جو دنيا ۾ وقار هاڻي ختم ٿي ويو آهي. آمريڪا وٽ ھاڻي فوجي طاقت جي استعمال کانسواءِ باقي ڪجھ ناھي رھيو

هن وقت آمريڪا کي اھو تيزي سان محسوس ٿي رهيو آهي ته دنيا مٿان سندس معاشي دبدٻو ڪمزور ٿي رهيو آهي۔  چين ھن وقت پنهنجي معاشي اثر ذريعي آمريڪا جي لٺ سرداريءَ کي ڪمزور ڪري رهيو آهي ۽ چين دنيا ۾ اڀرندڙ معاشي قوت ٿي ڪري سامھون آيو آهي.

ڊاڪٽر شھبان سھتو

وئنزولا جي صدر ميڊورا جي خلاف رات جي پيٽ ۾ آمريڪي فوجي ڪاروائي ۽ حملو ڪري واشنگٽن کڻي وڃڻ پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ آمريڪا جي اهڙي فوجي ڪاروائي دنيا جي پوري عالمي نظام کي ڌوڏي ڇڏڻ جي برابر آهي۔ آمريڪا ملڪ دنيا ۾ هڪ وڏو طاقتور ملڪ سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو پاڻ ھن موجوده عالمي نظام جو بانيڪا رهيو آهي. ھن ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ بين الاقوامي ادارو ٺاهيو ۽ دنيا ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ پوري دنيا جي اھم قوتن کي ملايو تہ جيئن دنيا ۾ ملڪن جي اختلافن کي  پرامن ذريعي حل ڪري سگھجي۔ پھرين مھاڀاري جنگ جي خاتمي کان پوءِ ان وقت جي آمريڪي صدر ووڊرو ولسن جنھن پندره نقاطي ايجنڊا ڏنو جيڪو دنيا جي اندر امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي نظرئي تي ٻڌل هو۔ آمريڪا جي صدر ووڊروولسن جي خيال جي بنياد تي دنيا ۾ 1919ع ۾ پهريون عالمي ادارو ليگ آف نيشن وجود ۾ آيو۔  جيتوڻيڪ ان پھرين بين الاقوامي اداري ڪي خاطرخواه نتيجا ڪونہ ڏنا هئا جنھن مقصد لاءِ ھي ادارر جوڙيو ويو ھو. ان جا ڪي اھم ڪارڻ ھئا جن مان ھڪ تہ آمريڪا پاڻ ان جي ميمبر طور شامل ڪونہ ٿي سگهيو۔ ان عالمي اداري جا مقصد ھئا دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ، دنيا کي معاشي استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ دنيا ۾ ملڪي اختلافن کي گڏيل نموني ڳالھين سان حل ڪرڻ. انهن مان اھم نقطو ته اھو بہ ھو تہ پوري دنيا مان يورپي ملڪن جي بيٺڪيت جو خاتمو آڻجي. ولسن جي مسودي تي ان وقت جي آمريڪي ڪانگريس ان عالمي تنظيم جو ميمبر ٿيڻ تي ئي اعتراض واري ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو آمريڪا پاڻ کي دنيا ۽ يورپ جي مسئلن کان دور رھڻ کي ترجيح ڏني. ٺيڪ ويھن سالن جي عرصي گذرڻ کانپوءِ يورپي ملڪن جي وچ ۾ ٻي عالمي جنگ ڇڙي پئي جو يورپي ملڪن تي اڃان جنگ جو ڀُوت سوار ھو جيڪو ان جنگ جي ذريعي مڪمل تباھيءَ کانپوءِ ئي ختم ٿيو. 1944ع ۾ ان عالمي جنگ جو خاتمو ٿيو ۽ آمريڪا آخر ۾ جنگ ۾ ٽِپ ڏئي پاڻ عالمي سرمائيداريءَ جي اڳواڻي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ان وقت جيڪي طاقتور ملڪ ھئا يعني روس، انگلنڊ۽ فرانس، انھن سان ملي ڪري بين الاقوامي ادارو اقوام متحدہ ٺاھيو. انھيءَ اداري جو اھم مقصد ھو تہ دنيا اندر امن قائم ڪجي، دنيا مان بيٺڪيت جو خاتموٿئي ۽ ملڪن جي خُودمختياريءَ جي عزت ۽ احترام برپا ڪجي، جيئن ڪنھن بہ قسم جي جارحيت روڪي سگھجي. ان ادري جي ڪري دنيا اندرعالمي برادريءَ وارو نظريو وجود ۾ آيو.

ھثرادو ذھانت سان ٺاھيل تصوير

دنيا اندر هن وقت تائين آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن، جيڪي سرمائيدار نظام جا بانيڪارآهن، دنيا اندر هميشه جمهوريت، انساني حقن، عالمي سطح تي ھر قسم جي سياسي ۽ معاشي تعاون  جي واڌ ويجھ لاءِ ادارن جي تشڪيل پئي ڪئي آھي.  دنيا ۾ ملڪن جي خُودمختياري قائم  رکڻ لاءِ 1957ع ۾ آئزن ھاور جي مشھور نظرئي موجب دنيا جي ملڪن کي ڪنھن ٻہ قسم جي جارحيت جي خلاف فوجي مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي تہ جنھن بہ ملڪ تي ڪميونسڙ روس ڪا اڳرائي ڪندو تہ آمريڪا ان کي فوجي مدد فراھم ڪندو. يونائيٽيڊ نيشنس جو بنيادي مقصد به اهو هو ته دنيا ۾ قومون ۽ ملڪ عالمي امن ۽ ڀائيچاري تحت گڏجي ڪم ڪن  ۽ دنيا ۾ جمهوريت جي اصول تحت حڪومتون قائم رهن ۽ ساڳئي وقت قومون پنهنجي آزاد معاشي پاليسيون ٺاهن ته جيئن دنيا مان غربت جو خاتمو ٿئي ۽ عام اساني بھبود ممڪن ٿي سگهي۔ انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاء عالمي ادارا جوڙيا ويا هئا ۔ انهن مقصدن جي حصول لاءِ چئي سگهجي ٿو ته گهڻي قدر ڪاميابي ملي. جيتوڻيڪ دنيا مان جنگين جو مڪمل خاتمو ته ڪونہ ٿيو پر عالمي جنگين ۽ وڏين تباهين کان دنيا جي امن امان کي تقويت ملي۔ دنيا  اندر گلوبل معاشي سرشتوقائم ٿيو، دنيا اندر ڀائيچاري واري خيال کي اهميت ملندي رهي تہ جيئن دنيا ۾ عالمي برادريءَ جو نظام قائم ڪجي، جنهن سان دنيا ۾ جنگ ۽ قومن جي اختلافن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ کي ترجيع ملندي رهي۔ ڪجھ اهڙيون شيون هيون جودنيا ۾ امن ۽ ڀائيچارو قائم ٿيڻ جي احساس جنم ورتو۔ اسان اهو به ڏٺوسين ته سرد جنگ جي دوران سرمائيدار ۽ ڪميونسٽ بلاڪ جي ٺهڻ سان دنيا خطرناڪ صورتحال جي باوجود ڪنهن وڏي تباهي ۽ بربادي کان بچي رهي۔

هن وقت آمريڪا اھڙي ڪاروائيءَ ذريعي ھڪ آزاد ملڪ جي مٿان جارحيت ڪري پوري دنيا ۾ قائم نظام کي پٺي ڏني آھي. آمريڪا جيڪو هڪ حوالي سان دنيا ۾ سپر پاور آهي، جنهن جي فوجي قوت جي حوالي سان ان جو ڪو ملڪ مقابلو نٿو ڪري سگهي، ان جو پاڻ اهڙيون ڪاروايون ڪري، انھن بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري دنيا ۾ جارحيت ڪرڻ ھوا ڏئي رھيو آھي. انکان اڳ بہ آمريڪا ڪو نہ ڪو بھانو ڪري فوجي چڙھايون ڪندو رھيو آھي. پر ھي وئنزويلا واري جارحيت سڀني کان مختلف آھي. ويجھي ماضيءَ  ۾ آمريڪا ايراق ، لبيا، يمن، سوماليا، سوڊان، سيريا، ايران ۽ افغانستان خلاف ڪاروايون ڪيون، جن ۾ ناٽو وارن فوجي اتحادين انھن ملڪن اندر عالمي امن کي خطرو ڄاڻائي حملا ڪيا تہ اھي ملڪ خطرناڪ ھٿيار تيار ڪري رھيا آھن جيڪي دنيا جي امن لاءِ خطرو آھن. پر سائوٿ آمريڪا جي ملڪ وئنزويلا جي صدر واري ڪاروائي بنھ مختلف جارحيت آھي.

هن وقت آمريڪا جون اھڙيون فوجي جارحيتون عالمي ادرن جي ساک کي  تمام گھڻو متاثر ڪري رھيون آھن. وئنزويلا جي صدر جي حوالي سان يو اين اي جي سيڪيورٽي ڪائونسل اجلاس ان کي مڪمل جارحيت جو نالو ڏنو آهي ۔ اھو بہ معلوم آهي ته اقوام متحدہ جي فيصلن سان آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي غيراخلاقي عمل تي ڪو اثر ڪونہ پوندو جنھن لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ اھو چوندو رھيو آھي تہ ھي ادارو بلڪل بي مطلب آھي.  ھاڻي اھا ڳالھ مڪمل طرح سان ظاهر ٿئي ٿي تہ دنيا ۾ ڪمزور ملڪن جي سالميت جو احساس ختم ٿي ويندو.

سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته هي سڀ ڪجھ آمريڪا هن وقت ڇو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا اڃان به دنيا ۾ وڏو ملٽري پاور آهي؟  هن وقت آمريڪا کي اھو تيزي سان محسوس ٿي رهيو آهي ته دنيا مٿان سندس معاشي دبدٻو ڪمزور ٿي رهيو آهي۔  چين ھن وقت پنهنجي معاشي اثر ذريعي آمريڪا جي لٺ سرداريءَ کي ڪمزور ڪري رهيو آهي ۽ چين دنيا ۾ اڀرندڙ معاشي قوت ٿي ڪري سامھون آيو آهي. آمريڪا پوري دنيا اندر وسيلن تي ڪنٽرول ڪندو رهيو آهي. آمريڪا جا اتحادي جيڪي ڪنهن وقت آمريڪا جي مڪمل ھٿ هيٺ هوندا هيا، ھاڻي اهي آمريڪا جي ڪنٽرول کان دور ٿيندا وڃن ٿا۔ ھاڻي چين دنيا ۾ بهتر معاشي متبادل ٿي ڪري انھن ملڪن سان آمريڪا کان وڌيڪ لچڪدار ۽ پر اثر معاشي متبادل مھيا ڪري ٿو جنهن سان انهن ملڪن جي معيشت ۾ آزادانه پاليسي ٺاهڻ جو موقعو ملي ٿو. انھن ملڪن جي اندروني سياسي پاليسين ۾ چين ڪا بہ مداخلت نٿو ڪري، ڀلي انھن ملڪن ۾ جمھوريت ھجي يا آمريت.  چائنا جي ڀيٽ ۾ آمريڪا پنھنجي اٽحادي ملڪن جي اندورني سياسي معاملن ۾ تمام غير ضروري حد تائين مداخلٿ ڪندو رھندو ھو. چين انھن ملڪن ۾ صرف ۽ صرف معاشي سيڙپ ڪري پوئتي پيل ملڪن جي انفرااسٽرڪچرکي بھتر ڪرڻ کي ترجيھ ڏئي ٿو۔ ساڳي طرح سان هن وقت سائوٿ آمريڪي ملڪن اندر چين جي معاشي پاليسي ۽ اتان جي ملڪن سان واپار آمريڪان کان وڌي ويو آهي۔ وئنزويلا جو ٨٠ سيڪڙو ريل به چين کي ايڪسپورٽ ٿئي ٿو، ساڳي طرح سان ڪيوبا ، ميڪسيڪو، پاناما،ايڪيوڊر ۽ برازيل به چين سان پنهنجا معاشي لاڳاپا ۽ سيڙپ  وڌائي رھيا آھن. سائوٿ آمريڪا جا ملڪ هڪ ڊگهي عرصي کان آمريڪا جي بيٺڪي پاليسيءَ جي ڪري ڀوڳيندا رهيا آهن۔ آمريڪا جن بہ ملڪن سان معاشي تعلقات رکي ٿو انهن ملڪن جي اندروني سياسي ۽ خارجي پاليسين ۾ بہ مداخلت ڪندو رھيو آھي ۔ اهوئي سبب آهي جو سائوٿ آمريڪا جا ملڪ وڏي عرصي کان آمريڪا جي اثر کان بيزار ٿي پيا ۽ انهن ملڪن جو جهڪاءُ چين طرف ٿيندو وڌيوآهي. هن وقت سائوٿ جا ملڪ آمريڪا جي ڪنٽرول کان نڪري چين جي معاشي بلاڪ ۾ شامل ٿي رھيا آھن۔ هن وقت وئنزويلا سميت برازيل ، ايڪيوڊر پاناما ۽ ڪيوبا آمريڪي ڊالر کي الوداع ڪري چين جي يووان ڪرنسي ۾ تجارت ڪن ٿا جيڪو عمل آمريڪا جي ڊالر کي مڪمل ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي۔ سائوٿ آمريڪا جا ملڪ آمريڪا جا چراگاه ھئس ۽ آمريڪا جي بالادستي انھن تي قائم رھي آھي. ھاڻي جيڪڏهن انھن ملڪن ۾ چين اچي پنهنجو معاشي ڦهلاءُ ڪري ٿو  تہ آمريڪا کان اھو برداشت ڪونہ ٿو ٿئي.

ھن وقت وئنزويلا جي سياسي مستقبل جو ڪو پتو ڪونہ ٿو پوي ته نيٺ هن جو نتيجو ڇا نڪرندو. ھن وقت ته اتي ميڊورا جي ويجهي تعلقات واري عورت اقتدار سنڀاليو آهي ۽ وئنزويلا جو عوام روڊن تي نڪري آمريڪا جي جارحيت خلاف نعرا ھڻي رھيو آھي، جنھن سان معلوم ٿئي ٿو تہ اھو قصو ڊگھو ھلندو ۽ جلدي ڪو نتيجو نڪرڻ مشڪل  آهي. ساڳئي وقت آمريڪا جي صدر اتان جي سڀني ملڪن کي ڌمڪي ڏني آهي ته اھي آمريڪا جي خلاف ڪا اھڙي پاليسي اختيار نہ ڪن نه ته پوءِ باقي ملڪ به آمريڪا جي  وئنزويلا جھڙي ڪاروائيءَ لاءِ تيار رهن۔ هن وقت  يورپ جي ملڪن به آمريڪي جا ڀرجهلا ٿي ڪري وئنزويلا جي ھر قسم جي مالي ڏيتي ليتي روڪي ڇڏي آهي جنهن سان ملڪ جي تيل جي پيداوار ۽ انجي آمدرفت  به مڪمل ختم ڪري ورتي آھي۔ يورپ آمريڪا لاءِ هميشه وانگي خاص ملڪن تي معاشي پابندي لڳائڻ يا تجارتي رڪاوٽ وجھڻ جو ڪم ڪندو آھي ۽ ٻئي طرف آمريڪا پاڻ فوجي اڳرائي ڪري انھن ملڪن خلاف ڪاروائي ڪري انھن کي تباھ ڪندو آھي ته جيئن گهربل سياسي مقصد پورا ڪري سگهي۔ هن وقت آمريڪا جي اهڙي جارحيت جي خلاف سائوٿ آمريڪا جي سڀني ملڪن الڳ الڳ ردعمل ڪرڻ جي بجاءِ ھڪ گڏيل بيان تحت  پنھنجو ردعمل ظاھر ڪيو آھي، ڇاڪاڻ جو آمريڪي جي اھڙي ڪاروائي سڀني ملڪن کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي.

آمريڪا جي اھڙي جارحيت دنيا جي ميڊيا ۾ اهو بعث ڇيڙي ڇڏيو آھي ته ڇا هاڻي چين به تائيوان جي خلاف ڪا اهڙي ڪاروائي ڪري سگھڻ جو جواز رکي ٿو ڇو ته آمريڪا پوري دنيا ۾ اھو تاثر ڏنو آهي ته دنيا ۾ قانون جي ته اھميت ناهي رهي ته پوء چين ڇو نہ تائيوان تي اھڙو حملو ڪري. ان تي  چين  هڪ بيان ۾ اهو واضح ڪيو آهي ته چين ڪجھہ به اهڙو عمل ڪونہ ڪندو جو دنيا جي اندرقانون ۽ اخلاقي عمل جي ڪا حيثيت نہ رهي ۽ دنيا ۾ صرف طاقت جو استعمال ئي رهجي وڃي جنھن سا دنيا جو امن خطري ۾ پئجي وڃي. هن وقت چائنا جي مفاد ۾  به اهو آھي ته هو پنهجي معاشي مفاد کي ترجيح ڏئي ۽ مضبوط ڪري،  بجاءِ جو دنيا ۾ فوجي قوت جو استعمال ڪري . 

هن بحث کان پوءِ ھڪ ڳالھ ته واضع ٿي چڪي آهي ته هن عمل سان آمريڪا جو دنيا ۾ وقار هاڻي ختم ٿي ويو آهي. آمريڪا وٽ ھاڻي فوجي طاقت جي استعمال کانسواءِ باقي ڪجھ ناھي رھيو. آمريڪا جي ان جارحيت سان بين الاقوامي ادارن جي سالميت ۽ ساک کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي۔ ان سان گڏو گڏ  آمريڪا جا جيڪي ملڪ اتحادي ۽ ويجھا رهيا آهن انهن جو اعتماد ڪمزرور ٿي ويندو ۽ هو اڳتي هلي آمريڪا تي ڀاڙڻ بندا ڪندا ويندا ڇاڪاڻ جو آمريڪا پھريان انھن ملڪن کي نشانو بڻائي ٿو جيڪي آمريڪا جي ويجھي تعلق ۾ رھيا ۽ انجا ويجها  دوست ملڪ رھيا آھن. آمريڪا جي لاءِ اھو تہ اھو مشھور رھيو آھي تہ آمريڪا سان دوستيءِ جا فائدا گھٽ ۽ نقصان وڌيڪ ھوندا آھن.  اسان جو ملڪ پاڪستان به وڏي عرصي کان آمريڪا جو اتحادي ۽ دوست ملڪ رھيو آھي جنھن آمريڪا کان وٺي کاڌو آھي ۽ ھن وقت بہ آمريڪا جي دوستي ۽ اتحاد ۾ آھي ۽ ساڳئي وقت ھن جا چين سان بہ قربتون وڌنديون رھن ٿيون جيڪو آمريڪا کي بلڪل پسند ڪونھي.

__________________   

ڊاڪٽر شھبان سھتو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انٽرنيشنل رليشنز شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button