Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

سنڌي ثقافتي ڏھاڙو: سنڌ جي صديون پراڻي ثقافتي مزاحمت جو جديد روپ

هن ڏهاڙي جو بنيادي مقصد آھي سنڌي سڃاڻپ کي گڏيل طور بچائڻ، ۽ نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ، تهذيب، فڪر ۽ علمي ورثي سان ٻيھر ڳنڍڻ

ھيءُ ڏينهن سنڌي ماڻهن لاءِ رُڳو فخر جو اظهار ناهي، پر پنهنجي نسلن لاءِ هڪ اعلان آهي ته ثقافت صرف لباس نه، پر سوچ، اخلاق ۽ رويي جو نالو آهي

دنيا جي ٻين تهذيبي ملڪن وانگر، سنڌ به ھن ثقافتي ڏينهن کي صرف روايتن جي يادگار طور نه، پر مستقبل جي رٿابنديءَ جو حصو بڻائي ملھائي

عرفان سنڌي

ستين ڊسمبر 2009ع اهو ڏينهن هو جڏهن سنڌ جي نوجوانن پهريون ڀيرو پنهنجي ثقافت جي حق ۾ اهڙو آواز اٿاريو، جيڪو پوءِ هر سال ”سنڌي ثقافتي ڏھاڙي“ جي نالي سان هڪ عالمي تحريڪ بڻجي ويو۔ ان ڏينھن تي رڳو اجرڪ پائي شهرن ۾ نڪري اچڻ ئي مقصد نه هو، پر هڪ اهڙي سڃاڻپ جو اعلان ڪرڻ هو جيڪا ڪنهن به پروپيگنڊا، الزام يا سياسي تڪرار کان مٿانهين بيٺل هجي. انهيءَ پهرين ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ستين ڊسمبر جي اهميت سنڌ لاءِ صرف هڪ تاريخ نه، پر هڪ فڪري يادگار بڻجي چڪي آهي. اها يادگار جيڪا ٻڌائي ٿي ته ثقافت جڏهن قوم جي گڏيل شعور ۾ بدلجي وڃي ته پوءِ ڏينهن، مهينا ۽ سال پاڻ تاريخ بڻجي ويندا آهن۔

هاڻي، جڏهن سنڌي ثقافتي ڏھاڙو ستين ڊسمبر تي پنهنجي نئين رنگ ڍنگ سان اچي رهيو آهي، تڏهن اهو سوال وڌيڪ اهم ٿي چڪو آهي ته هيءُ ڏينهن اسان جي سماجي، فڪري ۽ تاريخي وجود ۾ اصل ۾ ڇا معني رکي ٿو، ۽ ايندڙ نسل هن کي ڪهڙي نظر سان ڏسندو؟

سنڌي ثقافتي ڏھاڙوجديد دور جي انهن علامتن مان هڪ آهي، جتي ڪو به جشن رڳو رنگن جي رونق نٿو هجي، پر تاريخ جي ساهه، ماڻهن جي محبت، سڃاڻپ جي سچائي ۽ قومن جي گڏيل شعور جو اظهار بڻجي ميدان ۾ لهندو آهي۔ هن ڏهاڙيءَ جي پويان رڳو هڪ ڏينهن جي خوشي ڪانهي، پر صدين کان آيل سفر، تهذيبن جي ٽڪرائن، زبانن جي وجود لاءِ جدوجهد، ۽ ماڻهن جي پنهنجي ڌرتيءَ سان رشتو نڀائڻ واري ڪوشش بيٺل آهي۔

اڄ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پڇي ته سنڌي ثقافتي ڏھاڙي جي شروعات ڪڏھن کان ۽ ڇو ٿي؟ ڪنهن لاءِ ٿي؟‘ ته ان جو جواب هڪ سادي جملي ۾ نه اچي سگهندو، ڇو ته هي ڏينهن جذبات جو نه پر تاريخ جو نتيجو آهي؛ ۽ تاريخ هميشه مختصر نه پر گهري هوندي آهي۔ سنڌي ڪلچر ڏينھن بنيادي طور تي 7 ڊسمبر 2009ع ۾ ميڊيا ۽ عوام جي گڏيل ردعمل مان جنم ورتو، جڏھن هڪ اردو ٽي وي پروگرام ۾ سنڌي ٽوپيءَ ۽ اجرڪ تي لاپرواهه ۽ تذليل ڪندڙ ڍيڪ ڏنا ويا۔ اهو جملو سنڌ جي ماڻهن لاءِ رڳو تنقيد نه پر سڃاڻپ تي حملو محسوس ٿيو۔ ان ڏينهن کان، سنڌ جي هر ڀاڪر مان هڪ آواز نڪتو ـــ ’’اسان پنهنجي ثقافت تي فخر ڪريون ٿا۔‘ هي آواز ڪنهن جماعت، تنظيم يا حڪومتي شعبي جو ٺاهيل نه هو؛ هي عوامي ردعمل جو سونهن ڀريو نتيجو هو، ۽ بلڪل اهڙو ئي هو جيئن پاڻيءَ تي ڪنڪر پوي ته گهڻيون لھرون پکڙجن ٿيون. سنڌي ڪلچر ڏھاڙي جو حسن اهو آهي ته اها رڳو ’’ثقافتي تقريب‘‘ ناهي، پر هڪ ذميواري، اعلان ۽ عهد آهي۔ اجرڪ ۽ ٽوپي کي جنم ڏيندڙ ڌرتيءَ وٽ ڪيترين ئي قومن جا لشڪر آيا، تهذيبون ڦٽيون، ٻوليون بدلجي ويون، پر سنڌ جي ڌرتي پنهنجي سڃاڻپ جو رنگ نه ڇڏيو۔ موهن جي دڙي کان ميرن جي دور، ٽالپرن کان انگريزن تائين، ۽ جديد پاڪستاني دور تائين ـــ سنڌ هميشه پنهنجي هوند تي قائم رهي۔

ان پسمنظر ۾ سنڌي ڪلچر ڏينھن جو جشن حقيقت ۾ صديون پراڻي ثقافتي مزاحمت جو جديد روپ آهي۔وقت گذرندو رهيو، ۽ هي ڏينهن هر سال ڊسمبر جي پهرين آچر تي قومي انداز ۾ ملهايو ويندو رهيو۔ شروعات ۾ جلسا، جلوس ۽ ميڊيا ڪوريج هوندي هئي، پر ڪجهه سالن اندر جشن ۾ نئون روح آيو۔ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، ٻار، عورتون، شاگرد، ادبي حلقا، موسيقي جا فنڪار، ۽ ڏيساور ۾ رھندڙ سنڌي به هن ڏينهن کي پنهنجوئي ڏينهن بڻائڻ لڳا۔

اڄ ان جي اهميت هن حد تائين وڌي چڪي آهي جو هر سال هزارين وڊيوز، سوشل ميڊيا ٽرينڊ، ثقافتي نمائشون، گيت، دستاويزي فلمون ۽ بين الاقوامي يونيورسٽين جا بحث هن ڏهاڙي کي عالمي خبر بڻائي ڇڏين ٿا۔ پر سوال هن کان اڳتي وڌي ٿو ته سنڌي ڪلچر ڏينھن جو اصلي مقصد ڇا هو؟ ڇا رڳو ٽوپي پائڻ، اجرڪ ويڙهڻ ۽ تصويرون ڪڍائڻ ڪافي آهي؟ يا اصل روح ڪجهه ٻيو هو؟ هن ڏهاڙي جو بنيادي مقصد ٻه طرفو آهي: اول ــ سنڌي سڃاڻپ جي ساک کي گڏيل طور بچائڻ، ٻيو ــ نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ، ان جي تهذيب، ان جي فڪر ۽ ان جي علمي ورثي سان ٻيهر ڳنڍڻ۔ اهو ڏينهن سنڌي ماڻهن لاءِ صرف فخر جو اظهار ناهي، پر پنهنجي نسلن لاءِ هڪ اعلان آهي ته ثقافت رڳو لباس نه، پر سوچ، اخلاق ۽ رويي جو نالو آهي۔ جيڪڏهن تاريخي حوالا ڏٺا وڃن ته اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جا نشان اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ 3 هزار سال اڳ تائين موهن جي دڙي جي آرٽ ۽ ۽ ٻين شين تي موجود ڏسجن ٿا۔ سنڌ جا قديم ماڻهو جاميٽريڪل نمونن ۾ اها رمز رکي چڪا هئا، جيڪا اڄ اجرڪ جي چانڊوڪي بڻجي عالمي منظرنامي تي اچي بيٺي آهي۔

اجـرڪ اصل ۾ احترام، مانَ ۽ وفاداريءَ جو نشان آهي، جڏهن ته ٽوپي عزت، مروت ۽ شان جي علامت رهي آهي۔ سڄي سنڌ ۾ جڏهن به ڪنهن بزرگ، اديب، شاعر يا مهمان کي عزت ڏني ويندي آهي ته اجرڪ اوڙهائيو ويندو آهي، جنهن جي پويان محبت کان وڌيڪ تهذيب جو عمل بيٺل هوندو آهي۔

هاڻي جيڪڏهن موجوده حالتن ۾ سنڌي ڪلچر ڏينھن جي فائدي ۽ نقصان تي نظر ڪجي ته دلچسپ تصوير ملي ٿي۔

فائدا گهڻا آهن:

         •      نوجوانن ۾ ثقافتي شعور وڌيو،

         •      سنڌ پنهنجي سڃاڻپ عالمي سطح تي پيش ڪرڻ لڳي،

         •      ڏيساور ۾ رھندڙ سنڌي پنهنجي هوند سان وڌيڪ جڙيا،

         •      ميڊيا ۽ سماجي پليٽفارمن تي سنڌ جو سٺو چهرو ظاهر ٿيو،

         •      اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جي مارڪيٽ وڌڻ سان مقامي ڪاريگرن جي روزگار ۾ بهتري آئي۔

پر نقصان به نظرانداز نٿا ڪري سگهجن:

         •      ڪيترا ماڻھو انھيءَ کي رڳو فئشن شو بڻائي ويٺا آهن،

         •      ثقافت جو اصل روح (ٻولي، علم، روايتون، فڪر) پوئتي رهجي وڃي ٿو،

         •      ڪجهه هنڌن تي ميلي مچائڻ، شور ۽ غير ذميوار رويي سان ڏينهن جو تقدس گهٽايو وڃي ٿو،

ڪمرشلزم ۽ مهانگائيءَ سبب اصل ڪاريگر لکن جو ڪم هزارين ۾ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن انهيءَ پسمنظر ۾ سنڌي ڪلچر ڏينھن کي صرف جشن نه پر سنجيده فڪري محنت جي ضرورت آهي، جيئن اجرڪ ۽ ٽوپي رڳو لباس جو نه پر فڪر ۽ عمل جو حصو بنجن।

هن ڏينهن کي اها عظمت تڏهن ملندي، جڏهن ماڻهو جشن سان گڏ پنهنجي ٻولي، پنهنجي تاريخ، پنهنجي ڪتابن، پنهنجي بزرگن ۽ پنهنجي اخلاقي ورثي سان به ساڳي وابستگي پيدا ڪندا۔

سنڌي ڪلچر ڏينھن جو سڀ کان وڏو حُسن اهو آهي ته هي سنڌ کي ڪنهن ٻاهرين طاقت نه پر خود سنڌين جي محبت جنم ڏنو آهي۔ اها محبت نه ڪنهن حڪم سان آئي، نه ڪنهن ادارتي حڪمت عمليءَ سان؛ اها محبت ڪاوڙ مان شروع ٿي، پر شعور ۾ بدلجي وئي۔

اڄ 2025ع جو سنڌي ڪلچر ڏھاڙو پوري دنيا ۾ ان جو اعلان آهي ته:

”اسان جي ثقافت نه رڳو پراڻي آهي، پر زنده، جاندار ۽ مستقبل آشنا به آهي۔“ هي ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته ثقافت جو تحفظ ادارا نه، قومن جي محبت ۽ نسلن جو شعور ڪري سگهندو آهي۔ اجرڪ جي هر چنري، ٽوپيءَ جي هر ٽانڪي، موسيقيءَ جي هر ڌُن ۽ رقص جي هر لهر ۾ هزارين سالن جي تاريخ سان گڏ ايندڙ هزارين سالن جو خواب به سمايل آهي۔ پر اصل سوال کي هتي ڇڏڻ مناسب ناهي، ڇاڪاڻ⁠تہ ثقافت جي جشنن سان قومون رڳو سڃاڻپ نه بچائينديون آهن، پر پنهنجي مستقبل کي به رخ ڏينديون آهن۔ سنڌي ڪلچر ڏھاڙو جڏهن هر سال ملهايو وڃي ٿو ته دنيا جي ٻين تهذيبي ملڪن وانگر، سنڌ به هڪ اهڙو ڏينهن ملهائي ٿي جيڪو صرف روايتن جو يادگار نه هجي، پر مستقبل جي رٿابنديءَ جو حصو بڻجي سگهي۔ مسئلو اهو ناهي ته ماڻهو اجرڪ پائين يا ٽوپي، مسئلو اهو آهي ته ڇا اهي ماڻهو پنهنجي ٻولي، پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي فڪر کي به ساڳي محبت سان اڳتي وٺي هلن ٿا يا نه؟

اسان لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هي ڏينهن اسان کي اهو احساس ڏياري ٿو ته سنڌ جي ثقافت هڪ جامد روايت نه آهي، پر هڪ تحرڪ آهي، جيڪو هر صديءَ ۾ هڪ نئين روپ سان زنده رهي ٿو۔ سنڌ جي نوجوانن کي اڄ جڏهن ڪلچر ڏينھن تي جشن ڪندي ڏسون ٿا ته هڪ طرف اها خوشي ٿئي ٿي ته نسل پنهنجي سڃاڻپ کي نه وساريو آهي، پر ساڳي وقت هڪ فڪر به جاڳي ٿو ته ڇا اسان هن سڃاڻپ جو علمي پاسو به سنڀالي رهيا آهيون؟ ڇا اسان جو نوجوان شاهه لطيف جي بيتن کي به اوتري اهميت ڏئي ٿو جيتري اجرڪ جي ڊزائن کي؟ ڇا اسان وٽ مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جو شعور وڌي رهيو آهي؟

اهي سوال هن ڏينهن جي روح کي وڌيڪ پختو ڪن ٿا، ڇو ته ثقافت رڳو نظر ايندڙ رنگ نه، پر انهن رنگن پويان دٻايل فڪر جو نالو آهي۔

ھر سالن سوشل ميڊيا تي سنڌي ڪلچر ڏھاڙو عالمي ٽرينڊ بڻجي وڃي ٿي۔ اھو ڪنهن مصنوعي پروجيڪٽ سان ممڪن نه ٿيو آهي؛ اهي دل جي گهرائيءَ مان نڪتل تحريڪون آهن۔پر جشن جي وڌڻ سان گڏ ذميوارين جو بار به وڌي ٿو۔اسان وٽ ڪجهه اهڙا طبقا پيدا ٿي ويا آهن جن ڪلچر ڊي کي رڳو شوبازيءَ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن کي اجرڪ جو نمونو نه ڄاڻ، پر ٽڪ ٽاڪ جو ٽرينڊ ياد رهجي ٿو، ڪنهن کي ٽوپيءَ جو تاريخي پسمنظر نه ڄاڻ، پر تصوير ڪڍائڻ جا زاويا ياد آهن۔ هي اهو رويو آهي جنهن کي روڪڻ لاءِ اڄ فڪري توجہ جي ضرورت آهي، ڇو⁠تہ ثقافت جڏهن ظاهريت ۾ ڦاسي وڃي ٿي ته مستقبل ۾ پنهنجي اصل روح کان خالي ٿي وڃي ٿي۔اسان کي اهو به سمجهڻو پوندو ته ثقافتي ڏينهن جو مقصد رڳو ”سڃاڻپ جو اظهار“ نه، پر ”سڃاڻپ جو تحفظ“ پڻ آهي۔تحفظ تڏهن ممڪن ٿئي ٿو جڏهن نسل پنهنجي ٻوليءَ کي روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ڪري، پنهنجي موسيقيءَ کي سمجهي، پنهنجي تاريخ کي پڙهي، پنهنجي ادب کي اپنائي، ۽ پنهنجي اخلاقيات کي پنهنجي عمل جو حصو بڻائي۔

سنڌي ڪلچر ڏھاڙي ۾ هڪ اھم سماجي پيغام به سمايل آهي، جيڪو گهڻن جي نظر کان لڪي وڃي ٿو، ۽ اهو پيغام آهي:

”نجات گڏيل شعور ۾ آهي، فردن جي جشن ۾ نه.“

هڪ ماڻهوءَ جي اجرڪ پائڻ سان ثقافت زنده نه ٿيندي، پر جڏهن هزارين ماڻهو ساڳئي سوچ سان گڏ بيهندا ته ثقافت جي حفاظت پاڻمرادو ٿي ويندي. ثقافت جو اصل دارومدار ماڻهن جي سماجي ذميواريءَ تي هوندو آهي ــ اهڙي ذميواري، جيڪا رڳو لباس سان نه پر سوچ ۽ روين سان لڳي هجي۔

هتي هڪ اهم ڳالهه هي به آهي ته هن ڏينهن جو اثر معاشي طور به ڏاڍو وڏو ٿيو آهي۔ هزارين سنڌي ڪاريگر جيڪي اجرڪ، ٽوپي، رلي، سنگهار ۽ هٿ سان ٺاهيل اوسر جي روزگار سان جڙيل هئا، انهن جي آمدني وڌي آهي جڏهن هزارين اجرڪون هفتن اندر وڪامجن ٿيون، جڏهن مارڪيٽن ۾ سنڌي هنر جي گهرج وڌي ٿي، جڏهن برتن، هٿ جي ڪاريگري ۽ لوڪ فن وڌيڪ مشهور ٿئي ٿو، تڏهن ثقافت رڳو نظرياتي نه رهي ٿي، پر روزگار بڻجي عملي زندگيءَ ۾ شامل ٿي وڃي ٿي۔

اهو هڪ وڏو فائدو آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔ پر ان سان گڏ اسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته هي وڌندڙ ڪمرشلزم ڪٿي ڪاريگرن جي حقن خلاف نہ ٿي وڃي ٿي۔ ڪيترن ئي وڏن دڪاندارن اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جي اصليت کي گهٽائي ”مشيني ۽ نقلي“ سامان سستو ٺهرائي مارڪيٽ ۾ آندو آهي، جنهن سبب اصل ڪاريگر کي نقصان ٿيو آهي. اهو نقصان ثقافت جي بنيادي روح تي اثر وجهي ٿو، ڇو⁠تہ ثقافت جو اصل حسن هٿ جي محنت، سونهن ۽ صداقت ۾ هوندو آهي، نه ڪي ڪارخاني جي نقل ۾۔

هاڻي جڏهن سنڌي ڪلچر ڏھاڙو  دروازي تي بيٺل آهي، ته اسان کي پاڻ کان هڪ آخري سوال پڇڻو آهي: اسان هن ڏينهن کي ايندڙ نسلن لاءِ ڇا بڻائڻ چاهيون ٿا؟ ڇا اسان چاهيون ٿا ته هي جشن رڳو هڪ ڏينهن جي سيلفي لڳي؟ يا چاهيون ٿا ته هي ڏينهن نسلن کي ٻڌائي ته ثقافت جي حفاظت لباس نه، پر علم سان ٿيندي آهي؟ جيڪڏهن اسان علم کي اهميت نه ڏني ته ايندڙ سالن ۾ ڪلچر ڏينھن جو رنگ صرف ظاهري رهجي ويندو۔ پر جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻولي، پنهنجي ادب، پنهنجي تاريخ ۽ پنهنجي شعور کي به جشن جو حصو بڻايون ته هي ڏينهن صديون زنده رهندو۔

سنڌي ڪلچر ڊي اصل ۾ اسان کي اهو ٻڌائي ٿو ته ثقافت نه وڪامجي ٿي، نه مري ٿي؛ ثقافت کي رڳو وساريو وڃي ٿو، ۽ جنهن قوم کي پنهنجي اصليت نه وسري، ان کي ڪو به ختم نٿو ڪري سگهي.“

______________

Irfan Sindhi-TheAsiaN

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. We pay Rich Tribute to writer for reminding everyone about importance and values of our Richest Culture.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button