Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جي نياڻي : احترام يا پابندي؟ احترام جو لفظ عورت جي آزاديءَ جو دشمن!

عورت کي اهڙي مقام تي رکيو ويو آهي، جتي ان جي  عزت ته آهي، پر آزادي نه. سماج کيس عزت ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏي ٿو، ڇو ته جڏهن عورت ڳالھائڻ لڳي ٿي ته اتي مرد جو وقار ڪمزور محسوس ڪيو  ٿو وڃي

سنڌي عورت صديون ظلم، قيد ۽ خاموشي برداشت ڪئي، پر اڄ جو دور ھُن لاءِ نئون امتحان آهي. جديد دنيا ۾ جڏهن فڪر، علم ۽ حق جا دروازا کلي چڪا آهن، تڏهن سنڌي عورت لاءِ به وقت اچي ويو آهي ته هوءَ پنهنجي شعور سان پاڻ کي اڳتي آڻي.

هن ڌرتيءَ جي سڃاڻپ ۾ عورت جو ڪردار ايترو ئي اهم آهي، جيترو درياهه جو پاڻي سنڌ جي زمين لاءِ. جيڪڏهن عورت کي خاموش رکيو ويندو، ته سنڌ جي فڪر ۽ تھذيب جو وهڪرو سُڪي ويندو

عرفان سنڌي

عورت، جنھن جي باري ۾ دنيا جي هر مذهب، تھذيب ۽ فڪر عزت، پاڪيزگي ۽ محبت جو پيغام ڏنو، پر ساڳي سنڌ اڄ به ان جي وجود سان انصاف نه ڪري سگھي آهي. انساني تھذيب جي شروعات کان وٺي اڄ تائين عورت جو نالو عزت سان ته گڏ ڏنو ويو آهي، پر آزاديءَ سان نه. هن کي تقدس جي مينارن تي ته چاڙهيو ويو، پر انساني برابريءَ جي زمين تي بيھڻ جي اجازت نه ڏني وئي. دنيا جي ڪيترن ئي سماجن ۾ عورت کي عزت جي نالي تي پابندين، روايتن ۽ خوفن ۾ قيد ڪيو ويو، ۽ سنڌ جو سماج به ان تضاد کان آجو نه رهيو. هتي به عورت کي ستن قرآنن جي برابر ته سڏيو وڃي ٿو، پر ان جي خواهشن، سوچ ۽ وجود کي اڃا به مرد جي مرضيءَ جو تابع بڻايو ويو آهي.

جيڪي لفظ عزت جا آهن، اهي ئي قيد جا جملا بڻجي ويا آهن. سنڌي سماج ۾ جڏهن چيو وڃي ٿو ته عورت ستن قرآنن جي برابر آهي، تڏهن ان ڳالھ ۾ احترام ته آهي، پر ان جي اندر لڪل معنيٰ ۾ عورت کي هڪ نازڪ، ءٍ ٽوڙڻ جهڙي شيءَ طور پيش ڪيو ٿو وڃي  ٿو. يعني عورت کي اهڙي مقام تي رکيو ويو آهي، جتي ان جي  عزت ته آهي، پر آزاديءَ سان نه هلندي. سماج هن کي عزت ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏي ٿو، ڇو ته جڏهن عورت ڳالھائڻ لڳي ٿي ته اتي مرد جو وقار ڪمزور محسوس ڪيو  ٿو وڃي . اهڙيءَ طرح عزت جو لفظ خود عورت جي آزاديءَ جو دشمن بڻجي وڃي ٿو.

دنيا ۾ جتي به عورت کي عزت ڏني وئي آهي، اتي ان کي ساڳي وقت تعليم، فيصلي، ۽ وجود جي آزادي به ڏني وڃي. مغرب هجي يا اوڀر، هر هنڌ عورت پنھنجي جدوجھد سان پنھنجو مقام ٺاهيو آھي . يورپ ۾ عورتن ووٽ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ صديون لڳايون، مشرق ۾ عورتن علم حاصل ڪرڻ لاءِ معاشرتي زنجيرون ٽوڙيون. پر سنڌ ۾ اڄ به ڪيترن ئي گھرن ۾ ڌيءَ کي اسڪول وڃڻ کان اڳ عزت جي نالي تي روڪيو وڃي ٿو، ۽ زال کي راءِ ڏيڻ کان اڳ خاموش ڪرائجي ٿو. اهو ئي تضاد سنڌي سماج جي سڀ کان وڏي بيماري آهي جتي عورت کي پاڪيزگيءَ جو استعارو ته بڻايو  ويو، پر انسانيت جي صف ۾ بيھڻ نه ڏنو ويو.

سنڌ جي تاريخ ۾ جڏهن لطيف، سچل ۽ ساميءَ جهڙا فڪر جا امام هئا، تڏهن هن ڌرتيءَ عورت کي عزت سان گڏ فڪر به ڏنو هو. لطيف سائينءَ جي سورمين، مارئي، مومل، ۽ سسئيءَ ۾ عورت رڳو عشق نه پر حوصلي ۽ سچائيءَ جي علامت هئي.:

”مارئيءَ مڃي نه مڙس، وطن لاءِ ويٺي قيد“

اهو شعر ٻڌائي ٿو ته عورت جو اصل مقام فقط گهر يا پردو نه، پر قرباني، وفاداري ۽ حق جي واٽ تي بيھڻ آهي. مارئيءَ جو قيد اختيار ڪرڻ، اصل ۾ عورت جي شعور جي آزاديءَ جو اعلان هو.

پر افسوس، لطيف ۽ سچل جي سنڌ ۾ اڄ به عورت کي هڪ ئي وقت عزت ۽ قيد گڏ ڏنا ويا . جتي مرد پنھنجي عزت عورت جي خاموشيءَ ۾ ڏسي ٿو، اتي عورت جي ڳالھائڻ کي بي ادبي سمجھيو وڃي ٿو.سنڌ جي ڳوٺن کان شھرن تائين، عورت جو ڪم اڃا به گھر تائين محدود رکيو ويو آهي. تعليم، سياست، صحافت، يا فيصلي جي ميدان ۾ عورت کي اڳتي اچڻ ڏنو وڃي ٿو ته به اهو مرد جي اجازت سان. سنڌي ادب، صوفي فڪر ۽ تاريخ ۾ عورت روشنيءَ جي علامت آهي، پر موجوده سماج ۾ هن کي اونداهين ۾ رکيو ويو آهي. هي اهو سماج آهي، جيڪو زبان سان عورت کي عزت ڏئي ٿو، پر عمل ۾ ان جي حقن تي قبضو ڪري ٿو. مرد کي چونڊ جو حق، سفر جو حق، ۽ اظھار جو حق آهي، پر عورت کي صرف صبر جو حق ڏنو ويو آهي. جڏهن به ڪو ظلم عورت تي ٿئي ٿو ته سماج چوي ٿو”چپ ڪر، تون عزت آهين!“ پر عزت ڇا آهي، جيڪا عورت جي خاموشيءَ سان ڳنڍي وئي آهي؟ عزت ته اها آهي، جتي انسانيت جو قدر ٿئي، جتي عورت جي فڪر ۽ راءِ جو احترام ٿئي.

دنيا ۾ عورتن ترقيءَ جو دروازو تڏهن کوليو، جڏهن هنن پاڻ کي ”عزت جو نشان“ نه، پر ”انسان“ سمجھيو. سنڌ لاءِ به اهو وقت اچي ويو آهي، جو ڌيئرون ۽ ماءُ پنھنجو مقام پاڻ طئہ ڪن. جڏهن ڌيءَ اسڪول وڃي ٿي ته پوري نسل کي علم ملي ٿو، جڏهن عورت قلم کڻي ٿي ته سماج ڳالھائڻ سکي ٿو، ۽ جڏهن ماءُ حق جي ڳالھ ڪري ٿي ته سماج جا ضمير جاڳن ٿا.

سنڌ جي هر گهر ۾ جيڪا ڌيءَ آهي، سا لطيف جي مارئيءَ، سچل جي عشق، ۽ ساميءَ جي سچائيءَ جو تسلسل آهي. پر سنڌي سماج ان کي غيرت جي نالي تي بند دروازي پويان رکڻ چاهي ٿو. غيرت جو اصل مطلب ڪنھن کي قيد ڪرڻ نه، پر عزت ۽ انصاف سان پيش اچڻ آهي. جيڪڏهن مرد واقعي عورت کي ستن قرآنن جي برابر سمجھي ٿو، ته پوءِ ان سان انصاف به ايترو ئي ڪرڻ گھرجي، جيترو قرآن سان محبت ڪئي وڃي ٿي.

سنڌي عورت صديون ظلم، قيد ۽ خاموشي برداشت ڪئي، پر اڄ جو دور ھُن لاءِ نئون امتحان آهي. جديد دنيا ۾ جڏهن فڪر، علم ۽ حق جا دروازا کلي چڪا آهن، تڏهن سنڌي عورت لاءِ به وقت اچي ويو آهي ته هوءَ پنهنجي شعور سان پاڻ کي اڳتي آڻي. هن ڌرتيءَ جي سڃاڻپ ۾ عورت جو ڪردار ايترو ئي اهم آهي، جيترو درياهه جو پاڻي سنڌ جي زمين لاءِ. جيڪڏهن عورت کي خاموش رکيو ويندو، ته سنڌ جي فڪر ۽ تھذيب جو وهڪرو سُڪي ويندو.ان ڪري هاڻي اهو وقت آهي ته عورت ستن قرآنن جي برابر آهي وارو جملو رڳو زباني  نه، پر عمل بڻجي. عورت کي تعليم، آزادي ۽ فيصلي جو حق ڏيڻ ئي ان عزت جو اصل ثبوت آهي، جنھن جي دعويٰ صدين کان ڪئي پئي وڃي. سنڌ تڏهن روشن ٿيندي، جڏهن هر ڌيءَ کي پڙهڻ جو حق ملندو، هر ماءُ جي ڳالھ ٻڌي ويندي، ۽ هر زال کي عزت لفظن ۾ نه پر عمل ۾ ڏني ويندي. ۽ اها ئي ڳالھ وقت جو سڀ کان وڏو سبق آهي ته عورت جي عزت تڏهن مڪمل ٿيندي، جڏهن هوءَ انسان طور مڃبي،  ۽ ستن قرآنن جي برابر نالي تي مقدس قيد ۾ نہ رکبي.

___________________

Irfan Sindhi-TheAsiaN

عرفان سنڌي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button