Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

54 سالن ۾ سنڌ جا 2549 پوليس اھلڪار شھيد ٿيا

شھيدن ۾ چار ايس ايس پي، ھڪ اَي ايس پي ۽ ٻاويھ ڊِي ايس پي شامل. 

مالي چئلينجن باوجود 1900 نوان پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا آهن، وڏو وزير مُراد علي شاھ

ڪراچي

سال  1971 کان وٺي هيل تائين، يعني چوونجاھ ورھين ۾ ڏوھارين سان مقابلن ۾ سنڌ پوليس جا 2549 اهلڪار شهيد ٿيا جن ۾ 4 ايس ايس پي، 1 اي ايس پي ۽ 22 ڊي ايس پي شامل آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر ڏينھن ڪراچيءَ جي پي اي ايف آڊيٽوريم ۾ پوليس جي شهيدن جي ڏھاڙي واري تقريب کي خطاب ڪندي اھي انگ اکر ٻُڌايا.

وڏي وزير چيو ته 4 آگسٽ هر سال پوليس شهيدن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي ته جيئن انهن عظيم قربانين کي ياد رکيو وڃي جيڪي پوليس آفيسرن عوام جي جان و مال جي تحفظ لاءِ ڏنيون. هن شهيدن جي خاندانن کي خاطري ڏني ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جا ماڻهو سندن قربانين کي ڪڏهن به نہ وساريندا.

هن چيو “اسان پنهنجي شهيدن کي رڳو لفظن سان نه پر سندن خاندانن جي فلاح، عزت ۽ پاليسين جي ذريعي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.”

مراد علي شاهه چيو ته مالي سال 2025-26 لاءِ پوليس اسٽيشنن جي آپريشنل ضرورتن لاءِ 3.74 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ايس ايڇ اوز کي ڊرائنگ اينڊ ڊسبرسنگ آفيسر (DDO) جا اختيار ڏنا ويا آهن ته جيئن سندن ڪارڪردگي ۽ شفافيت وڌائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڪار چوري جا واقعا 67 سيڪڙو ۽ اسٽريٽ ڪرائيم 54 سيڪڙو گهٽيا آهن جيڪو جديد نگراني ۽ مؤثر حڪمت عملين جو نتيجو آهي. ھُن چيو تہ سيِف سٽي پراجيڪٽ تحت 350 کان وڌيڪ جديد AI ڪيمرائون لڳائي ويون آهن جيڪي سال جي آخر تائين 1300 ٿي وينديون.

وڏي وزير پوليس لاءِ 4.96 ارب رپين جي هيلٿ انشورنس اسڪيم جو اعلان ڪيو جنهن مان 15000 کان وڌيڪ اهلڪار فائدو وٺي چڪا آهن. ھن چيو تہ پوليس ٿاڻن کي جديد بڻايو پيو وڃي، بلٽ پروف گاڏيون ڏنيون پيون وڃن، ۽ خاص طور ڪچي جي علائقن لاءِ حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. ھُن چيو تہ مالي چئلينجن باوجود 1900 نوان پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا آهن.

هن ٻڌايو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيدن جي خاندانن کي 2.35 ڪروڙ رپين کان 7 ڪروڙ رپين تائين، ۽ مقابلي يا ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن لاءِ 2.35 ڪروڙ کان 6 ڪروڙ تائين امداد ڏني ويندي آهي. شهيدن جي خاندانن کي سندن امڪاني رٽائرمينٽ عمر تائين پگهار، 10 لک رپين جي صحت انشورنس، ۽ رهائشي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون. بيواهن کي ماهوار وظيفا، ٻارن جي شادي، تعليم، ۽ داخلا لاءِ مخصوص سيٽن جي سهولت ڏني وڃي ٿي. مستقل معذوري لاءِ سڀني رئنڪ جي اهلڪارن کي ھڪ ڪروڙ رپيا، جڏهن ته عارضي معذوري جي صورت ۾ 25 لک رپيا ڏنا وڃن ٿا. بيماري يا حادثي سبب سروس دوران فوت ٿيڻ تي 6 لک رپين کان 30 لک رپين تائين امداد ڏني وڃي ٿي (رئنڪ مطابق).

مراد علي شاهه چيو ته پوليس جي ڀلائي لاءِ تربيت، ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر تي سيڙپ جاري رهندي. (پريس رليز)

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button