سنڌ جو سرسبز مُلڪ ملير، جيڪو پنھنجن ئي زميندارن جي لالچ سبب برباد ٿي ويو
ملير ۾ برساتن جي ڪري نديون ريتي بجريءَ سان ڀرجي وينديون ھيون. اِھا ريتي بجري سون بڻجي وئي .ڪراچي شھر ۾ وڏا وڏا پلازا ۽ بنگلا ٺھڻ جي ڪري ريتي بجري سون جي اگھ ۾ وڪامڻ لڳي ته مقامي زميندارن زرعي زمينن کي ڇڏي اھو جلدي اپت وارو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ پاڻ لڏپلاڻ ڪري گلشن اقبال ۽ ڊفينس جي علائقي ۾ آباد ٿي ويا ۽ ريتي بجري جي ڪاروبار مان لکين روپيا ڪمايا. پوءِ حڪومتي سرپرستيءَ ۾اھو ڪم شروع ٿيڻ لڳو ۽ اڄ ڏينھن تائين جاري آھي جنھن سان ڪراچي شھر ته آباد ٿي ويو پر پويان جر ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري سڀ کوه سڪي ويا. زرعي زمينون بلڊرن جي حوالي ٿي ويون، سرسبز ملير مڪمل طور تي تباه ٿي ويو.

خاصخيلي لطيف راولاڻي
ملير کوکراپار ۾ بچل خاصخيلي ڳوٺ، سنڌين جي قديم وسندي آھي جيڪا ننڍي کنڊ جي ورھاڱي ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان بہ گھڻو اڳ جي آھي. جنھن زمين تي ھيءُ ڳوٺ آباد آھي، اھا اڳ ۾ زرعي زمين ھئي جنھن جون سچو ستون فارم موجود آھي، جنھن تي سروي نمبر ست سئو يارنھن ۽ سال 1911ع درج آھي. ڳوٺ جو وڏيرو محمد حسن عرف ڇڇر خاصخيلي حيدرآباد ۾ روينيو آفيس شھباز بلڊنگ جا لڳاتار چڪر ھڻي اتان سروي رڪارڊ ھٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھو. موجوده سرڪار انھيءَ ڳوٺ کي ڳوٺ آباد اسڪيم تحت سندون جاري ڪيون، پر اصل ۾ ھيءُ ڳوٺ زرعي زمين تي قائم آھي جيڪا ميتو اسماعيلي خواجه جي حوالي ھئي.
ملير ۾ اھڙا سوين ڳوٺ آھن جيڪي زرعي زمينن تي قائم آھن. ھي ڳوٺ اڳي ھڪ مائي خيران جي نالي سان آباد ھو جن جا وڏا اصل ۾ ٿاڻي بولاخان جا ھئا. معلومات ڪرڻ تي خبر پئي ته اڃان ان جي باقيات قائم آھي.
جنھن دور ۾ ملير سرسبز شاداب ھو، ھتي انبن ۽ سيتاڦل ڄام جا وڏا وڏا باغ ھئا. ڪراچي شھر اڃان آباد نه ٿيو ھو ۽ صرف ڪلاچي نالي ماھيگيرن جو ڳوٺ ھو. ان دور ۾ ملير جو ملڪ مشھور ھو .جڏھن ٺٽي شھر جي تباھي ٿي ته اتان به ھزارن جي تعداد۾ خاندانن لڏپلاڻ ڪري ملير، گڏاپ ۽ حيدرآباد ڏانھن رخ ڪيو .ملير ۾ اھڙا تمام گھڻا خاندان مليا جن چيو ته ٺٽي جي تباھيءَ کان پوءِ اسان پنھنجو ملڪ ملير وسايو جتي زرعي زمينون قدرتي ۽ لاتعداد ھيون، ۽ کوه پاڻيءَ سان ڀريا پيا ھوندا ھئا. ھر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ھوندي ھئي. برساتن جو پاڻي جبلن کان ٿيندو ملير ۽ ٿڌو ندي ۾ جمع ٿيندو ھو جنھن جي ڪري جر ۾ پاڻي وڃڻ سان ملير جا کوه پاڻيءَ سان ڀريل ھوندا ھئا .

انگريز جڏھن ڪراچي کي آباد ڪرڻ جو سوچيو ته انھن به ھتان ملير جي علائقي ڊملوٽي ۾ ست کوه تعمير ڪرايا ۽ زير زمين لائين وڇائي ستن کوھن مان پاڻي پوري ڪراچي شھر تائين پھچايو ھو جنھن کان پوء ڪراچي جي آبادي ۽ عمارتن ۾ اضافو ٿيڻ شروع ٿيو .
ملير ۾ جيڪي به زرعي زمينون آباد ٿيل ھيون اھي به ٺٽي کان آيل ميمڻ ۽ جوکيا برادري ۽ بلوچستان کان آيل جدگال قبيلي جي زميندارن آباد ڪيون. سوين ايڪڙ زمين خالي پيل ھئي جنھن جي وقت سر مالڪي ٿي نه سگھي. مقامي بزرگن جي چواڻي اھي زمينون واڻين (ھندو سنڌي) جون ھيون جيڪي ورھاڱي کان پوءِ ڇڏي ھليا ويا. ان مان ڪجھ زمين انڊيا کان آيل اسماعيلي خوجن پنھنجي حوالي ڪئي ته باقي زمين سرڪار پنھنجي قبضي ۾آڻي ان کي اسٽيٽ جي نالي سان مختلف ايڪڙن ۾ ورھائي پنھنجن وزيرن ۽ ماتحت آفيسرن کي ڏنيون جيڪي اڄ به ملير ۾ اسٽيٽ جي نالي سان مشھور آھن.
ملير ۾ برساتن جي ڪري ندين ۾ پاڻي گھڻو اچڻ سان نديون ريتي بجري سان ڀرجي ويون جيڪو مٽيءَ مان سون بڻجي ويو .ڪراچي شھر کي تعمير ڪرڻو ھو، وڏا وڏا پلازه ٺھرائڻا ھئا، ان ڪري ريتي بجري سون جي اگھ جيان وڪامڻ لڳي ته انھن ئي زميندارن زرعي زمينن کي ڇڏي اھو جلدي اپت وارو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ پاڻ لڏپلاڻ ڪري گلشن اقبال ۽ ڊفينس جي علائقي ۾ آباد ٿي ويا ۽ ريتي بجري جي ڪاروبار مان لکين روپيا ڪمايا. پوءِ حڪومتي سرپرستيءَ ۾اھو ڪم شروع ٿيڻ لڳو ۽ اڄ ڏينھن تائين جاري آھي جنھن سان ڪراچي شھر ته آباد ٿي ويو پر پويان جر ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري سڀ کوه سڪي ويا. زرعي زمينون بلڊرن جي حوالي ٿي ويون، سرسبز ملير مڪمل طور تي تباه ٿي ويو. جنھن جو اثر ڊملوٽي جي کوھن تي به پيو جيڪي سرڪار جي ھٿ ھيٺ ھئا. ست ئي کوه سڪي ويا .
ڊملوٽيءَ جي باري ۾ مون کي اتي جي ھڪ پيرسن جيڪو ذات جو جوکيو ھو، ٻڌايو ته ڊم لوٽي انگريز عورت جو نالو ھو. جڏھن انگريز ھتي آيا ۽ انھن کوه تعمير ڪرايا ته اھي پوري خاندان سان گڏ اچي آباد ٿيندا ھئا ڀر ۾ جيڪو علائقو درساڻو ڇنو آھي ان جو اصل نالو ميڄڻ آھي جيڪا پڻ ھڪ ھندو سنڌي جي نالي سان وسندي ھئي. انگريزن جي وڃڻ کان پوء جيئن ورھاڱو ٿيو ته ھندو سنڌين به لڏپلاڻ ڪئي. ان ھنڌ درس جا فقير اچي رھيا جنھن ڪري ان جو نالو درسن جو ڇنو پئجي ويو جيڪو اڳتي ھلي ڪري درساڻو ڇنو ۾ تبديل ٿي ويو، جيئن اسان وٽ ورھاڱي کان پوء ڪافي نالا تبديل ٿي ويا آھن. ان ڪري وقت ۽ حالتن تحت ميڄڻ مان درساڻو ڇنو ٿي ويو .

بچل خاصخيلي ڳوٺ ٿڌو ندي جي ڪناري تي آھي. ھتي نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ٻه درگاھون به قائم آھن. ھڪ درگاه ڪنھن نامعلو شخص جي آھي. جڏھن ملير ۾ تيز برساتن جي ڪري ٿڌو ندي سمنڊ جو ڏيک ڏيندي ھئي ۽ ٻئي ڪنارا پاڻي سان ڀريل ھوندا ھئا، اچڻ وڃڻ جو رستو به بند ٿي ويندو ھو، اھڙين زوردار برساتن ۽ ندي ۾ پاڻي اچڻ ڪري ڪناري وارا ڳوٺ ٻڏي ويندا ھئا ۽ پري پري کان تمام گھڻو گھريلو سامان مال مويشي به ترندا ھن ندي مان گذرندا ھئا. اھڙين ئي حالتن ۾ ھي اجنبي انسان پاڻي ۾ ٻڏي ويو ۽ ان ھنڌان اچي مٿي ظاھر ٿيو جتي ھاڻي ھڪ وڏي درگاه ٺاھي وئي آھي ۽ ان کي ابراھيم شاه جو نالو ڏنو ويو آھي باقي ان جي تفصيل حسب نسب ڪير ھو ڪٿان جو ھو اڄ ڏينھن تائين معلومات ملي نه سگھي آھي. ھر سال ان جو عرس ٿيندو آھي ۽ وڏو ميلو به سجايو ويندو آھي .
ٻي درگاه لعل شاه بابا مست جي آھي. ھن بزرگ جي باري ۾ ھتي جي ئي قديم رھاڪن کان خبر پئي ته ھي مست درويش اصل ميرپورساڪرو جو ھو. ذات جو بڪيرو ھو ۽ ندي جي ڪناري ويٺو ھوندو ھو. طبعيت ۾ مست ھو ۽ اتي ئي دم ڏنائين. سندس دوستن ساٿين کيس اتي دفنائي درگاه ٺاھي ڇڏي ۽ مٿس نالو لعل شاه بابا مست رکي ڇڏيو. ھن بزرگ جو به ساليانو عرس ٿيندو آھي ۽ ملير کان علاوه ڪراچي شھرجا عقيدمند اچي گڏ ٿيندا آھن جتي راڳ رنگ جي محفل پڻ ڪئي ويندي آھي .
ھي ھنڌ زمين کان مٿي ھجڻ ڪري ننڍي جبل جو ڏيک ڏي ٿو ان ڪري ھتي آبھوا سٺي ھوندي آھي ڪافي فلمن ۽ ڊرامن جون شوٽنگون به ھتي ٿي چڪيون آھن .ڀرپاسي ٻيا قديم ڳوٺ آھن جتي زمينون خواجن جون ھيون جيڪي ورھاڱي کان پوء ڇڏي ويا ھئا پر انھن جي باقيات اڄ به قائم آھي. ملير سٽي کان اچبو ته درگاھن تي وڃڻ لاء اسٽاپ جو نالو خوجا اسٽاپ جي نالي سان مشھور مقبول آھي .
__________________

لطيف راولاڻي ملير ۾ رھي ٿو



