چيني شھر نئننگ جي مسجد ۾ اسلامي ڪتابن سان گڏ ڪميونسٽ لٽريچر
شيلفن ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب رکيل هئا. مون سمجهيو ته سڀ اسلامي هوندا، سو هڪ ڳاڙهو ڪتاب کڻي ڏٺم، چينيءَ ۾ هو، ڪتاب جو نالو هو، ”چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جا سؤ سال“
مسجد ۾ ڪافي سنڌي به مليا. ڏيساور ۾ هيترا سنڌي پاڻ ۾ گڏياسين ته لڳو ڄڻ سالن کان واقف هجون. مون کي امداد حسينيءَ جو ٽيڙو ياد اچي ويو. سنڌي ماڻهو جت، دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾، سنڌ سڳوري اُت
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي
15 نومبر 2024: ٻارهين ڌاري ڊاڪٽر وشال، ابوذر اقبال ۽ آءٌ نيرن ڪري، چانھه پي رهيا هئاسين، جو هڪ پوڙهي چينائڻ، جيڪا صفا غريبڙي پي لڳي، هوريان هوريان اچي اسان جي ڀر ۾ ويٺي ۽ پنھنجو وي چيٽ اڪائونٽ ڪارڊ اڳيان ڪيائين، جنھن تي وشال چيو ته هيءَ پني پئي. مون پئسا ڪڍي وشال کي ڏنا، جنھن انهن مان 10 يوان کڻي کيس ڏنا ۽ هوءَ اُٿي هلي ويئي. ان سڄي عرصي ۾ جيڪو چين ۾ رهيو آهيان، ڇائو يانگ ۾ مسجد وٺ بيٺل فقيرن کان سواءِ هيءَ مون چوٿون فقير يا فقيرياڻي ڏٺي آهي. وشال ٻڌايو ته هن کي ڪنھن به چينيءَ هڪ ’يوان‘ به نه ڏنو هوندو. سڀني دڪانن تان ٿي آئي آهي. چين ۾ پنڻ تي پابندي آهي. وشال ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪير پوليس کي رپورٽ ڪري ته پوليس کيس کڻي وڃي.
جيتوڻيڪ چين جي حڪومت غربت جي خاتمي ۾ سنجيده آهي، پر هيڏي وڏي آباديءَ کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ وقت ۽ وسيلا گهرجن.
مائوزيتنگ انقلابي زرعي سڌارا آڻي غربت جي خاتمي جي سفر جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ ڊينگ زيائوپنگ، جيانگ زمن ۽ هوجنتائو چين ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم کنيا. هاڻوڪي صدر شي چن پنگ ان سفر کي اڳتي وڌائيندي نوي ملين چيني شھرين کي غربت مان ڪڍي هڪ معجزو ڪري ڏيکاريو.

غربت جو خاتمو چين جو اهم مسئلو رهيو آهي، جنھن کي تاريخ جي هر دور ۾ ترجيح ڏني ويئي. 2012ع کان وٺي هر سال 10 ملين يعني هڪ ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان مٿي آندو ويو. غريبن جي آمدنيءَ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو ۽ انهن جي تعليم، صحت، رهائش، پاڻي ۽ لباس جي سھوليتن کي يقيني بنايو ويو. چين جي ڪميونسٽ پارٽي هڪ نظرياتي، انقلابي ۽ عوامي جماعت آهي، جيڪا ڪنھن شخصيت ۽ خاندانن جي لاءِ ڪم نه ٿي ڪري. غربت جو خاتمو پارٽيءَ جو قومي مقصد هو، تنھن ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ غربت جي خاتمي جي مھم ۾ ڀرپور دلچسپي ورتي ۽ اُن مھم جي تسلسل کي جاري رکيو. تڪليفن ۽ رنڊڪن جو حل ڳولھيو، عوام جي ڀروسي ۽ يقين کي بحال ڪيو. ان اهم مسئلي کي ترجيح جي بنياد تي کنيو. جيئن چيني حڪومت چيني شھرين جي غذائي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ بروقت غذائي شيون مھيا ڪري هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. تيئن جلد اهو ڏينھن پري ڪونهي، جڏهن چين جو ڪوبه شھري غريب نه رهندو.
*
16 نومبر 2024: اڄ منھنجي پوٽي ۽ منظر جي پُٽ هيشم جي پھرين سالگرا آهي، بابا جو نالو هاشم هو. ان نسبت سان مون ’هيشم‘ نالو رکيو. هيشم يا هاشم جي معني آهي ’ورهائيندڙ، تقسيم ڪندڙ، ونڊيندڙ يا ڏيندڙ.‘
هتي نئننگ ۾ مھيني کان وڌيڪ عرصو گذري ويو اٿم. وقت ته الله جي مھرباني سان سٺو پيو گذري، ڪا تڪليف ڪونھي، پنھنجي مستيءَ ۾ مست، البت هاڻ پويان ٻارڙا ياد اچن ٿا. اُفق، شفق، ايشال، ارباز، حرم، حسن، حسين ۽ هيشم بابا. هتي وري مريم سان سڄو ڏينھن وندريا ويٺا آهيون. اڄ مريم ايتري ته کلي ۽ ايترو ته کلايو، جو اصل بس. سوچيان ٿو ته آءٌ ڪيڏو نه ورهائجي ويو آهيان، انهن ٻارن جي وچ ۾.
کشين منھنجي مائوزيتنگ سان دلچسپي ڏسي، ان جو هڪ ننڍو اسٽيچو آن لائين گهرايو هو، جيڪو اڄ مون کي ڏنائين ته ڏاڍي خوشي ٿيم. مون سندس مھرباني مڃي. وشال ٽيون ڏينھن گوتم ٻُڌ جي ٻن ننڍن اسٽيچو جو آرڊر ڏنو، پر اڄ انهن پلاسٽڪ ۾ ڪوٽيڊ گوتم جون تصويرون موڪلي ڏنيون، شايد اسان ڳالهه نه سمجهي ائين ست يوان پاڻيءَ ۾.

جمع جي ڏينھن هئڻ ڪري Qing Zhens يعني مسجد ۾ وياسين. چيني ٻولي ۾ مسجد کي ’شنگ چن سه‘ چون. مٿيون هال ڀرجي ويو هو، تنھنڪري هيٺين هال ۾ نماز پڙهيم. اتي ڪافي سنڌي به مليا، جن ۾ ڊاڪٽر علي زين جيهجو، ڊاڪٽر شھزاد ۽ ڊاڪٽر غلام رسول سولنگي به هئا، جيڪو گذريل هفتي وشال کان پاڪستاني پئسا ڏيئي يوان وٺڻ آيو هو. ڏيساور ۾ هيترا جو سنڌي پاڻ ۾ گڏياسين ته ڄڻ سالن کان واقف هجون ۽ مون کي امداد حسينيءَ جو ٽيڙو ياد اچي ويو.
سنڌي ماڻهو جت
دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾
سنڌ سڳوري اُت
ڪتابن جي شيلف کي ڏسندي علي زين کي چيم ته هنن يارن سان منھنجو فوٽو ڪڍ. آءٌ ويٺس ۽ عليءَ فوٽو ڪڍيو. اتي شيلفن ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب رکيل هئا. مون سمجهيو ته سڀ اسلامي هوندا، سو هڪ ڳاڙهو ڪتاب کڻي ڏٺم، چيني ۾ هو، بيدو ايپ وسيلي انگريزي ۾ ترجمو ڪيم، ڪتاب جو نالو هو، ”چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ جا سؤ سال‘. عليءَ کي چيم ته ڪتاب ته ڪم جو آهي. پر آهي چيني ٻوليءَ ۾. علي چيو، ”بيدو ايپ ذريعي پڙهي سگهجي ٿو.“ چيم. ”وارو ڪر کڻ.“ جنھن تي کلڻ لڳو ته کلندي چيومانس، ”تون کڻي ٻاهر هلي مون کي ڏي.“ جنھن تي کلياسين. چيومانس ”هجي ها پاڪستان ته انهن ڪتابن تي ڪڏهوڪا هٿ صاف ٿي چڪا هجن ها.“ ٻيا ڪتاب به ڪميونسٽ پارٽي ۽ چيني ڪلچر بابت هئا. مون عليءَ کي چيو ته ڏس هي چيني ’ڪافر‘ مسجد ۾ به ڪافراڻا ڪتاب رکيو ويٺا آهن ته جي اوهان جي دل چوي ته کڻي ويھي پڙهو ۽ ڪميونسٽ ٿيو، جنھن تي سڀ دوست کليا. پاڪستان ۾ ته مسجدن ۾ پنھنجي مسلڪ کان سواءِ ڪنھن ٻئي مسلڪ واري جو قرآن پاڪ جو ترجمو به رکڻ نه ڏيندا آهن. پر هتي مسجد ۾ به ڪميونسٽ لٽريچر.
ڊاڪٽر شھزاد سان هڪ چيني ڇوڪرو گڏ هو. ٻڌايائين ته آءٌ هتان کان پنجاهه ميل پري ٿو رهان، اتي ٻئي ڪنھن سان اُٿي ويٺي ڪونھي، بس هن چينيءَ سان گذارو ڪندو آهيان. اهو ٻڌي ڊاڪٽر علي زين چيس ”واهه جو ٿو گذارو ڪرين.“ هن ڳالهه سمجهي، جنھن تي سڀ کلياسين. ڊاڪٽر شھزاد وراڻيو، ”مان موري جو آهيان، دادو جو نه.“ جنھن تي چيومانس، ”مورو وري دادو کان ڪيترو پري آهي… اثر ته پون ٿا.“ ٽھڪڙو مچي ويو. ويچارو چينو اسان کي ايئن کلندو ڏسي پاڻ به کلڻ لڳو.
پوءِ طئہ ٿيو ته، ”ذائقه“ تي اچو ته ماني گڏجي کائون. آءٌ ۽ وشال ديدي (ٽئڪسي) ڪري ريسٽورينٽ پھتاسين. علي زين ۽ شھزاد وٽ موٽرسائيڪلون هيون. اسان ذائقه تي پھتاسين ته هو به پھچي ويا. ڊاڪٽر غلام رسول سولنگيءَ کي ڊاڪٽر علي زين کڻي آيو. ڊاڪٽر شھزاد جو ڀائيٽو اسد الله، جنھن جي هتي يونيورسٽي ۾ داخلا ڪرائڻ ۾ ڊاڪٽر وشال مدد ڪئي هئي ۽ ساڻس اڳ ۾ به هڪ ملاقات ٿي چڪي هئي، سو ان چيني نوجوان کي پاڻ سان کڻي آيو. ڊاڪٽر شھزاد چيو ته ”هي نوجوان هوڏانھن هوندو آهي ته مون سان گڏ، جي نئننگ هوندو آهي ته اسد الله سان گڏ.“ جنھن تي علي مذاق ڪندي چيس، ”معني ٻئي هڪ تي ئي ٿا گذارو ڪيو.“ پوءِ اسان جا ٽھڪ ڪير روڪي. وري علي زين چينيءَ کي چيو، ”ٻيا پاڪستاني هتي اچي ني ڦنگيوا (گرل فرينڊ) ٺاهيندا آهن، پر هِن هتي اچي توکي پنھنجو“ نان ڦنگيو (بواءِ فرينڊ) ٺاهيو آهي.“ جنھن تي چيني کلندي چيس، ”نه نه، آءُ نان ڦنگيو نه پر ”ني ڦنگيو“ ٺاهيندو آهيان. اسان جي وچ ۾ ڪافي دير تائين ائين کل ڀوڳ جاري رهي.
اسد الله ٻڌايو ته ”هي ڇوڪرو، جنھن جو نالو ’يائو هينگ شوائي‘ (Yao heng shuai) آهي، ڇورين جو وڏو شوقين آهي ۽ سڄو ڏينھن ڇورين جي پويان. هفتي جون ٽي راتيون هتي نئننگ ۾ گذاريندو آهي ۽ چوندو آهي ته هر رات جا ٽي سؤ يوان خرچ ڪري نئين نئين ڇوڪريءَ سان گذاريندو آهيان. هتان ٿي پوءِ يونيورسٽي وينداسين. جتي رشين ڇوڪريون ڏسڻ ٿو گهري.“ ”وڏو ڪو آڙيڪاپ آهي، شاگرد هوندي هيترا پئسا ڪٿان ٿو آڻي.“ مون پڇيو، جنھن تي ڊاڪٽر شھزاد ٻڌايو ته ٽي هزار يوان اسڪالرشپ ملندي اٿس. سندس ماءُ پيءُ ٻيئي ڌار ڌار ڪاروبار ڪندا آهن. هڪ ئي پٽ اٿن، سو هُو ڪمائين ۽ هي کپائي.“ ڊاڪٽر علي زين ۽ شھزاد ٻنهي ساڳي ڳالهه ڪئي. ”چيني ڇورا… سڄو ڏينھن ڇورين جي پويان!“
ڪلاڪ کن ڏاڍي سٺي ڪچھري ٿي. ماني گڏجي کاڌيسين، جيڪا وشال پاران هئي. ڊاڪٽر غلام رسول چيو ته ’سومر جي ڏينهن جيڪڏهن يونيورسٽيءَ گاڏي ڏني ته سڀ ڊاڪٽر شھزاد وٽ چڪر هڻڻ هلنداسين.“ ڪچھري ڪندي شام جا چار اچي ٿيا. تنھنڪري وري ملڻ جي اميد تي هڪٻئي کان موڪلايوسين.
*

پاڪستان ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو آهي ته ”وي- پي- اين“ جو استعمال غير شرعي آهي.“ اها ته عجيب کل جوڳي ڳالهه آهي، دنيا ۾ جيڪا ترقي ٿئي پئي، ان مان هاڪاري فائدو وٺڻ جي گهرج آهي، پر هتي ته کوڙيءَ کي ئي گهمرو- جڏهن لائوڊ اسپيڪر ننڍي کنڊ ۾ آيو هو ته مولوي حضرات چيو ته ”ان مان شيطان ٿو ٻولي.“ مولانا اشرف ثانوي لائوڊ اسپيڪر کي شيطاني چرخو چئي ان جي خلاف فتوي ڪڍي هئي. هاڻ لائوڊ ته پراڻا ۽ ڄڻ مذاق ٿي ويا آهن، پر پوءِ مولوين ان جو خوب استعمال ڪيو. هاڻ ته ان جي جاءِ تي الائي ڇا ڇا اچي ويا آهن. هن ملڪ جا حڪمران ۽ مولوي حضرات ملڪ کي ڪھڙي پاسي وٺي پيا وڃن، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. ڪالهه حسن مجتبي جو هڪ اسٽيٽس پڙهيم، ”دعا کرو ڪه پياري……. ڪا انتقال پُر ملال پُرامن هوجائي ڪه اب کلوزنگ سيل پر سنا هي. Everything to go.“
اها ته لائوڊ اسپيڪر جي ڳالهه هئي، پر ڪٿي پڙهيم ته جڏهن سعودي عرب جي بادشاهه ’عبدالعزيز ابن سعود‘ ملڪ ۾ ٽيلي فون پي لڳرائي ته سعوديه جي مفتيءَ ان جي مخالفت ڪئي هئي ته ان مان شيطاني آواز ٿو اچي. شاهه عبدالعزيز ڇا ڪيو جو مفتي کي پاڻ وٽ گهرايائين. جڏهن مفتي وٽس ويٺو هو ته اڳيان رکيل ٽيلي فون جي گهنٽي وڳي ۽ شاهه ٽيلي فون جو رسيور کڻي مفتي کي ڏنو ۽ آپريٽر سان اڳواٽ طئہ ڪيو هئائين ته فون تي قرآن جي تلاوت جاري ڪري ڇڏج. مفتيءَ جڏهن اها ٻڌي ته خوش ٿيو ۽ فتوي ڏنائين ته فون تان شيطان نه پر رحمان ٿو ٻولي.
چين پاڪستان کان ٻه سال پوءِ 1949ع ۾ آزاد ٿيو، پر هن جيڪا ترقي ڪئي آهي، اهو ڏسي دنگ رهجيو وڃجي. سائنس هنن جو ڄڻ ته ’نئون خدا‘ آهي ۽ سائنسي ايجادن ۽ انهن جي استعمال هن ملڪ کي ڪٿي پھچائي ڇڏيو آهي ۽ اسان سائنس، ۽ جديد علمن جا ويري. پاڪستان ۾ ٽئٽر بند آهي. وي. پي. اين کي غير شرعي قرار ڏيئي ڇڏيو اٿن. هاڻ ان جي استعمال تي پابندي لڳندي، بجلي، گئس ۽ زندگي جي ٻين لوازمات جي کوٽ ۽ ماڻهن جي بيزاري ڏسي واقعي ائين پيو محسوس ٿئي ته ”انتقال پُر ملال“ ٿيڻ وارو آهي.
______________
يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. ھُو اڄڪلھ چين ۾ آھي



