Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ٽِڪ ٽاڪ معاملو آمريڪي جمهوريت جي تضاد کي ظاهر ڪري ٿو

آمريڪا ڪاغذن تي آزاديءَ جي حامي آهي، پر عملي طور بي قابو آواز کان ڊڄي ٿي. هڪ پاسي دنيا لاءِ openness جو درس ڏئي ٿي، ٻئي پاسي پنهنجي سماج تي ٻاهرين اثرقبضو برداشت نٿي ڪري.

جڏهن اسرائيل ۽ فلسطين واري مسئلي بابت TikTok تي نوجوانن جو آواز گونجيو، تڏهن آمريڪي اسٽيبلشمينٽ کي پهريون دفعو محسوس ٿيو ته هڪ پرڏيهي پليٽفارم آمريڪي راءِ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو

حقيقت اها آهي ته سوشل ميڊيا اڄ رياستن، ڪارپوريشنن ۽ سامراجن جي مفادن ۾ ڪم ڪري ٿي. ڊيٽا طاقت جو نئون ذريعو آهي

نور محمد مري، ايڊووڪيٽ، اسلام آباد

آزادي جيڪڏهن ڪنهن به ترتيب، ضابطي يا اصول کان خالي هجي ته اها سڌي طرح افراتفري ڏانهن وڃي ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سماج جڏھن بہ بنا ڪنهن حدن يا نظم جي، حد کان وڌ آزادي وٺي ٿو، سو آخرڪار پنهنجي وزن ۾ پاڻ ڦاسي وڃي ٿو. ان ڪري هر آزادي ڪن حدن جي پابند هوندي آهي. دنيا جو ڪو به رياستي نظام، چاهي پاڻ کي جمهوريت چوي، سماجي، يا آمراڻ، ڪو به اهڙو ميدان ڪڏهن به ناهي ڇڏيو جيڪو ان جي قبضي کان ٻاهر هجي. آمريڪا، جيڪو پاڻ کي دنيا جي آزاديءَ جو وڏو محافظ سمجهي ٿو، اُھو به ھن ساڳئي اصول تي هلي ٿو: آزادي تيسين قبول آهي جيستائين اها رياست جي مفاد سان ٽڪراءُ نه ڪري.

تازو آمريڪا جي اها خواهش ته ٽڪ ٽاڪ کي ان جي الگوردم سميت خريد ڪيو وڃي، ڪا معمولي ڪاروباري ڳالهه ناهي. هيءُ عمل سياسي به آهي، حڪمت عمليءَ وارو به آهي، ۽ نظرياتي به. آمريڪي رياست کي اصل دلچسپي ايپ ۾ نه پر ان الگوردم ۾ آهي، جيڪو لکين شهرين جي سوچ، ردِعمل، ۽ ڏسڻ جي عادت کي هلائي ٿو. ڇو ته جنهن وٽ الگوردم جو ڪنٽرول آهي، ان وٽ بيان جو اختيار آهي ۽ جنهن وٽ بيان جو اختيار آهي، ان وٽ سماج جي سمت جو فيصلو ڪرڻ جي طاقت آهي.

جڏهن اسرائيل ۽ فلسطين واري مسئلي بابت TikTok تي نوجوانن جو آواز گونجيو، تڏهن آمريڪي اسٽيبلشمينٽ کي پهريون دفعو محسوس ٿيو ته هڪ پرڏيهي پليٽفارم آمريڪي راءِ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. آمريڪي نوجوان سوال ڪرڻ لڳا، حڪومتي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ لڳا، ۽ جنگي حمايت تي اعتراض ڪرڻ لڳا. اها صورتحال واشنگٽن لاءِ غير متوقع هئي. سو قومي سلامتي، ڊيٽا تحفظ ۽ نوجوانن جي حفاظت جا نعرا پيدا ڪيا ويا، پر انهن جي پٺيان پراڻو رياستي اصول بيٺل آهي: رياست پاڻ طئہ ڪرڻ چاهي ٿي ته TikTok تي سماج کي ڇا ڏسڻو آهي ۽ ڇا نه.

تاريخ ۾ ڏسون ته رياستن هر ڀيري، فلاح، سلامتي، يا آزادي جي نالي تي جيڪي قدم کنيا آهن، اهي اصل ۾ رياست جي مفادن لاءِ کنيا آهن. ڇاپي واري دور کان وٺي ريڊيو تائين، ريڊيو کان ٽيليويزن تائين، ۽ هاڻي ٽيليويزن کان سوشل ميڊيا تائين، هر پليٽفارم آخرڪار رياستي طاقت جي ڍانچي ۾ شامل ٿيندو رهيو آهي. شروعات ۾ آزادي اصل لڳندي آهي، کليل لڳندي آهي، بغير ڪنٽرول جي لڳندي آهي، پر جيئن ئي اها ڪنھن پليٽفارم تان راءِ کي شڪل ڏيڻ شروع ڪري، رياست ساڳئي آزاديءَ کي خطري جو نالو ڏئي ضابطن ۾ جڪڙي ڇڏي ٿي.

ڇاپو هڪ زماني ۾ علم جي روشنيءَ جو ذريعو هو، پوءِ سلطنتن جي پروپيگنڊا جو آوزار بڻيو. ريڊيو عوامي رابطي لاءِ آيو، پوءِ جنگ جي پروپيگنڊا ۾ استعمال ٿيو. ٽيليويزن دنيا ڏسڻ جي دري هئي، پوءِ ڪارپوريٽ ۽ حڪومتي بيان جو محافظ بڻجي ويو. هاڻي ساڳي ڪهاڻي سوشل ميڊيا سان ورجائي پئي ٿي.

سوشل ميڊيا کي دنيا جمهوريت جي علامت ڪري پيشي ڪري ٿي. دليل اهو آهي ته هر ماڻهو ڳالهائي سگهي ٿو، لکي سگهي ٿو، ۽ تنقيد ڪري سگهي ٿو. پر حقيقت اها آهي ته سوشل ميڊيا اڄ رياستن، ڪارپوريشنن ۽ سامراجن جي مفادن ۾ ڪم ڪري ٿي. ڊيٽا طاقت جو نئون ذريعو آهي، ۽ پليٽفارمن جو وجود ڊيٽا تي بيٺل آهي. جڏهن اهو ڊيٽا رياست جي قبضي کان ٻاهر وڃي ٿو ته خوف شروع ٿيندو آهي. سو رياستون ڪنٽرول ڪرڻ، ضابطا لڳائڻ، خريد ڪرڻ يا ٻيهر ترتيب ڏيڻ چاهين ٿيون.

سوشل ميڊيا جا ٻه چهرا آهن:

هڪ طرف پروپيگنڊا جو اوزار، جنهن ذريعي رياستون ۽ ڪارپوريشنون بيانن کي شڪل ڏين ٿيون؛

ٻئي طرف اڌ-ڄاڻ ۽ غلط ڄاڻ جو وهڪرو، جنهن ۾ سچ ۽ ڪوڙ ايترو ملي ٿو جو عام ماڻهو فرق نٿو ڪري سگهي. اهو ٻٽو ڪردار سوشل ميڊيا کي وڌيڪ خطرناڪ ۽ وڌيڪ اثرائتو بڻائي ٿو.

TikTok جو معاملو صرف هن پراڻي ڪهاڻي جو نئون باب آهي. رياست لاءِ پهريون سوال آزادي نه، پر ڪنٽرول آهي. جمهوريت ۾ به ڪنٽرول کي “ريگيوليشن” جو نالو ڏنو ويندو آهي. آمريڪا چاهي ٿو ته ڪو به پرڏيهي الگوردم آمريڪي شعور کي شڪل نه ڏئي. هو اهو اختيار پنهنجي هٿ ۾ رکڻ چاهين ٿا ته ڇا فلٽر ڪجي، ڇا روڪجي، ڇا هلائجي، ۽ ڇا خاموش ڪجي.

جيڪڏهن جديد ٽيڪنالاجيءَ کي ايمانداري سان ڏسون ته اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته رياست ۽ ڪارپوريٽ طاقت جو فرق ختم ٿي رهيو آهي. وڏيون ٽيڪ ڪمپنيون اڄ ننڍڙن سامراجن وانگر آهن. اهي چونڊن، ثقافتن، مارڪيٽن ۽ سياست تي اثرانداز ٿين ٿيون. رياست انهن کي پنهنجي ڪنٽرول کان ٻاهر برداشت نٿي ڪري سگهي. سو ٻنهي جي وچ ۾ شراڪت پيدا ٿي چڪي آهي.

TikTok وارو معاملو آمريڪي جمهوريت جي تضاد کي ظاهر ڪري ٿو. ڪاغذن تي اها آزاديءَ جي حامي آهي، پر عملي طور بي قابو آواز کان ڊڄي ٿي. هڪ پاسي دنيا لاءِ openness جو درس ڏئي ٿي، ٻئي پاسي پنهنجي سماج تي ٻاهرين اثرقبضو برداشت نٿي ڪري.

اسان کي سمجهڻ گهرجي ته جديد دور ۾ ٽيڪنالاجي غيرجانبدار ناهي. اها مڪمل سياسي قوت آهي. هر ايپ، هر پليٽفارم، هر الگوردم ڪنهن نه ڪنهن بيان جو اوزار آهي. اهو صرف تفريح نه رهيو آهي؛ اهو ذهنن جي تشڪيل، رويي جي رخ، ۽ سياسي نتيجن جي اڏاوت جو اوزار آهي. جنهن وٽ ٽيڪنالاجي جو قبضو آهي، ان وٽ سماج جو قبضو آهي، ۽ جنهن وٽ سماج جو قبضو آهي، ان وٽ مستقبل جو فيصلو آهي.

پاڪستان لاءِ هن بحث ۾ وڏو سبق آهي. اسان آزاديءَ جي ڳالهه ڪندا آهيون، پر بغير ترتيب آزادي هميشه انتشار بڻجي وڃي ٿي. اسان ادارن جي پيشہ ور ھجڻ تي زور ڏيندا آهيون، پر جيڪڏهن اهي ادارا سماجي بنيادن کان ڪٽجي وڃن ته پوءِ اهي بي روح ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن مستقبل ۾ قومون ٽيڪنالاجي جي سياسي ماهيت کي نظرانداز ڪنديون، ته پوءِ سندن حال به اهو ئي ٿيندو جيڪو ٻين قومن جي ٿيو—انحصار، ڪمزوري، ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙ ڪنٽرول.

پاڪستان کي پروفيشنلزم، ٽيڪنالاجي، ۽ خودمختياري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پر سماج کان ڪٽجي نه. جديد رياست نظم چاهي ٿي، پر اهو نظم عوامي آواز کي دٻائڻ لاءِ نه هجڻ گهرجي.

تاريخ انهن قومن کي معاف نٿي ڪري جيڪي ٻين کي مستقبل ٺاهيندي ڏسي خاموش بيٺل رهن. آمريڪا TikTok تفريح لاءِ ناهي خريد ڪري رهيو، اهو مستقبل جي طاقت جو اوزار خريد ڪري رهيو آهي. اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسان هن تبديلي کي سمجهون ٿا يا دنيا کي رڳو تماشو سمجهي ڏسون ٿا.

________________

Noor Muhammad Marri-TheAsiaN

ايڊووڪيٽ ۽ ميڊيئيٽر نور محمد مري فريلانس ليکڪ آھي ۽ اسلام آباد ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button