Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

بينا مسرور: سونھن، فن ۽ ادب جو سحر انگيز سنگم

بينا مسرور رڳو ناليواري اداڪاره نه پر دل جي گهرائين سان لکندڙ شاعرہ به هئي. شاعري سندس احساس جو ايترو ته جاندار حصو هئي، جو سندس هر نظم مان زندگيءَ جي سچائي بکندي هُئي

مُشتاق ٽانوري

حيدرآباد جي ڌرتيءَ تي 29 جنوري 1958ع تي هڪ اهڙو گُل ٽڙيوجنھن سنڌ جي فن، ادب ۽ جذبات جي تاريخ ۾ سُرهاڻ پکيڙي ڇڏي. انھيءَ گل، جنهن ڪلاکيتر ۾ خوشبو پکيڙي، ادب ۽ فن جي دُنيا ۾  بينا مسرور جي نالي سان پنهنجي سُڃاڻپ ٺاهي. بينا جي  اصل نالي مھہ جبين کان وٺي بينا تائين جو سفر رڳو نالي جو نه، پر سڃاڻپ، آواز ۽ فن جي اُها ڊگھي واٽ آهي، جيڪا هن پنهنجي محنت ۽ تخليق جي جاکوڙ سان طئه ڪئي. بينا جي شخصيت ۾ جيڪي عنصر نمايان نظر آيا، انهن جو سرچشمو گهريلو تربيت ۽ پڙهيل لکيل ماحول هو. سندس والد صلاح الدين احمد بلوچ، جيل ڊپارٽمينٽ ۾ اعليٰ عهدو رکندڙ ۽ نظم ضبط جو ڌيان رکندڙ شخص، سندس امڙ مِهر نرمي، محبت ۽ وقار رکندڙ عورت ۽ سنڌي ٻولي جي شاعره سحر امداد سندس ڀيڻ، انهن سڀني رشتن روحاني ۽ جذباتي حوالن سان بينا جي شخصيت ۾ توازن پيدا ڪيو، جنهن جو اثر بعد ۾ سندس فن تي چٽيءَ طرح نظر آيو.

بينا مسرور جو ننڍپڻ فن، ڪتابن ۽ تخليق جي سونهن سان ڀريل هو. هوءَ ننڍپڻ کان ئي پنهنجي روشن اکين ۾ خواب کڻي هلندي هئي. ڪڏهن ڪنهن ڪهاڻيءَ جو خيال کيس پَر لڳائي ڇڏيندو هو ته ڪڏهن ڪنهن اسٽيج ڊائلاگ تي سندس دلي جهان ڌڙڪندو هو. تعليم انٽر تائين حاصل ڪرڻ باوجود بينا جو مطالعو وسيع ۽ ڳوڙهو هو. هُوءَ ڪتابن جي ٻولي، شاعريءَ جو طلسم ۽ فن جي دنيائن کي اندر ئي اندر سانڍي وڏي ٿي. اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ ئي هن اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ڪاليجي زندگيءَ ۾ اسٽيج هميشه ذهانت ۽ فن جي پرک گهري ٿي، ۽ بينا ان آزمائش ۾ هر ڀيري سرخرو ٿي نڪتي. سندس لهجي جي مٺاڻ، اظهار جي سونهن ۽ پرفارمنس جو اعتماد، استادن ۽ هم منصبن کي هميشه حيران ڪندو هو. 

بينا جي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو موڙ تڏهن آيو، جڏهن هوءَ ڪاليج مان نڪري پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي دروازن تائين پهتي. اهو دور سنڌي ڊرامن جي اوج جو هو. اُتي سندس ملاقات پروڊيوسر ذوالفقار نقوي سان ٿي. ذوالفقار نقوي بينا جي لهجي، اعتماد ۽ شخصيت ۾ سچائي ڏسي کيس ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. بينا، هيءُ قدم کڻڻ لاءِ والدين کان اجازت وٺڻ ضروري سمجهيو. جڏهن گهر وارن سندس ذوق ۽ صلاحيت ڏسي آشيرواد ڏنو ته ڄڻ فن جي دروازن تي کيس زيورن سان آراسته مهندارن وانگر آجيان ملي وئي. بينا فخر سان نقوي کي جواب ڏنو ته ”ها، مان ڪم ڪنديس.“

بينا مسرور جو پهريون ڊرامو شمشير الحيدريءَ جو لکيل ”منزل“ هو، ست قسطن تي ٻڌل سيريل ھو، جنهن ۾ هن ليکڪا جو ڪردار نڀايو. هن ان ۾ ليکڪا جو ڪردار اھڙو نڀايو، جنهن سندس فطري وقار ۽ احساساتي لهجي کي پهرين ئي قدم تي عوام جي دلين تائين پهچائي ڇڏيو. انهيءَ کان پوءِ بينا مسلسل فن جي سفر ۾ اڳتي وڌندي رهي ۽ هڪ کان پوءِ هڪ ڪامياب ڊرامن ۾ ڪم ڪندي سنڌي ٽيليويزن ڊراما انڊسٽريءَ جو اهم نالو بڻجي وئي. ”منزل“ کان پوءِ بينا جيڪا شاهراهه طئي ڪئي، اها نه رڳو ڊرامن جي لسٽ هئي، پر محنت، جستجو، حساسيت ۽ سماجي شعور جي اها ڊائري هئي، جنهن ۾ سندس احساسن جي جهرڻن جهڙو وهڪرو شامل هو. سندس مشهور ڊرامن ۾ زندگيءَ جو زهر، فرمانبردار، ماٺار، پيڙا، ناڪيلي، بري هن ڀنڀور ۾، لڙڪ لڙڪ زنجير، موت جا پاڇولا  ۽ ٻين ڪيترن ئي ڊرامن جا ڪردار سنڌي ڊرامن جي تاريخ جو روشن مثال بڻيا. هوءَ ڪردار جي روح ۾ داخل ٿيندي هئي. سندس ٻوليءَ جي مٺاڻ، چهري جا تاثرات، آواز جو لهجو سڀ ڪجهه گڏجي مڪمل فني جماليات پيدا ڪندا هئا.

بينا مسرور جي زندگيءَ ۾ هڪ اهم موڙ تڏهن آيو، جڏهن سنس نالو سنڌ جي نامياري اديب، شاعر، موسيقار ۽ پروڊيوسر بيدل مسرور سان جُڙيو. ٻنهي جو جوڙ فن، ادب ۽ احساس جو خوبصورت اشتراڪ هو. بيدل مسرور نه صرف سندس همسفر بڻيو، پر سندس فني صلاحيتن کي به نئين وسعت ۽ نئون اوج عطا ڪيو. بينا جا ڪيترائي ڪامياب ڊراما بيدل مسرور جي هدايتن هيٺ ٺهيا، جن ۾ خوابن جو شهر، هار جيت، زندگي هڪ ڪُن، اميد، مورت، ساڻيهه جي سڪ، دل ڪا معاملا، دل جي دنيا ۽ مور اڏاڻا مور شامل آهن. انهن ڊرامن ۾ بينا نه فقط اداڪاري ڪئي، پر پنهنجي ڪم ذريعي سنڌي سماج جي عورت، سندس درد، سندس محبت ۽ سندس جدوجهد کي اهڙي سچائيءَ سان پيش ڪيو، جو ڏسندڙ  سندس ڪردارن ۾ پاڻ کي ڏسندا هئا. هن ڪيترن ئي ٽي وي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪئي، اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو، ۽ ٻه شاندار ڊراما ”نيلي“ ۽ ”ٽوپو“  به لکيائين.  اردو ڊرامن جي دنيا ۾ به سندس نالو وڏي عزت سان ورتو ويندو آهي. اگر، دل بنجارا، آنگن، بيٽيان ۽ جان جهان جهڙا ڊراما سندس بهترين اداڪاريءَ جا مظهر آهن.

بينا مسرور رڳو اداڪاره نه، پر دل جي گهرائين سان لکندڙ شاعرہ به هئي. 1977  ڌاري شروع ڪيل شاعري سندس احساس جو ايترو ته جاندار حصو هئي، جو سندس هر نظم مان زندگيءَ جي سچائي بکندي هُئي. سندس شاعريءَ ۾ رومان، درد، سماجي مشاهدو، عورت جي نفسيات، محبت جا رنگ ۽ زندگيءَ جون ڪيفيتون هڪ اهڙي سچائيءَ سان سامهون اچن ٿيون جو پڙهندڙ کي سندس هر نظم سان هڪ نئون احساس جُڙيل نظر اچي ٿو. هوءَ آزاد نظم، نثري نظم ۽ ٽيڙو جو جمال بخوبي ڄاڻندي هئي.  سندس شاعري گهڻو ڪري مختلف سنڌي رسالن ۾ ڇپجندي رهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”تون منهنجو محورآن“ ڇپيل آهي، جيڪو سندس فڪر، احساس ۽ فن جو دائمي يادگار آهي.

زندگيءَ جي رستن تي بينا جڏهن آخري قدم کڻي رهي هُئي تڏهن به هوءَ وقار ۽ صبر سان بيماريءَ جا ڏينهن ڀوڳيندي رهي، جيئن سندس زندگي خاموشيءَ، محبت ۽ فن سان گذري، تيئن ئي سندس ساهن جو سفر 3 ڊسمبر 2025 تي 67 ورهين جي ڄمار ۾ پڄاڻيءَ تي پهتو.

________________

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button