پوٺوھاري ٻولي ۽ ڪلچر سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي گھڻو ويجھو آھي
پوٺوھار علائقي ۾ قديم زماني کان ڌارين ۽ وحشي قومن حملا ڪري ھتان جي معصوم ۽ امن پسند ماڻھن کي پنھنجي ڏاڍ جو نشانو بنايو. ھن علائقي کي انھن ڌارين، ڦورو ۽ قاتل فوجين پنھنجي گيريزن بنائي ڇڏيو.
ڌرتي پوٺوھارين جي آھي، پر سمورو ڪاروبار استحصالين وٽ آھي. ڌرتيءَ ڌڻي مالي طور ڪمزور آھن ۽ وسيلا ڌارين وٽ آھن. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻيءَ جي ڪتاب ”پوٽھار ڏي پنڌ: اسلام آباد جو سفرنامو“ جو جائزو
نصير اعجاز
پروفيسر لعل بخش جسڪاڻيءَ جو ڪتاب ”پوٽھار ڏي پنڌ: اسلام اباد جو سفرنامو“ گذريل سال شائع ٿيو ھو جنھن ۾ حيدرآباد کان اسلام آباد تائين سفر کان وٺي اُتي پُراڻن يارن دوستن سان ميل ملاقاتن، مرگلا ھِلز، ريسٽورانٽس، ٻين مشھور جاين جو سير، يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر، اسلام آباد جي مختلف سيڪٽرن، يادگار پاڪستان، سنڌ گريجوئينٽس ائسوسيئيشن وارن سان ڪچھري ۽ اھڙن ٻين ڳالھين سميت ٽيھن کان وڌيڪ موضوعن تي لکيو ويو آھي. سفر تہ سفر ئي ھوندو آھي، پوءِ اُھو ڪنھن ٻئي مُلڪ جو ھُجي يا پنھنجي ئي مُلڪ ۾ ھڪ شھر کان ٻئي مُلڪ جو!. سفر ڪندڙ جيڪو ڪجھ ڏسي ٿو، مُشاھدو ماڻي ٿو، ماڻھن سان ميل ملاقات ٿئي ٿي، اُن کي جڏھن لکڻ ويھجي ٿو تہ اُھو مواد بہ وڏي اھميت رکي ٿو. اھڙي طرح جسڪاڻي صاحب جو ھيءُ ڪتاب بہ اھڙو ئي سفرنامو آھي جيڪو پنھنجي ئي ملڪ اندر ھڪ اھڙي علائقي جي سير سفر ۽ چاڻ سان ڀريل آھي، جنھن جي ذڪر کانسواءِ ھن خطي جي تاريخ جا ڪتاب اڻپورا رھن ٿا.

مون ھن ڪتاب ۾، انھيءَ جي عنوان جي حساب سان پوٽھار بابت معلومات ۽ مشاھدا ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي اسان پوٺوھار بہ چئون ٿا. پوٺوھار بابت اسان جي دوست ۽ پاڪستان جي نامياري اينٿروپولاجسٽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلھوڙي گھڻو لکيو آھي. جيتوڻيڪ مان پاڻ بہ اھو علائقو گھڻو گھميو آھيان پر منھنجا سفر ڪنھن ٻيءَ نوعيت جا ھئا. ڪجھ مھينا اڳ منھنجو اسلام آباد وڃڻ ٿيو تہ ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور سان ڪچھري ٿي جيڪو پڻ پوٺوھاري ھو. ٿورو گھڻو پڙھيل لکيل ۽ سُلجھيل ماڻھو ھجڻ جي ڪري پوٺوھاري ٻولي ۽ اُن ٻوليءَ جي اديبن بابت بہ ڄاڻ ھيس. سندس چوڻ ھيو تہ پوٺوھاري ٻولي پڙھائي نٿي وڃي ۽ جيڪي ليکڪ آھن، انھن کي بہ اھميت نٿي ملي، جنھنڪري اُھي اردو يا ٻين ٻولين ۾ لکن ٿا.
پوٺوھار تمام وسيع علائقو آھي. آزاد ڪشمير ويندي واٽ تي پاڪستان جي ائٽمي پلانٽ وارو علائقو ڪھُوٽا بہ پوٺوھار ۾ ئي آھي. جنھن ٽيڪسي ڊرائيور سان ڪچھري ٿي، اُھو بہ ڪھُوٽا جو ھو. پوٺوھار اصل ۾ پنجاب ڪونھي پر بدقسمتيءَ سان پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ صوبن ۾ ورھايو پيو آھي.
ڪو عام ماڻھو جيڪڏھن اھي علائقا گھمڻ ڦرڻ ويندو تہ ھُو سمجھندو تہ بس پنجاب گھمي آيو آھي. کيس انھيءَ علائقي جي تاريخ جاگرافيءَ جي خبر ئي ڪانہ ھوندي. ھن ڪتاب ۾ پروفيسر لعل بخش جسڪاڻيءَ پوٺوھار بابت نہ رُڳو ھڪ الڳ باب شامل ڪيو آھي پر ٻين بابن ۾ بہ مختلف ھنڌن تي پوٺوھار جي تاريخ جاگرافي، ٻولي، ڪلچر ۽ ماڻھن بابت لکيو آھي.
جسڪاڻي صاحب لکي ٿو:
اسلام آباد وارو پوٺوھاري علائقو گھڻو قديم ۽ تاريخي آھي، جتي آرين جا پھريان ڪٽڪ اچي لٿا ھئا. اھڙي طرح وري شڪر پِڙيان جي پھاڙن ۾ بُڌ ڀڪشوئن جي عبادتگاھن ۽ تپسيا وارا غار ۽ وھنجڻ جا تلاءَ موجود آھن جيڪي ڏسڻ وٽان آھن. ھن علائقي ۾ قديم زماني کان ڌارين ۽ وحشي قومن حملا ڪري ھتان جي معصوم ۽ امن پسند ماڻھن کي پنھنجي ڏاڍ جو نشانو بنايو. ھن علائقي کي انھن ڌارين، ڦورو ۽ قاتل فوجين پنھنجي گيريزن بنائي ڇڏيو.
پوٺوھار جي ٻولي ۽ ڪلچر بابت لعل بخش جسڪاڻي لکي ٿو تہ ھتان جا ماڻھو قديم ٻولي ۽ شاھوڪار ڪلچر جا مالڪ آھن، جيڪي پنجابي ٻولي ۽ ڪلچر کان مختلف آھن. ھُو وڌيڪ لکي ٿو تہ ھران جي ماڻھن کي گھڻ نسلي سمجھيو وڃي ٿو ڇو تہ بدقسمتيءَ سان ھيءُ علائقو ڀانت ڀانت جي ڌارين حملي آورن جو مسڪن رھيو آھي.
لعل بخش جسڪاڻيءَ موجب اسلام آباد ۾ آباد ماڻھن جو ستھٺ سيڪڙو پنجابي ڳالھائن ٿا جنھن کانپوءِ سنڌي، پشتون، پوٺوھاري، گلگتي، ھندڪو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائجن ٿيون.
”پوٺوھاري ٻولي سنڌي ۽ سرائڪيءَ سان ويجھو آھي. سڀاءُ بہ لڳ ڀڳ سنڌين جھڙو اٿن. جيئن تہ ھيءُ علائقو قديم زماني کان ڌارين ظالمن جي حملن جو مرڪز ۽ وچ ايشيائي حملي آورن لاءِ گيٽ وي ۽ گيريزن ھو، تنھنڪري ھتان جي عورتن جي عزت لُٽڻ عام ھئي. انھيءَ سبب جي ڪري ئي ھتي مختلف نسلي گروھ آھن،“ ھُو ھڪ ٻئي باب ۾ لکي ٿو.
پوٺوھاري علائقن ۾نٿيا گلي ۽ ٻيون گليات گھمندي ايبٽ آباد تائين جي سفر ۾ جسڪاڻي صاحب انھيءَ ڳالھ کي بہ محسوس ڪيو تہ ھن جنت جھڙي علائقي ۾ ڪراچي يا ٻين ھنڌن جيان ڪاروبار پٺاڻن جي قبضي ۾ آھي. ھُو لکي ٿو، ”ھتان جا اصلي رھاڪو ماڻھو پوٺوھاري آھن ۽ پوٺوھاري ٻولي ڳالھائن ٿا. سندن ننڍا ننڍا ڪاروبار آھن، مجموعي طور ڪاروبار تي پٺاڻ قابض آھن. ھنن پھاڙن تي ھوٽلون، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيو ڪاروبار پٺاڻن وٽ آھي. ٻيو تہ انتظامي طور ھيءُ علائقو خيبر پختونخواھ صوبي ۾ آھي. ”ڌرتي پوٺوھارين جي آھي، سمورو ڪاروبار استحصالين وٽ آھي. ڌرتيءَ ڌڻي مالي طور ڪمزور آھن ۽ وسيلا ڌارين وٽ آھن.“
________________
تبصرو ڪندڙ نصير اعجاز سينئر صحافي آھي



