Editor's pickMain Slideدنياڏکڻ اوڀر ايشيا

هينئر چين ۾ ’ڪميون سسٽم‘ بدران ’هائوس هولڊ فارمنگ سسٽم‘ لاڳو آهي

جڏهن ڊينگ زيائوپنگ سُڌارن جو عمل شروع ڪيو ته هن 1979ع ۾ ڪجهه پارٽي اڳواڻن جي مخالفت جي باوجود ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ کي سڄي چين ۾ لاڳو ڪري ڇڏيو

ان سسٽم هارين جي مالي حالت کي بدلائي کين وڌيڪ سُکيو ستابو ڪيو. اهو سسٽم سخت اشتراڪي نظريي جي بدران وڌيڪ آزاد هو. جيڪو اختيار ڪرڻ سان چين جي ترقي جي دور جي شروعات ٿي

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

چين اچي چيني انقلاب ۽ حڪومتي نظام بابت ڳالهه ٻولهه نه ڪجي ته ڄڻ سفر مان ڪجهه سکيو ئي ڪونه.

1949ع ۾ جڏهن عوامي جمھوريه چين جو قيام عمل ۾ آيو ته ڪميونسٽ پارٽيءَ ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ اشتراڪي فلسفي کي بنيادي اهميت ڏني. چين جي قيام وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻن جو مقصد هڪ جديد، سگهاري ۽ اثرائتي سوشلسٽ قوم بنائڻ هو. تنھنڪري چين جي آزاديءَ کان پھرين موجود سڀني سرمائيدار ڪمپنين ۽ ادارن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو. 1950ع کان وٺي 1978ع تائين چين جو معاشي نظام هڪ بئنڪ ’پيپلز بئنڪ آف چائنا‘ تائين ئي محدود رهيو. اها ئي بئنڪ مرڪزي حڪومت تحت ۽ خزاني واري وزارت جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندي هئي. اها ئي بئنڪ سينٽرل بئنڪ ۽ ڪمرشل بئنڪ طور ڪم ڪندي هئي ۽ سڀئي معاملا اها ئي بئنڪ سرانجام  ڏيندي هئي. جيستائين مائوزيتنگ جيئرو هو، ان وقت تائين چين روايتي اشتراڪي فلسفي جي سختيءَ سان پيروي ڪندو رهيو. ذاتي ملڪيت جو ڪو تصور نه هو. معاشي سرگرمين ۽ زرعي پيداوار تي مڪمل طور حڪومت جو ڪنٽرول هو. شھرين کي هڪ رٿابنديءَ تحت کاڌي پيتي ۽ ضرورت جون ٻيون شيون ملنديون هيون. معيشت جي ان اشتراڪي بندوبست سبب چين کي زرعي پيداوار ۾ ڪمي ۽ ڏڪار کي منھن ڏيڻو پيو.

پر هاڻ صورتحال بدلجي چڪي آهي. اهو دور ته ماڻهن کي هاڻ ڄڻ ياد ئي ڪونهي، جڏهن شھرين تي خوراڪ ۽ لباس جي معاملي ۾ راشن بندي يا ڪوٽا جي پابندي هئي (مرد توڙي عورتون هڪ ئي رنگ جا ڪپڙا پھريندا هئا) ۽ هاڻ ڳالهه اتي اچي بيٺي آهي جو هوٽلن جون قطارون، غير ملڪي فوڊ آئوٽ ليٽس ۽ ڪپڙن جون نت نيون ڊزائيون ۽ نمونا، چيني مرد توڙي عورتون جديد فيشن وارا ڪپڙا پايو پيا هلن. اها تبديلي ڪيئن آئي.؟

1978ع ۾ چين ۾ سُڌارن جو عمل شروع ٿيو، انهن سڌارن جي عمل جو اڳواڻ ڊينگ زبائوپنگ (Deng Xiaoping) هو. جنھن ان وقت چين جي اشتراڪي مارڪيٽ ۾ مارڪيٽ پرنسپل (Market principle) متعارف ڪرايو. سڌارن جو اهو عمل مختلف دورن ۾ ٿيو. 1970ع ۽ آخر ۽ اسي واري ڏاڪي جي شروع ۾ ان جو پھريون مرحلو شروع ٿيو. ان مرحلي ۾ زرعي شعبي، پر ڏيھي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ گهربل اجازت جي حوالي سان سڌارن جو عمل شروع ڪيو ويو. پر ان پھرينءَ مرحلي ۾ گهڻي تڻي صنعت حڪومت جي هٿ ۾ رهي. ٻيو مرحلو 1980ع جي آخر ۽ 1990ع جي شروعات ۾ ٿيو. ان دوران نجڪاري جو واڌارو، رياستي ملڪيتي ادارن کي ٺيڪن تي ڏيڻ ۽ پرائس ڪنٽرول ختم ڪيو ويو ۽ نيون پاليسيون ۽ قانون جوڙيا ويا ۽ نجي سيڪٽر ۾ واڌارو ٿيو. جنھن سان غربت ۾ ڪمي ۽ آمدني ۾ واڌارو ٿيو. زرعي شعبي ۾ سڌارن جو عمل 1978ع کان 1984ع تائين ٿيو. جنھن ۾ سڀ کان پھرين ’هائوس هولڊ ريسپانسلٽي سسٽم‘ جي شروعات ڪئي ويئي. ان سسٽم جي شروعات جو سلسلو به دلچسپ آهي. چين ۾ زمين جي نجي ملڪيت جو ڪو تصور ڪونهي. اهو نظام زراعت ۾ به لاڳو هو. جتي هاري گڏيل پوکي راهي ڪندا هئا. نامناسب زرعي پاليسين ۽ حڪومتي بي ڌيانيءَ سبب چين کي 1950ع جي آخر ۾ ۽ 1960ع جي شروعات ۾ سخت ڏکاين ۽ ڏڪار کي منھن ڏيڻون پيو. اهڙي صورتحال ۾ چين جي علائقي Chengdu (چينگ ڊو) جي هڪ ڳوٺ جي رهاڪن 1960ع جي شروع ۾ وقت جي حڪومت جي پاليسيءَ جي خلاف وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هنن ”عوامي ڪميون‘ جي بدران ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڪميون جي زمين کي هرڪٽنب ۾ هڪ جيترو ورهايو ويو ۽ هر ڪٽنب پنھنجي حصي ۾ ايندڙ زمين تي پوکي ڪرڻ جو ذميوار هو ۽ جڏهن فصل تيار ٿي ويندو هو ته هر ڪٽنب پنھنجي حصي جي رياستي ڪوٽا ڏيڻ جو پابند هو. ان سسٽم ۾ اهو فائدو هو ته رياستي ڪوٽا ڏيڻ کان پوءِ جيڪو فصل بچندو هو، اهو اُن ڪُٽنب جو هوندو، جيڪو اهو مارڪيٽ ۾ وڪڻي وڌيڪ ناڻو ڪمائي ٿي سگهيو. ان سسٽم جو اطلاع 1962ع ۾ بيجنگ جي مرڪزي حڪومت تائين پھتو. حڪومت فوري طور تي اهو ختم ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون ۽ پراڻو سسٽم جاري رکڻ جو چيو. ڳوٺاڻن حڪومتي فيصلي کي مڃي ورتو. اڳتي هلي 1970ع ۾ اهو نظام ٻيھر اُڀريو. جڏهن ان ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ سسٽم جو اطلاع ’ڊينگ زيائوپنگ‘ تائين پھتو ته هن ان ۾ وڏي دلچسپي ورتي. ڊينگ زيائوپنگ جي ساٿين انهوئي (Anhui) ۽ سيچوان (Sichuan) ۾ ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ جا آزمائشي تجربا ڪيا. جڏهن ڊينگ زيائوپنگ سُڌارن جو عمل شروع ڪيو ته هن 1979ع ۾ ڪجهه پارٽي اڳواڻن جي مخالفت جي باوجود ان ’هائوس هولڊ فارمنگ‘ کي سڄي چين ۾ لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ صوبائي اڳواڻن کي پنھنجن حدن ۾ ان سسٽم کي جاري ڪرڻ جون هدايتون به ڪيون. جيتوڻيڪ زمين اڃا به رياست جي ئي ملڪيت هئي، پر ڪُٽنبن کي پندرهن سالن جي ليز تي پوکيءَ لاءِ ڏني ويئي. کين رياستي ڪوٽا پوري ڪرڻي هئي، واڌو فصل سندن ٿيڻون هو. اڳتي هلي ان ليز جي مدت ۾ واڌارو ڪيو ويو. 1993ع ۾ ان جي مدت پندرهن سالن مان وڌائي ويھه سال ڪئي ويئي ۽ 2003ع ۾ اها وڌائي ٽيھه سال ڪئي ويئي. ’هائوس هولڊ ريسپانسيبلٽي سسٽم‘ ڏاڍي تيزي سان وڌيو. 1984ع تائين چوويھه ملين گهراڻا ان سسٽم ۾ شامل ٿيا. هڪ ڏھاڪي جي اندر ئي هارين جي آمدني 47 ڊالرن مان وڌي 105 ڊالرن تائين پھچي ويئي. اسي واري ڏھاڪي ۾ زرعي پيداوار ۾ ساليانو پنج سيڪڙو واڌارو ٿيو. ان سان گڏوگڏ مخصوص زرعي پيداوار جي به شروعات ٿي. ڪئش ڪراپ ۽ لائيو اسٽاڪ به ان ڏهاڪي ۾ شروع ٿي. ان سسٽم هارين جي مالي حالت کي بدلائي کين وڌيڪ سُکيو ستابو ڪيو. اهو سسٽم سخت اشتراڪي نظريي جي بدران وڌيڪ آزاد هو. جيڪو اختيار ڪرڻ سان چين جي ترقي جي دور جي شروعات ٿي، هينئر چين ۾ ’ڪميون سسٽم‘ بدران ’هائوس هولڊ سسٽم‘ لاڳو آهي.

اهي ئي قومون ترقي ڪري اڳتي وڌن ٿيون، جيڪي حالتن جي تقاضائن موجب پنھنجي سسٽم کي بدلائين ٿيون ۽ ان ۾ سُڌارا ڪن ٿيون، ۽ چين ان جو روشن مثال آهي.

______________  

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مضنف آھي. ھن وقت چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button