Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

پاڪستان ۾ چينين تي ٿيندڙ دهشتگرد حملا وٽن اڪثر بحث جو موضوع هوندا آهن

هُو اهو چئي ناراضگيءَ جو اظھار ڪندا آهن ته، ”چين ته پاچيستان جي مدد ٿو ڪري، پوءِ به پاچيستاني چينين کي ڇو ٿا مارين.“

چيني خوش ٿين يا مذاق ڪن ته يا ته هپس تي ڌڪ هڻن يا ٽنگ ابتي ڪري اِٽَ اڳلي جي ھِپس کي هڻن ۽ پوءِ کلن

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان

يوسف سنڌي

ايڪٽيھين آڪٽوبر 2024ع: هاڻ جيئن واپس ورڻ جا ڏينھن ويجها پيا اچن ته فرمائشون به وڌنديون پيون وڃن، ڪا چوي ته منھنجي لاءِ ڪا سوکڙي وٺي اچج ته ڪو وري چوي ته چين مان منھنجي لاءِ ڇا آڻيندي؟ تنھنڪري اڄ ’ڇائو يانگ اسڪوائر‘ وياسين ۽ ٻارن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ورتوسين. وڏا ته پنھنجي جاءِ تي پر ننڍن ٻارن جو ته حق ٿئي ٿو ته دادا ۽ نانا بابا اسان جي لاءِ ڪجهه وٺي اچن. جڏهن هيڏانھن پي آياسين ته منھنجو ڏهٽو ارباز ايئرپورٽ تائين آيو هو ۽ پنھنجي ٻاتي ٻوليءَ ۾ چيائين، ’نانا بابا! ماما وشال منھنجا گفٽ وٺي ڏيندو، اوهان اهي کڻي اچجو.“ وري پوءِ فون ڪري چيائين، ”نانا بابا، اوهان ايندا ته اڳ ۾ ٻڌائجو ته اچي پنھنجون شيون کڻي وڃان.“ تنھنڪري اڄ ڇائو يانگ اسڪوائر مان ٻارڙن ۽ ٻين لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ورتوسين.

گهر پھتاسين ته ڳالهيون ڪندي وشال ويو ۽ ڪمري مان وڃي هڪ ڇلو کڻي آيو ۽ منھنجو هٿ وٺي ان جي چيچ ۾ وڌائين. ”ابو هاڻ هي لاهجو نه.“ چيائين.

مون چيچ کڻي ڏٺو ۽ ايئن ئي چيم، ”سون جو آهي؟“ ”ها سون جو آهي.“ وشال وراڻيو. جنھن تي ماڻهنس مون ڏانھن ڪرڙي اک سان ڏٺو ته چيومانس، ”ديشياڻي، هتي آءٌ ٿو پانيان. حيدرآباد هلي تنھنجي حوالي ڪندس. مون کي قاسم آباد ۾ اها پائي چيچ ٿوري ڪٽرائڻي آهي.“ جنھن تي پاڻ ۽ وشال مُرڪي پيا.

”منھنجي چاندي جي هڪڙي ڏاڍي سٺي چين هئي. جيڪا جڏهن اوهان کي گوانچو وٺڻ پي آياسين ته ٽرين ۾ مريم ڪٿي وڃائي ڇڏي. اها مون کي ڏاڍي وڻندي هئي، ۽ ڪيترا سال مون وٽ هئي. اها مون کي هڪ گرل فرينڊ ڏني هئي.“

”وشو، چائنا ۾ اچي گهڻيون گرل فرينڊس ڪيئي؟“مون کلندي پڇيومانس.

”جامَ….“وشال کلندي چيو، جنھن تي کلندي ماڻهنس کي چيم،”ڏٺئي پُٽھين جا ڪمَ..! “ جنھن تي کلي پيئي.

چين ۾ بہ ڪي اھڙيون ڪميونٽيز آھن جيڪي سنڌين وانگر ھٿ ٻڌي نياز نئڙت سان ملندا آھن

”انهن مان هڪ کشين نيٺ توکي ڦاسائي وڌو. “مون ٽھڪ ڏيندي چيو. پنھنجو نالو ۽ منھنجو ٽھڪ ٻڌي کشين مُرڪندي سواليا نظرن سان وشال ڏانھن ڏٺو. وشال ترجمو ڪري ٻُڌايس ته ابو هيئن ٿو چوي، جنھن تي کلندي کڻي وشال جي Hips تي ٿف هنيائين.

هتي چيني خوش يا مذاق ڪن ته يا ته هپس تي ڌڪ هڻن يا ٽنگ ابتي ڪري اِٽَ اڳلي جي ھِپس کي هڻن ۽ پوءِ کلن. ڪجهه ڏينھن اڳ جڏهن ڪيڏانھن گڏ پي وياسين ته وشال ايئن ئي کشين کي Hips تي ڌڪ هنيو ۽ پوءِ اسان کي چيائين ”هاڻ ڏسجو ڪيئن ٿي بدلو وٺي“ اڃا ٻه چار منٽ مس گذريا ته کشين ٽنگ ورائي وشال کي اِٽَ هنئي. جنھن تي ڏاڍو کلياسين.

مون کشين کي چيو ته اوهان پاڪستان ڪڏهن ايندؤ؟ جنھن تي کشين چيو پاچيستان نه اينديس، اتي دهشتگردي آهي. مون کي ماري ڇڏيندا. پوءِ هٿ جون آڱريون اُڀيون ڪري ”ٺشون ٺشون“ ڪيائين.

پاڪستان ۾ چينين تي ٿيندڙ دهشتگرد حملا، چينين وٽ اڪثر بحث جو موضوع هوندا آهن ۽ هو اهو چئي ناراضگيءَ جو اظھار ڪندا آهن ته، ”چين ته پاچيستان جي مدد ٿو ڪري، پوءِ به پاچيستاني چينين کي ڇو ٿا مارين.“ کشين تي به ان ڳالهه جو اثر هو، تنھنڪري اهو جواب ڏنائين.

ٻارهين ڌاري ابوذر اقبال مليو، چيائين انڪل اڄ ڪتابن جو ڌڪ گُسي ويو، پڇيم ڪيئن، چيائين ته گروپ ۾ ميسيج آيو هو ته اڄ لئبرري ۾ گفٽ طور کڻڻ جي لاءِ ڪتاب رکيا ويندا. ان ڪري سوير به اٿيس، پر جيسين لئبرري پھتس، تيسين کڻڻ وارا سڀ ڪتاب کڻي ويا. چيم يار ڏاڍي ٿي. شام جو مليو ته هڪ ڪتابCommon knowledge about Chinese History ڏنائين ته اهو هڪ دوست وٽ پيو هو. جيڪو اوهان جي لاءِ کڻي آيو آهيان. چيم: يار تنھنجي مھرباني بس آئنده ڪتابن جو اهو ڌڪ اصل نه گُسڻ گهرجي.

________________

يوسف سنڌي ناميارو ليکڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آھي. اڄڪلھ چين ۾ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button