Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

وقت ٿو سڀ کي سڏي اڳتي وڌو، ايندي خود منزل تڏي اڳتي وڌو

شاعر بيخود بلوچ جي ٻارن لاءِ شاعريءَ جي ڪتاب اڳتي وڌو تي تبصرو

مجيد نواز مغل

ساٿيو سستي ڇڏي اڳتي وڌو

وقت ٿو سڀ کي سڏي اڳتي وڌو

بس اوھان وڌندا رھو بيخود چوي

ايندي خود منزل تڏي اڳتي وڌو

بيخود بلوچ پڪو پختو ۽ حسين لفظن جو حسين شاعر آھي ـ ھن پنھنجي ٽھيءَ ۾ ھڪ الڳ مقام جوڙي ورتو آھي ـ سندس شاعري سنڌ جي مظلوم ماڻھن ۽ پورھيتن جا لازوال داستان ظاھر ڪري ٿي ـ ھن اڄ جي جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ ننڍن ۽ معصوم ٻارڙن جي چاھ موجب شاعري ڪري پاڻ ملھايو آھي ـ

اڳتي وڌو ڪتاب جو ٽائيٽل ۽ موضوع ڪتاب جي نالي سان سئو سيڪڙو ٺھڪي اچي ٿو ـ شاندار ڪور ۽ سٺو پنو استعمال ڪيل آھي ـ بيخود بلوچ پنھنجو ھي شعري ڳٽڪو پنھنجي مرحوم والد ڪامريڊ نصر الله جسڪاڻي، جيڪو پاڻ پورھيت دوست انسان دوست شخصيت جو مالڪ ھو ۽ پنھنجي جيجل امڙ کي ارپيو  آھي ـ پبلشر نوٽ مختصر پر جامع لفظن تي ٻڌل آھي ـ مھاڳ سھڻي شاعر ۽ راڳي اختر درگاھيء لکيو آھي ـ جنھن ۾ بيخود بلوچ جي شخصيت ۽ شاعريء تي واضح طور روشني وڌي وئي آھي ـ

ٻارن لاء تمام گھٽ ادب تخليق ٿي رھيو آھي پر ڪجھ وڏڙا اديب ۽ شاعر اڃان لکن پيا ـ جنھن ۾ بيخود بلوچ پڻ شامل آھي ـ بيخود پنھنجي ڪتاب اڳتي وڌو ۾ سولن لفظن ۾ ٻارن کي مختلف قسم جي شين بابت ڄاڻ فراھم ڪئي آھي ـ ھن ٻارن کي جامع قسم جي معلومات ڏيڻ خاطر ڪيترائي اھم نقطا ۽ موضوع کنيا آھن، جھڙوڪ 1992ع جي جنگ ۾ بغداد مٿان بمباريء ۾ ڦٽجي ويل عراقي ٻارن جي بي بي سي تي ٻڌل چيخ تي قلم کنيو اٿين ـ ھن نظم ۾ بيخود ڏيکاريو آھي ڄڻ عراقي جنگ سندس اکين آڏو ٿي ۽ زخمي عراقي ٻار شھيد ۽ زخمي سندس ئي آڏو ٿين پيا ـ ھن نظم ۾ سندس سٽون نھايت پياريون ۽ عراقي ٻارن لاء اتساھ جو پيغام آھن ته نيٺ سوڀ حق جي ٿينديئ امن ۽ سک جو سج نيٺ اڀرندو ـ

 نامياري صوفي ڳائڻي عابدہ پروين تي لکيل نظم پڻ شاندار آھي ـ شاھ لطيف جي رسالي بابت نظم ۾ شاھ لطيف جي شاعري ۽ شخصيت کي سولي پيرائي ۾ بيان ڪيو اٿس ـ

شاھ جو آھي رسالو سون

پل پل ان کي پڙھجي ڇو نہ

ليلي چنسر سر سارنگ

مومل راڻو پيار جو رنگ

بيخود بلوچ لفظن جو ماھر ۽ ڄاڻو شاعر آھي پر ٻارڙن لاء سادي ۽ سولي ٻولي استعمال ڪري ٿو ـ اڳتي وڌو ڪتاب پڻ انجو بھترين مثال آھي ـ ٻارن کي سندن آسان زبان ۾ جامع معلومات سان سمجائڻ جو ڏانءُ ڪنھن ڪنھن شاعر کي ايندو آھي ـ بيخود بلوچ انھيء ۾ مڪمل ريت ڪامياب ويو آھي ـ ان ڪتاب جي قيمت پڻ مناسب آھي ـ ٻارن جي موضوع تي لکڻ کي سولو سمجھڻ غلط آھي ڇاڪاڻ ته ٻارن جي سمجھاڻي لاء مختلف قسم جا طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا ـ

منھنجي نظر ۾ بيخود جي انھيء ڪتاب جي شاعريءَ کي ٻارن جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته تمام سٺو ٿيندو ـ پنھنجي استاد نامياري شاعر ۽ صحافي سيد اظھر گيلانيءَ تي لکيل نظم، ھاريءَ جي ٻار جو گيت، ٿري ٻار ، پورھيت ٻار ۽ معصوم مکڙيون پڻ شاندار  نظم آھن ـ

ٻارن جو ڏينھن آھي ٻارن جو گيت آھي

دل سان پڙھي جو چاھي ٻارن جو گيت آھي ـ

______________

Majeed Nawaz Mughal-TheAsiaN

مجيد نواز مغل صحافي آھي ۽ سکر ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button