ڪراچي انگريزن جي اچڻ کان اڳ به هڪ وڏو معاشي مرڪز هو
انگريزن جي آمد کان اڳ به ڪراچيءَ جي قلعي بند شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ واپار جو هڪ نظام قائم هو. هتي جُھونا مارڪيٽ، مڇي مياڻي ۽ جُوڙيا بازار جهڙيون منڊيون موجود هيون جتي اُٺن جا قافلا شاهراهہ ريشم ۽ ٻهراڙيءَ واري سنڌ مان مال کڻي ايندا هئا. جڏهن 1839ع ۾ برطانوي راڄ هن شهر جو ڪنٽرول سنڀاليو، ته هنن تجارتي ڍانچي کي جديد نموني ٺاھيو. انگريزن پنهنجي گورن آفيسرن ۽ ڪينٽونمنٽ جي ايليٽ طبقي لاءِ ايمپريس مارڪيٽ جهڙي وسيع ۽ برطانوي طرزِ تعمير واري منڊي قائم ڪئي، پر ساڳئي وقت هنن مقامي آبادين جي اندر موجود قديم مارڪيٽن کي نه رڳو جديد بڻايو پر نون مارڪيٽن جو بنياد پڻ رکيو.

ليکڪ: ابراهيم صالح محمد
تاريخ جي پنن ۾ جڏهن به ڪراچي جو ذڪر پڙھجي ٿو، ته اهو سچ روزِ روشن وانگر چٽو ٿي وڃي ٿو ته هزارين سال قديم هي بندرگاهي شهر ڪنهن بادشاهه جي فرمان يا ڪنهن فاتح جي تلوار جي پاڇي ۾ آباد ناهي ٿيو، پر ان جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت سامونڊي تجارت، ميرٽ ۽ اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي.
ارڙهين صديءَ ۾ لسٻيلي جي قديم ۽ مصروف بندرگاهه ‘کارڪ بندر’ جڏهن سامونڊي مٽيءَ جي ڪري تيزيءَ سان تباهيءَ جو شڪار ٿي بحري جهازن لاءِ ناڪاره بڻجي ويو، ته اتان جي مياڻي مهاڻن، هنرمندن ۽ تاجرن لڏپلاڻ جو فيصلو ڪيو. اهي قافلا موجوده ٽاور، کارادر ۽ مٺادر جي هڪ اڀي ٽڪريءَ تي اچي آباد ٿيا. هتان ئي ‘اولڊ ٽائون ڪوٽ’ يا قلعي جو بنياد پيو. هي قلعي بند شهر انگريزن جي آمد کان اڳ پنهنجي دفاعي ۽ تجارتي حدن اندر محدود هو، پر ان جي اندر هڪ اهڙو معاشي لاوو پچي رهيو هو جنهن اڳتي هلي ننڍي کنڊ جي سڀ کان وڏي اناج منڊي ۽ پاڪستان جي معاشي انجڻ جو روپ اختيار ڪيو.
انگريزن جي آمد کان اڳ به ان قلعي بند شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ واپار جو هڪ ڳنڍيل نظام قائم هو. هتي جُھونا مارڪيٽ، مڇي مياڻي ۽ جُوڙيا بازار جهڙيون منڊيون موجود هيون جتي اُٺن جا قافلا شاهراهہ ريشم ۽ ٻهراڙيءَ واري سنڌ مان مال کڻي ايندا هئا. جڏهن 1839ع ۾ برطانوي راڄ هن شهر جو ڪنٽرول سنڀاليو، ته هنن ڏٺو ته هي شهر هڪ سون جي جھرڪي آهي، پر ان جي تجارتي ڍانچي کي جديد نموني ٺاھڻوپوندو. انگريزن پنهنجي گورن آفيسرن ۽ ڪينٽونمنٽ جي ايليٽ طبقي لاءِ ايمپريس مارڪيٽ جهڙي وسيع ۽ برطانوي طرزِ تعمير واري منڊي قائم ڪئي، پر ساڳئي وقت هنن مقامي آبادين جي اندر موجود قديم مارڪيٽن کي نه رڳو جديد بڻايو پر نون مارڪيٽن جو بنياد پڻ رکيو. هي تجارتي دائرو رڳو صدر يا ٽاور تائين محدود نه هو، پر ان جو ڦهلاءُ لياري، بندر روڊ ۽ اولڊ ٽائون جي علائقن تائين پکڙيل هو.
قلعي بند شهر جو مرڪز

مڇي مياڻي، جھونا مارڪيٽ ۽ کجور بازار
ڪراچي جي تجارتي تاريخ جو پهريون سنگِ ميل اهي منڊيون هيون جيڪي کارادر (کارو دروازو، جيڪو سمنڊ جي لوڻياٺي لهرن ڏانهن کلندو هو) ۽ مٺادر (مٺو دروازو، جيڪو لياري نديءَ جي مٺي پاڻي جي کوهن ڏانهن کلندو هو) جي ڪوٽ جي بلڪل پاڇي ۾ آباد هيون.
مڇي مياڻي
هي ڪراچي جي تاريخ جي قديم ترين مڇي منڊي هئي جتي مياڻي جا مهاڻا پرهه ڦٽي جو پنهنجون ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاهيندا ۽ تازي مڇيءَ جو واپار ڪندا هئا. انگريزن کان اڳ هيءَ منڊي هڪ ڪچي ميدان جي شڪل ۾ هئي، پر پوءِ ميونسپلٽيءَ ان جي فرش کي پڪو ڪيو ۽ ان کي هڪ باقاعده تجارتي سڃاڻپ ڏني.
جھونا مارڪيٽ
جھونا جو مطلب ئي ‘پراڻي’ آهي. هي اولڊ ٽائون جي اها دل هئي جتي گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ راجپوتانا جا تاجر ديسي گيهه، اناج، ڪپهه ۽ گرم مصالحن جا ٿاڪ (آڙهت) لڳائيندا هئا. هيءُ مارڪيٽ ان ڳالهه جو ثبوت هو ته ڪراچي انگريزن جي اچڻ کان اڳ به هڪ پاڻمرادي معاشي ايڪائي هو.
کجور بازار
لياري جي ڪنارن ۽ اولڊ ٽائون جي سنگم تي واقع هي بازار مڪران، ايران ۽ بصره کان بحري رستن ۽ اُٺن جي قافلن ذريعي ايندڙ کجورن جي سڀ کان وڏي منڊي هئي. ان بازار کي ڪڇي ميمڻ ۽ بلوچي تاجرن رونق بخشي، ۽ هي کجور جي واپار جو اهڙو بين الاقوامي مرڪز بڻيو جتان مال سڄي هندستان کي سپلاءِ ٿيندو هو.
هول سيل واپار جومرڪز: جوڙيا بازار ۽ بولٽن مارڪيٽ
جڏهن قلعي جون ديوارون شهر جي وڌندڙ تجارتي دٻاءُ کي برداشت نه ڪري سگهيون ۽ کين ڊاهي پٽ ڪيو ويو، ته جوڙيا بازار ۽ ان جي چوڌاري وارو علائقو هول سيل بزنس جو مرڪز بڻجي ويو.
جوڙيا بازار
هي مارڪيٽ پنهنجي نالي وانگر ‘جُڙيل’ يا جوڙوان منڊين جو مجموعو هو. هتي هندو واپارين کان سواءِ ميمڻ، خوجا ۽ بوهري برادري جي تاجرن پنسار، ڄڙي ٻوٽين، خشڪ ميون ۽ ڪيميڪلز جو اهو ڪاروبار شروع ڪيو.

بولٽن مارڪيٽ (1883ع)
انگريزن اولڊ ٽائون جي ديسي تاجرن کي هڪ ڇت هيٺ آڻڻ لاءِ ڪراچي ميونسپلٽي جي پهرين ڪليڪٽر ۽ صدر سي ايف بولٽن (C.F. Boulton) جي نالي تي ان عظيم الشان مارڪيٽ جو بنياد رکيو. هيءُ مقامي آباديءَ لاءِ ٺاهيل پهريون باقاعده ميونسپل مارڪيٽ هو جتي گوشت، ڀاڄيون ۽ ميوا هول سيل اگهن تي وڪامندا هئا، جنهن ڪراچي جي تاجرن کي بين الاقوامي خريدارن سان ڳنڍي ڇڏيو.
ٽاور جي ويجهو ڪپڙي جون تاريخي منڊيون ۽ جيڪسن مارڪيٽ
شهر جو ڦهلاءُ جيئن ئي وڌيو، ته ٽاور ۽ ڪياماڙيءَ جي پسگردائيءَ ۾ نوان تجارتي افق بڻجي اڀريا.
لڪشمي داس ۽ گورڌن داس مارڪيٽ ۽ چاگلا اسٽريٽ (ٽاور)
ٽاور ۽ نيوز چالي جي ويجهو واقع هي علائقو ننڍي کنڊ ۾ ڪپڙي جي واپار جو سڀ کان وڏو ڳڙهه بڻجي ويو. بمبئي ۽ مانچسٽر کان ايندڙ ڪپڙو سڀ کان اڳ هتي ئي لهندو هو. هتي هندو ڀاٽيا، لوهاڻا سيٺين ۽ مالدار ميمڻ خاندانن (جهڙوڪ چاگلا برادري) عاليشان ڪپڙا مارڪيٽ قائم ڪيا. اهي مارڪيٽ ايترا بااثر هئا جو ننڍي کنڊ جي ٻين شهرن جا تاجر ڪپڙي جا اگهه معلوم ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي انهن سيٺين جي خطن جو انتظار ڪندا هئا.
جيڪسن مارڪيٽ ڪياماڙي
ڪياماڙي جيٽي (بندرگاهه) جي بلڪل ويجهو قائم ٿيندڙ هيءَ مارڪيٽ برطانوي دور جي بندرگاهي انجنيئرن ۽ نيول آفيسرن جي ضرورتن لاءِ شروع ٿيو. ان جو نالو پورٽ ٽرسٽ جي برطانوي عهديدار جي اي جيڪسن جي نالي تي رکيو ويو هو. هيءُ مارڪيٽ بحري جهازن جي عملي، پرڏيهي شين، اليڪٽرانڪس ۽ ڪسٽم جي اسڪريپ جي خريد و فروخت جو هڪ منفرد مرڪز بڻيو جنهن ساحلي معيشت کي نئين زندگي ڏني.

حسن علي هوتي مارڪيٽ ۽ هندو، پارسي مخير شخصيتن جو ڪردار
ڪراچيءَ کي “عروس البلاد” (شھرن جي ڪنوار) بڻائڻ ۾ هتي جي مقامي هندو، پارسي ۽ مسلم شخصيتن پنهنجي کيسن مان فنڊ ڏنا ۽ زمينون وقف ڪيون.
حسن علي هوتي مارڪيٽ (رنڇوڙ لائين): هيءَ تاريخي مارڪيٽ 1926ع ۾ تعمير ڪيو ويو. هيءُ مارڪيٽ رنڇوڙ لائين (گزدر آباد) ۾ برنس اسٽريٽ ۽ نبي بخش روڊ جي ڪنڊ تي واقع آهي. حسن علي هوتي صاحب ان مارڪيٽ جي تعمير لاءِ پنهنجي ذاتي زمين وقف ڪئي هئي. گوٿڪ طرزِ تعمير تي ٻڌل هيءَ مارڪيٽ وي (V) شڪل ۾ ٻن بلاڪن تي مشتمل آهي ۽ پنهنجي دور ۾ ايمپريس مارڪيٽ جيترو ئي شاندار هو. هيءُ مارڪيٽ رنڇوڙ لائين جي لوهارن، سنگتراشن ۽ هنرمندن جو معاشي مرڪز بڻيو، جتي روزمرهه جو راشن ۽ هارڊ ويئر جو سامان هول سيل تي ملندو هو.
سيٺ نائومل هوتچند
انگريزن جي آمد کان اڳ ۽ پوءِ، ان هندو واپاري شخصيت شاهي بازار ۽ جُوڙيا بازار جي شروعاتي ڍانچي ۾ واڻين ۽ مارواڙي واپارين کي متحرڪ ڪيو ۽ بندرگاهه جي ذريعي واپار کي هٿي ڏني.
جيوني بائي ۽ پارسي اشرافيه
سولجر بازار ۽ ان جي آسپاس مارڪيٽ قائم ڪرڻ ۾ پارسي برادري جو وڏو هٿ هو. جيوني بائي مقامي ماڻهن لاءِ راشن ۽ سبزي مارڪيٽ لاءِ زمين ۽ فنڊ وقف ڪيا. اهڙي طرح “ايڊلجي ڊنشا” اولڊ ٽائون جي پاسن ۾ تجارتي گودامن لاءِ زمين فراهم ڪئي.
جمشيد نسروانجي
پارسي برادريءَ سان تعلق رکندڙ ڪراچي جي پهرين ميئر، جمشيد نسروانجيءَ اولڊ ٽائون جي انهن سمورن قديم مارڪيٽن کي رستن، پيئڻ جي پاڻي ۽ نڪاسي جي جديد نظام سان ڳنڍيو، ته جيئن ديسي تاجرن کي بمبئي جهڙيون سهولتون ملي سگهن.
صدر کان ٻاهر ڦهلاءُ
برطانوي راڄ دوران اهو تاثر عام هو ته انگريز رڳو ڪينٽونمنٽ ۽ صدر کي ترقي ڏئي رهيا آهن، پر تاريخ گواهہ آهي ته مقامي آباديءَ لاءِ صدر کان ٻاهر وڏا معاشي مرڪز قائم ڪيا ويا.

لي مارڪيٽ (1927ع)
لياري ۽ اولڊ ٽائون جي سنگم تي واقع هيءَ مارڪيٽ ڪراچي ميونسپليٽي جي مخلص انجنيئر هيرالڊ فلپ لي (H.P. Lee) جي نالي تي ٺاهيو ويو هو. ان جو شاندار ڪلاڪ ٽاور ۽ اهرام نما ڇتيون اڄ به گواهہ آهن ته هيءُ انهن غريب لاسي مهاڻن، مزدور پيشه ڪڇين ۽ بلوچن لاءِ ٺاهيو ويو جيڪي صدر جي مهانگي ايمپريس مارڪيٽ جو رخ نہ ڪري سگهندا هئا.
کوڙي گارڊن ۽ پنسار مارڪيٽ
هي رڳو هڪ باغ نه هو پر ان جي چوڌاري ديسي دوائن، مصالحن ۽ ريشم جي شاهراهہ تان ايندڙ مال جو اهو ڳڙهه هو جتي روزانو لکين روپين جو ڪاروبار ٿيندو هو.

ليمبرٽ مارڪيٽ، نيو چالي ۽ لائٽ هائوس
بندر روڊ(ايم اي جناح روڊ) جي ٻنهي پاسن تي بنجندڙ مارڪيٽن ڪراچي کي هڪ بين الاقوامي بندرگاهي شهر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
لائٽ هائوس ۽ ڪٻاڙي بازار
هي علائقو جهازن تان لهندڙ اسڪريپ، لوهه جي درن ۽ پراڻن ڪپڙن جي منڊي بڻجي ويو، جنهن مقامي غريب ۽ مڊل ڪلاس کي سستو خام مال فراهم ڪيو.
نيو چالي ۽ دال بازار
هي اناج جي واپار جو اهو نئون دائرو هو جيڪو بندرگاهه جي ويجهو هجڻ جي ڪري هندو لوهاڻا، ڀاٽيا ۽ مسلم تاجرن قائم ڪيو ته جيئن برآمد ۽ درآمد جا فائل جلدي ڪليئر ٿي سگهن.
ليمبرٽ مارڪيٽ
ان مارڪيٽ جو نالو سن 1867ع ۾ ڪراچي جي ضلعي مئجسٽريٽ جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ برٽش انڊيا دور جي انگريز آفيسر W R LAMBERT جي نالي تي رکيو ويو هو ۽ سن 1919ع جي صوبي سنڌ جي گزٽ نوٽيفيڪيشن موجب ڪبوتر خاني جي شڪل جو هيءُ مارڪيٽ شهرين کي خوراڪ جو سامان فراهم ڪندو هو پر بدقسمتي سان ڏهاڪا اڳ شهر جي ان يادگار “ليمبرٽ مارڪيٽ” کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. ان جڳهه تي هاڻي به تاريخي عمارتون موجود آهن سواءِ ان مارڪيٽ جي، جيتوڻيڪ سن 1950ع تائين هيءَ مارڪيٽ ڪراچي ۾ موجود هو. ان مارڪيٽ جي چوڌاري دوائن ۽ جراحي (سرجري) جي سامان جا دڪان قائم ٿيا، جنهن جي پٺيان هندو سيٺين جي سيڙپ هئي.
مصلحت ۽ اڻلڀ تاريخ
اڄ جڏهن اسان ڪراچي جي انهن قديم مارڪيٽن، سندن بانين ۽ انهن جي شاندار ماضي کي ڏسون ٿا، ته موجوده ڪراچيءَ جو ڍانچو اسان کي رت جا ڳوڙها روئاري ٿو. اهو شهر جنهن کي پارسين، هندن ۽ ميمڻن پنهنجي رت ۽ پگهر سان ٺاھيو، جتي بلدياتي ادارن کي اختيار ڏئي شھر کي ترقي ڏئي مارڪيٽ قائم ڪيا ويا، اهو اڄ بدترين طرزِ حڪمراني ۽ سياسي ڇڪتاڻ جي ڪري کنڊر جو منظر پيش ڪري رهيو آهي.
انگريز دور جي ٺيڪيداري نظام ۾ جيڪڏهن ڪو چوري ڪندو هو ته اهو بليڪ لسٽ ٿي ويندو هو، پر اڄ يونيورسٽي روڊ هجي يا اولڊ ٽائون جون گھٽيون، هر ترقياتي فنڊ جو هڪ وڏو حصو ڪرپشن جي نظر ٿي وڃي ٿو ۽ هر چوماسي ۾ اهي تاريخي بازارون ٻڏي وينديون آهن. ڪراچيءَ جي انهن مارڪيٽن جي تاريخ اسان کي اهو سيکاري ٿي ته شهر ميرٽ، قانون جي حڪمراني ۽ خلوصِ نيت سان ٺهندا آهن. جيستائين اسان انهن بانين جي نقشِ قدم تي هلي هن شهر کي ان جو حق نه ڏينداسين، تيستائين معاشي انصاف جو هي خواب اڌورو رهندو.
___________________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



