Editor's pickMain Slideثقافت

ھيوسٽن ۾ شاھ لطيف جي پيغام ۽ سنڌي ڪميونٽيءَ جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ

شاھ لطيف انسٽيٽيوٽ آف نارٿ آمريڪا پاران ھيوسٽن ۾ ڪوٺايل گڏجاڻيءَ ۾ شاهه لطيف جي فڪر کي عام ڪرڻ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽيءَ کي درپيش مسئلن تي خيال ونڊيا ويا.

ھيوسٽن: شاھ لطيف انسٽيٽيوٽ آف نارٿ آمريڪا   تازو ھڪ پروقار گڏجاڻي منعقد ڪئي جنھن جا خاص مھمان  فورٽ بينڍ ريپبليڪن پارٽي جو چيئرمين گريگ بارنس، ٽيڪساز اسٽيٽ جو اڳوڻو ريپريزنٽيٽو جيسي جيٽان ۽ ڪين وليمس ھئا.

شاھ لطيف انسٽيٽيوٽ آف نارٿ آمريڪا جي جنرل سيڪريٽري شبير جتوئي شاھ لطيف انسٽيٽيوٽ آف نارٿ آمريڪا جو تعارف پيش ڪندي آيل معزز مھمانن جو تعارف ڪرايو.

معزز مھمانن گريگ بارنس، ٽيڪساز اسٽيٽ جي اڳوڻي ريپريزنٽيٽو جيسي جيٽان ۽ ڪين وليمس کي سانا جي جنرل سيڪريٽري اسد علي شيخ، صدر SLI-NA ڊاڪٽر عيسي ڀرڳڙي ۽ شفقت ڏاھري سنڌ جو ثقافتي اھڃاڻ اجرڪ تحفي طور ڏنو.

ان موقعي تي چيئرمين ۽ باني شاھ لطيف انسٽيٽيوٽ آف نارٿ آمريڪا ۽ تقريب جي ميزبان محمود ڏاھري آيل معزز مھمانن کي ڀليڪار ڪندي کين سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ ۽ اعزازي شيلڊ ڏني.

تقريب  کي خطاب ڪندي چيئرمين ۽ باني SLI-NA محمود ڏاھري چيو تہ شاھ لطيف انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪساس ھميشہ سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاھ لطيف ڀٽائي رحہ جي فن ۽ عظيم فڪر ۽ سندس پيغام کي سموري دنيا تائين پھچائي رھي آھي ۽ اڳتي بہ اھا ڪوشش رھندي تہ سنڌ جي عظيم مفڪر شاھ لطيف رحہ ، سندس فڪر ۽ لطيف جي ماروئڙن جي خدمت ۾ SLI-NA پنھنجو پاڻ ملھائيندي رھندي.

سانا جي جنرل سيڪريٽري، ٽيڪساز جي سنڌي اسد علي شيخ چيو تہ نوجوان  اڳتي اچي پنھنجي ڪميونٽي جي نمائندگي ڪندي، سنڌي ڪميونٽيءَ جا مسئلا ھتان جي سياستدانن ۽ شھرين سان ضرور ونڊين. ۽ آمريڪا ۾ ايندڙ نون سنڌين جي پڻ مدد ۾ پنھنجو پاڻ ملھائجي.

تقريب کي خطاب ڪندي طلعت ٽالپر سنڌي ڪميونٽيءَ کي درپيش مسئلن بابت ويچار ونڊيا ۽ آيل مھمانن کي انھن مسئلن  متعلق نشاندھي ڪرائي.

تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽر عيسي ڀرڳڙي صدر (SL-INA)  آيل معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا. جڏھن تہ محمود ڏاھري چيئرمين (SL-INA) آيل معزز مھمانن کي يادگار  “پروڪليميشن سند” پيش ڪئي.

تقريب کي فھد جوڻيجو ۽ ڪاشف سومري خطاب ڪندي سنڌي ڪميونٽي سان درپيش مسئلن متعلق آيل مھمانن آڏو خيالن جو اظھار ڪيو.

سنڌي ڪميونٽي ھيوسٽن جي دوستن غلام ميمڻ،  شفقت ڏاھري، صديق ڏاھري، فھد جوڻيجو، ڪاشف سومرو، ظھير بلوچ، ممتاز چانگ اصغر پٺاڻ (نائب صدر سانا آمريڪا)، سعيد شيخ، امير ارسلان مَلڪ سميت ڪاروباري شخصيتن، صحافين، اديبن، شاعرن ۽ سنڌي ڪميونٽي وڏي انگ ۾ ھن سرھي سانجھہ ۾ شرڪت ڪئي. (پريس رليز)

____________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button