Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياسياست

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن تي اسلامي جمعيت طلبا جي شرپسندن جو حملو

سنڌي شاگرد سٿ جا پنج ڇھ شاگرد ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪئنٽين تي ويٺا ھئا تہ اسلامي جمعيت طلبا جي ڏھ پندرھن ڇوڪرن اوچتو مٿن حملو ڪري ڏنو، ايس ايڇ او مُبينا ٽائون ٿاڻو

سنڌي شاگرد سٿ جي ڇوڪرن ڀڄي رينجرس ڪئنٽين ۾ پناھ ورتي ۽ 15 تي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس کين حفاظت ۾ وٺي يونيورسٽيءَ کان ٻاھر وڃي رھي ھئي تہ  جمعيت جي ويھ پنجويھ مڇريل ماڻھن پوليس موبائل ۽ سنڌي شاگرد سٿ جي ڪار تي حملو ڪري ڏنو جنھن سان ڪار جا شيشا ڀڄي پيا، پوليس جي موبائل کي بہ نقصان پھتو ۽ پوليس آفيسر زخمي ٿي پيو

ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا جمعيت جي شرپسندن جي سرگرمين تي نہ رُڳو خاموش  رھي آھي پر باھ ۾ تيل وجھڻ جو ڪم ڪري ٿي

رپورٽ فاروق سرگاڻي

ڪراچي، سنڌ

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ھڪ دفعو وري ماضيءَ جي تاريخ ورجائيندي، اسلامي جمعيت طلبا جي شاگردن سنڌي شاگرد سٿ جي شاگردن تي وڏي رٿابنديءَ سان سومر 3 نومبر تي منجهند جو ھڪ وڳي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

نتيجي طور، سنڌي شاگردن ھڪدم 15 تي فون ڪري پوليس کان مدد گھري. اطلاع ملڻ  تي مُبينا ٽائون ٿاڻي مان ٻہ پوليس گاڏيون يونيورسٽيءَ پھتيون، پر ان جي باوجود اسلامي جمعيت طلبا جي شاگردن سنڌي شاگردن تي حملو ڪري ڏنو. حملي دوران پوليس انسپيڪٽر قادر بخش زخمي ٿي پيو.

پوليس اسلامي جمعيت طالبا جي ٻن شاگردن کي حراست ۾ ورتو جڏهن⁠ تہ ٻيا شاگرد ڀڄي ويا. گرفتار ٿيل شاگردن تي ڪيس داخل ڪري کين ٿاڻي ۾ رکيو ويو.

يونيورسٽي جي ڪجھہ شاگردن ٻڌايو تہ گذرل مھيني کان اسلامي جمعيت طالبا ۽ سنڌي شاگرد سٿ جي وچ ۾ مسئلا ھلندڙ ھئا. ڪجھ ڏينھن اڳ نيلم ڪينٽين تي سٿ ۽ جمعيت جي شاگردن جي وچ ۾ ڪنھن ڳالھ تي جهيڙو ٿيو ھو. تنھن کان پوءِ مسلسل سنڌي شاگردن کي يونيورسٽيءَ ۾ جمعيت جي شاگردن پريشان ڪرڻ شروع ڪيو ھو۽ ھڪ ھڪ شاگرد کي اڪيلو ڏسي، ان کي ڊيڄارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ھئي. جمعيت جي شاگردن اھو بہ چيو ھو تہ ايندڙ ٻن سالن ۾ سٿ جي وجود کي ختم ڪنداسين. اھا ڪشمش ھلندڙ ھئي، جنهن ھن مسئلي کي بہ جنم ڏنو.

يونيورسٽيءَ جي انتظاميہ  هميشہ  چاھيو آھي تہ يونيورسٽي مسئلن ۽ تڪرارن جو ڳڙھ رھي ۽ ڪا ترقي پسند سگھاري تحريڪ جنم نہ وٺي. تنھن ڪري، انتظاميا جمعيت جي شرپسندن جي سرگرمين تي نہ رُڳو خاموش  رھي آھي پر باھ ۾ تيل وجھڻ جو ڪم ڪري ٿي.  شاگرد ھڪ ٻئي سان وڙھي اڻ سڌي طرح انتظاميہ جو ساٿ ڏين ٿا.

آڪٽوبر جي مھيني ۾ جڏھن ھڪ شاگردياڻي پوائنٽ بس جي ھيٺان اچي فوت ٿي وئي ۽ سموري يونيورسٽيءَ جا شاگرد احتجاج ڪري رھيا ھئا تہ ان وقت جمعيت جي شاگردن انتظاميہ جو ساٿ ڏنو ۽ عام شاگردن کي ڌمڪايو تہ جيئن احتجاج جو دائرو وسيع نہ ٿي.

ھن مسئلي جي باري ۾ شاگردن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ڏوھہ ڪنھن جو آھي.

KU-Incident-TheAsiaN-4

قانون واري شعبي جي شاگرد اعجاز سولنگي ٻڌايو ته:

”يونيورسٽيءَ جي مختلف هنڌن تي اڄ لڳ ڀڳ سئو جي ويجھو ڇوڪرا ڏنڊن، موٽر سائيڪل جي زنجيرن ۽ هيليمٽن سان موجود هئا. جڏهن اسان کي خبر پئي ته مھراڻ سولنگيءَ کي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن ته اسان رينجرز هيڊ ڪوارٽر ڏانھن ڀڳاسين، پر رينجرز جي اهلڪارن اسان جي حفاظت کان انڪار ڪري ڇڏيو.“

قانون واري شعبي جي ھڪ ٻئي شاگرد معشوق سنائي ٻڌايو ته:

”جڏهن پوليس اسان کي ٿاڻي تي وٺي پي وئي، ۽ اسان پنهنجي ڪلاس ميٽ رضا شر جي ڪار ۾ ويٺاسين تڏهن جمنيزيم چوڪ وٽ اسلامي جمعيت طلبا جي شاگردن حملو ڪري ڪار جا شيشا ڀڃي ڇڏيا ۽ ٻيو بہ نقصان رسايو.“

شاگردن جي مختلف حلقن موجب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اسلامي جمعيت طلبا جا شاگرد عام شاگردن کي حراسان ڪري رهيا آهن، جن ۾ سنڌي شاگرد خاص نشاني تي آهن ۽  مختلف بھانن سان مٿن حملا ڪيا وڃن ٿا. ان جا گهڻا ئي سبب آھن ڇو تہ سنڌي شاگرد سيڪيولر روايتن جي پاسداري ڪندا آھن ۽ ھاڻي انھن ڪراچي شھر جي مالڪي ڪرڻ شروع ڪري ڏني آھي. تنهن ڪري رجعت پرست شاگردن تنظيمن کي اھو خطرو آھي تہ متان سنڌين جي سوچ ڪراچيءَ جي نئين نسل کي سيڪولر ۽ ترقي پسند نہ ڪري، جنھن سان سندن رجعت پرستيءَ جي سياست ختم ٿيندي.

ٻئي پاسي مُبينا ٽائون ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي پڌرائيءَ موجب 3 نومبر تي منجھند جو سنڌي شاگرد سٿ جا پنج ڇھ شاگرد ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وِي ايس ڪئنٽين تي ويٺا ھئا تہ اسلامي جميعيت طلبا جي ڏھ پندرھن ڇوڪرن اوچتو مٿن حملو ڪري ڏنو. سنڌي شاگرد سٿ جي ڇوڪرن اُتان ڀڄي رينجرس ڪئنٽين ۾ پناھ ورتي. سنڌي شاگرد سٿ وارن 15 تي پوليس کي اطلاع ڏنو تہ پوليس ھڪدم پھتي ۽ کين پنھنجي حفاظت ۾ وٺي يونيورسٽيءَ کان ٻاھر وڃي رھي ھئي تہ انھيءَ وچ ۾ اسلامي جمعيت طلبا جي ويھ پنجويھ مڇريل ماڻھن پوليس موبائل ۽ سنڌي شاگرد سٿ جي ڪار تي حملو ڪري ڏنو جنھن سان ڪار جا شيشا ڀڄي پيا. پوليس جي موبائل کي بہ نقصان پھتو ۽ پوليس آفيسر زخمي ٿي پيو. پوليس موقعي تان جمعيت جي ٻن شاگردن مصعب ولد اقبال ۽ نعيم ولد اقبال  حراست ۾ ورتو. پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو تہ پھرين آڪٽوبر 2025 تي بہ ٻنھي ڌرين ۾ چڪريون لڳيون ھيون ۽ ٻنھي ڌرين جا ڪجھ ڪارڪن زخمي ٿيا ھئا. ٻنھي تظيمن ٿاڻي تي ايف آءِ آر درج ڪرائي ھئي.   

___________________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

  1. وڏا ڪميڻا آهن سائين…
    جمعيت، سنڌي شاگردن سان ساڙيلي روش رکي ٿي. سنڌ سرڪار کي گُهرجي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ اندر سنڌي شاگردن کي مڪمل تحفظ ڏئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button